Sindhi Media
سينيئر رڪن
اچو ته چيپ اسٽڪ جي خالي خول ۾ ايل اي ڊي ٽارچ ٺاهيون
ختم يا غير استعمال چيپ اسٽڪ جي پُرزن کي هن ريت کوليو۔

ختم يا غير استعمال چيپ اسٽڪ جي پُرزن کي هن ريت کوليو۔
سائين مٺا ٽانڪو هڻڻ ايترو مشڪل نه آهي سو کن ۾ ڪاويو ملي ويندو جيڪو ڪافي عرصو توهان جو ساٿ ڏيندو باقي سولڊرنگ تار 20 کن جي سا به ڪافي ٽانڪن ۾ ڪم ڏيندي اهڙي طرح ان لاء هڪ ننڍو پاڪيٽ پيسٽ يا رانجهن جو ملندو ٿوري ۾ ڪم ٿي ويندو ۔ مون وٽ اهو سڀ سامان آهي۔سائين توهان اسان جي سوال کي منفي پهلو ۾ سوچي ورتو منهنجي ڪابه اهڙي نيت نه هئي جنهن مان تنقيد مراد هجي
آئون ته پاڻ اليڪٽرونڪ ۾ اناڙي آهيان انڪري توهان کان پڇي ورتم ۔۔۔۔۔تجربي جي لا سوچيو هئم ڇاڪاڻ جو هتي ڪنهن شاپ تان هڪ تارو جي ٽانڪو به ايترو مهنگو پوندو آهي جو ڄڻ ڪرنٽ لڳي ويو هجي ۔۔۔۔۔۔گذريل ڏينهن ۾ ڪميوٽر اسپيڪر جون تارون نڪري ويون ته دڪان واري صرف انهن کي اليڪٽرونڪ ٽانڪو هڻڻ جي لا ٽي سئو گهري ورتا ۔۔۔۔۔تڏهن سوچيم ته بنيادي
شيون انسان کي اچڻ گهرجن ته جيئين اهڙي ڪنهن موقعي تي بليڪ ميل ٿيل کان بچي وڃجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
اسان کي ته توهان جا اهي تربيتي ٿريڊ پڙهي خوشي ٿيندي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔
ٻيهر معذرت خواهه آهيان جو توهان کي منهنجو سوال تنقيد لڳو ۔۔۔۔۔۔۔