اليۡٽرانڪس جو هڪ ٻيو اهم ۽ بُنيادي پُرزو (ڪمپونينٽ) ڊائيوڊ (ٻه ٽنگو) توهانکي خبر آهي ته مٽيريل ٽن قسمن جا ٿيندا آهن۔ هڪ پسرائيندڙ (ڪنڊڪٽر)، ٻيو غير پسرائيندڙ ، جهڙوڪ، لوهه ٽامون، پتل، جست، هن مان ڪرنٽ وهي سگهي ٿو ۽ ٻيو(انسيوليٽر) يعني غير پسرائيندڙ جهڙوڪ رٻڙ، ڪاٺ وغيره هن مان ڪرنٽ گُذري نه سگهندو آهي ۽ ٽيون (اڌ پٿرائيندڙ) يعني سيمي ڪنڊڪٽر۔ هن مان ڪرنٽ کي وهائڻ لاِ هڪ خاص حد جو وڌائڻ لازمي آهي نه ته هي انيسوليٽر وانگر هوندو۔ مطلب تي سيمي ڪنڊڪٽر هڪ اهڙو مٽيريل آهي (جهڙوڪ سليڪان (دريا جي واري ۾ هڪ چمڪندڙ حصو) ۽ جرمينيم۔ ائين کڻي چوان ته سيمي ڪنڊڪٽر هڪ اهڙو ڌاتو آهي جنهن جي اليڪٽريڪل پراپرٽي ڪنڊڪٽر ۽ انسيوليٽر جي وچ واري هوندي آهي۔
سليڪان يا جرمينيم ڌااتن (سيمي ڪنڊڪٽر مٽيريل) مان ڊائيوڊ ٺاهڻ لا يا اليڪٽرانڪ ڪرنٽ وهائڻ لا اسان کي هڪ ٻيو قسم جي اليڪٽريڪل پراپرٽي واري مٽيريل کي مڪس ڪرڻو هوندو آهي ۽ ان عمل کي (ڊوپنگ) چئبو آهي۔
ڊوپنگ ٻن قسمن جي هوندي آهي۔ هڪ اين ٽائيپ ته ٻي پي ٽائيپ۔اچو ته سليڪان واري سيمي ڪنڊڪٽر جي ۾ ڊوپنگ سمجهون۔ اين ٽائيپ ڊوپنگ : هن قسم جي ڊوپنگ ۾ سليڪان مٽيريل ۾ فاسفورس يا ارسينڪ ملائي ويندي آهي اها ڊوپنگ ڪوانٽتي جي لحاظ کان سليڪان جي حصي جي بلين حصي موجب ملائبي آهي۔ توهانکي خبر آهي ته فاسفورس ۽ ارسينڪ جي آئوٽر شيل ۾ 5 اليڪٽران هوندا آهن۔ تنهنڪري اُهي ڊسپليسڊ ٿي ويندا آهن جڏنهن انهن کي سليڪان جي لاٽس ۾ ملائبو آهي۔ پنجي اليڪٽران کي بانڊ ٺاهڻ لاِ ڪُجهه نه ملندو آهي ان ڪري هڪ رولُو وانگر هو چوڌاري اڪيلو اڪيلو ڦرندو رهندو آهي، بس پو ان رولو اليڪٽرانڪ کي جتي به هڪ معمولي قسم جي اميورٽي ملندي آهي هو جاِ وٺي وهندو اهي، بس پو ڇا ٿيندو آ جو اهو فري اليڪٽران(ڪرنٽ) سليڪان مان وهڻ شروع ٿي ويندو آهي۔ جيئن ته اليڪٽرنس تي نگيٽو چارج ٿيندي آهي اُن ڪري ان کي اسان پي اين ٽائپ مٽيريل چوندا آهيون۔ پي ٽائيپ ڊوپنگ : هن عمل ۾ وري بورون يا گيليم کي هڪ خالص سليڪان ۾ ملايو وڃي ٿو، توهان کي خبر آهي ته گيليم ۽ بورون جي آئوٽر شيل ۾ ٽي اليڪٽران هوندا آهن۔ جڏنهن هنن کي سليڪان اسٽرڪچر ۾ ملائبو آهي ته اُهي ليٽس ۾ هول (سوراخ) ٺاهيندا آهن۔ جنهن ۾ وري سليڪان اليڪٽران کي بانڊ ڪرڻ لاِ ڪُجهه به نه هوندو آهي۔ ان اليڪٽران جي غير حاضري (ايبسنس) پازيٽو چارج جو اثر پئدا ڪندي آهي جنهنڪري اسان هن کي پي ٽائيپ چوندا آهيون۔ هولس يا سوراخ ڪرنٽ کي ڪنڊڪٽ ڪن ٿا هول يا مادي حصو اليڪٽران يا نر حصي کي پاڙي مان جهپي آرام سان قبول ڪري وٺي ٿ
هاڻ توهان سمجهي ويا هوندا ته ڊائيوڊ ڪنهن سيمي ڪنڊڪٽر ۾ مختلف ڊوپڊ ڊ ليئرس جي مٽيريلس کي ملائي ٺاهيا وڃن ٿا هڪ ڊوپڊ مٽيريل هوسليڪان اين ٽائيپ ۽ ٻيو هو سليڪان پي ٽائيپ۔ مٿئي شڪل ۾ ڏسو جڏنهن ٻنهين ليئرس کي جوڙيو ويو ته هڪ وچ واري ايريا ملي جنهن لي جنڪشن چئبو آهي۔ هي پي اين جنڪشن سڏبو۔ پي ٽائيپ مٽيريل وٽ هڪ وڌيل واڌو چارجڊ ڪيريئر آهي ته اين ٽائيپ مٽيريل وٽ هڪ وڌيل ڪاٽو چارج آهي۔ ڊپليشن ليئر: هنن ليئرس جي وڌ ۾ جتي پي ۽ اين مٽيريل ملن ٿا (رنگن سان ظاهر ڪيل آهي) اُتي هولس (مادي) ۽ اليڪٽران (نرُ) ملي وڃن ٿا هتي ايڪسيس اليڪٽران، ايڪسيس هولس کي ملي، نيوٽرل ڪري ڪٽين ٿا ته هڪ ته وچ ۾ هڪ سنهڙو (پتڪڙو) پئدا ٿي پوي ٿو جنهن ۾ يا ته پازاٽو چارج يا وري نگيٽو چارج هوندي آهي۔ هن کي ڊپليشن ليئر چئبو آهي۔
ڊپليشن ليئر ۾ جيئن ته ڪو چارج ڪيريئر نٿو بچي تنهنڪري ان جي چوڌاري ڪرنٽ به ڪونه وهڻ لڳندو۔ پر جڏنهن جنڪشن جي گرد وولٽيج اپلا ڪبا ته پي ٽائيپ (اينوڊ) پازيٽو ٿي ويندو ۽ اين ٽائيپ (ڪيٿوڊ) نگيٽوِ۔ ۽ خبر اٿئون ته نگيٽو اليڪٽرانڪس پازيٽو انوڊ طرف ڇڪ ڪندا آهن ته ڪرنٽ جو وهڪرو شروع ٿي ويندو آهي۔ مطلب ته هاڻ توهان سمجهيو هوندو ته ڊائيوڊ هڪ ون وي روڊ آهي جنهن جي هڪ طرف کان وڃي ته سگهجي ٿو پر ٻئي ڀرف کان اچي نٿو سگهجي۔ باقي ڊائيوڊ واري مضمون ۾ تفصيل اڳئي ڏنل آهن۔