تنهنجي ڳالھ ٻڌم، تنهنجو مان رکيم، تو سان پيچ پاتم، تو سان پيار ڪيم. تو سان نينهن لا تم، ڏکيا ڏينهن ڏٺم، جهڙا جيئن چيئي، تهڙا تيئن ڪيم. تنهنجي موٽ ڏٺم، تو ۾ کوٽ ڏٺم، وڏي چوٽ کاڌم، ٽيڻي ٽوٽ کاڌم. ويهي سوچ ونڊيم، ڪهڙو ڪم ڪيم، نچي ناچ نچيم، رلي يار ويم. نه ڪي نذير نيم، نه ڪي نيڻ کنيم، جهڪي جهول جهليم، ٻڏي ٻول ٻڌم.