جيـڏي وڏي سـوچ تيڏي وڏي ڪاميابي

'تاريخ، فلسفو ۽ سياست' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌيڪا اڪيڊمي جو نوجوانن جي شعور ۽ ترقي جي واڌاري لاء ڇاپيل ڪتاب جيڏي وڏي سوچ تيڏي وڏي ڪاميابي اوهان اڳيان پيش آهي۔ هن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر ڊيوڊ جوزف شيوارڊز آهي جڏهن ته سنڌيڪار
    خالد ڀٽي ۽ نياز مسرور آهن۔

    هي ڪتاب سنڌيڪا جي ويب سائيٽ تان ڊائونلوڊ ڪري اوهان سان شيئر ڪري رهيا آهيون۔​


     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    ڇا اهي ماڻهو اوهان کان پنج ڀيرا وڌيڪ، يعني پنجوڻ تي سگھارا ۽ چست آهن؟ ڇا اهي اوهان کان پنجوڻ تي وڌيڪ محنت ڪن پيا؟ جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ ڪهڙو ڪم آهي جيڪو اهي ڪن ٿا ۽ اوهان نه ٿا ڪريو؟ ڇا اوهان اهو سڀ ڪجھ نه ٿا ڪري سگھو؟
    هي ڪتاب لکن جي تعداد ۾ وڪرو ٿيو آهي. هن ڪتاب جي ليکڪ ڊاڪٽر ڊيوڊ جوزف شيوارڊز اسانکي هن ڪتاب ۾ ٻڌايو آهي ته اهي ماڻهو انهيءَ ڪري ٻين کان الڳ آهن، جو اهي ٻين کان پنجوڻ تي وڌيڪ سوچ رکن ٿا.
    اسان جيڪو ڪجھ پاڻ بابت محسوس ڪندا آهيون، اسان ان کان به گھڻو ڪجهه وڌيڪ هوندا آهيون. سوچ جي حوالي سان اسان جيڪو ڪجھ پنهنجي چوڌاري ڏسون ٿا، اهو اسان جي سوچ جو تمام ٿورڙو حصو آهي نه ڪي تمام گھڻو.
    هن ڪتاب جي تحقيق جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر شيوارڊز ڪيترن ئي ماڻهن سان گفتگو ڪئي، جيڪي پنهنجن شعبن ۾ تمام اعليٰ سطح تي پهتل هئا. انهن ڊاڪٽر شيوارڊز کي ٻڌايو ته هنن جي ذاتي ڪاميابيءَ جو محرڪ سندن ڪاميابيءَ کي ماڻڻ جي خواهش هئي. ڪاميابي جي لاءِ ضروري ناهي ته بنيادي طور تي اوهان جا ذاتي حالات بهتر هجن يا اوهان تمام گھڻا ذهين ۽ هوشيار هجو. بلڪه ڪاميابيءَ لاءِ ضروري آهي ته اوهان ٿيڻ ڇا ٿا گُهرو؟
    مطالعي جا شوقين هن ڪتاب کي ضرور پڙهن. يقيناً هن ڪتاب ۾ پيش ڪيل خيال ۽ نظريا واضع طور تي اوهان جي شخصي نکار (self improvement) ۾ نهايت ئي مددگار ثابت ٿيندا.
    وڏي سوچ وڏي ڪاميابي هڪ ”پنهنجي مدد پاڻ“ (self help) وارو بهترين سبق آهي. هن ۾ ڏنل پيغام نهايت ئي سگھارو آهي. هن ڪتاب ۾ بنيادي طور تي ٻڌايو ويو آهي ته اوهان کي پوري ڌيان سان پنهنجي صلاحيت کي ڪتب آڻيندي، اڳتي وڌڻو آهي. انهيءَ سان اوهان جي آمدني ۾ واڌارو ٿيندو، اوهان جا خواب ساڀيان ٿيندا. اهي خواب جيڪي اوهان اکين ۾ پوکيا آهن، سي حقيقت بڻبا ۽ اوهان جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪندا.
    هي ڪتاب اسان کي ٻڌائي ٿو، ته اسان کي ڪيئن سوچڻ گھرجي؟ هن ڪتاب جو ليکڪ اسان کي ٻڌائي ٿو، ته اسان کي اسان جي ڪوشش جا مادي فائدا ضرور حاصل ٿين ٿا.
    اسان کي روزانو اڪيلائي ۾ پاڻ سان گڏ، ڪجھ وقت ضرور گذارڻ گھرجي ۽ پرسڪون ۽ ٿانيڪو ٿي پنهنجن منصوبن متعلق غور ۽ فڪر ڪرڻ گھرجي. اسان کي صحيح ۽ مثبت سوچڻ جي سئو سيڪڙو عادت اپنائڻ گھرجي. خارجي طور تي اسان جا عمل اسان جي سوچ جي آڌار تي ئي ٿين ٿا.
    عمل، سوچ جي تابع هجي ٿو، جيئن رهنمائي ڪندڙ ماڻهو اڪيلائيءَ ۾ پنهنجي اعليٰ سوچ کي نهايت سگھارو بڻائن ٿا.
    يقين جي قوت ڪو ڳجھو راز ناهي، پر اسان کي خواهش ۽ يقين ۾ فرق ڪرڻ گھرجي.
    شڪ ڪاميابي نه حاصل ڪرڻ جي سببن کي جنم ڏيندو آهي. جڏهن ته يقين ڪاميابيءَ جي واٽ ڳولهي لهندو آهي. ڊاڪٽر شيوارڊز يقين جي قوت بابت چوي ٿو، ته ”يقين هڪ اهڙي قوت ۽ سگھ آهي، جيڪا اسان جي زندگي جي مقصدن کي ماڻڻ ۾، انهن مقصدن جو تعين ڪندي آهي“.
    هي ڪتاب ڪيترن ئي ماڻهن جي لاءِ”سوني سِرَ“ جو درجو رکي ٿو. هي ڪتاب ڪيترن ئي ماڻهن کي ”پنهنجي مدد پاڻ“ (Self Help) جي تحت، سندن زندگيءَ جي جمود کي ٽوڙي ڪري، انهن کي آزاديءَ سان همڪنار ڪري چڪو آهي ۽ اهي ماڻهو ڪاميابيءَ جي بلندين تي پهتا آهن.
    خالد ڀٽي/نياز مسرور۔۔۔۔۔۔جيـڏي وڏي سـوچ تيڏي وڏي ڪاميابي ڪتاب کان کنيل
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مظفر

    مظفر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2014
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    113
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    بيلفيلڊ ، جرمنی
    محترم هي ڪتاب بهترين آهي. ڏاڍو پسند آيو اميد ته ان قسم جا وڌيڪ ڪتاب هن فورم جي زينت وڌائيندا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو