شاهين لطيف ، سنڌي ،
سينيئر رڪن
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين پنھنجي بيان ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم ھڪ سنڌ دشمن بين الاقومي ايجنٽ ٽولو آھي جيڪو سنڌ ۾ ڌار صوبو قائم ڪرڻ جي ڳالھ ڪري رھي آھي ايم ڪيو ايم مختلف وقتن تي اھڙيون ڳالھيون ڪندي رھي آھي اسان شروع ڏينھن کان چيو آھي ته ايم ڪيو ايم جي سنڌ کي ٽوڙڻ کان سواءِ ٻي ڪابه ايجنڊا ناھي، ھن چيو ته الطاف حسين حيدرآباد ۾ جلسي ۾ شھري صوبي واري ڳالھ ڪري اھو ثابت ڪري ڇڏيو آھي ته ھو سنڌ جي اندر نفرتون ڦھلائي نسلي بنيادن تي فساد ڪرائڻ چاھي ٿو، ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ اسان جو مادر وطن آھي ان جي وجود تي اسان ڪوبه وار برداشت نه ڪنداسين، ھن چيو ته سنڌ جي تخليق خدا جي تخليق آھي جنھن کي ڪنھن انسان ناھي ٺاھيو سنڌ ۾ رھندڙ ساڍا چار ڪروڙ سنڌي ماڻھو پنھنجي سرن سان ڪفن ٻڌي پنھنجي ڌرتي جي دنگن جي حفاظت ڪندا ان لاءِ اسان ھر قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آھيون ھن چيو ته سنڌ اسان جو تاريخي وطن آھي ان جون سرحدون اسان کي پنھنجي جان کان وڌيڪ عزيز آھن ايم ڪيو ايم کي سرڪاري قوتن جي پشت پناھي حاصل آھي جيڪي مختلف وقتن تي ايم ڪيو ايم جي پروش ڪنديون طاقتور بنائينديون رھن ٿيون پر اھا سندن ڀل آھي ته اھي چنڊ دھشتگردن جو ٽولو سنڌين کان سندن مادروطن کسي ويندا . ھن چيو ته اسان سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو سندن اھڙن ناپاڪ ارادن خوابن کي مٽي ۾ ملائي دفن ڪري ڇڏينداسين. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻھن کي ھاڻي سڄاڳ ٿيڻ گھرجي دوست ۽ دشمن جو تعين ڪري پنھنجي ڌرتي جي بقاءِ جي جدوجھد ۾ ميدان ۾ نڪرڻو پوندو. سنڌ جو جاگيردار سدائين اقتدار جي بک ۾ سنڌ دشمن قوتن جو ساٿاري رھيو آھي انڪري ھاڻي سنڌي ماڻھن کي قومپرستن جو ساٿاري بنجي پنھنجي ڌرتي کي بچائڻو پوندو. ڊاڪٽرقادر مگسي چيو ته اسان سمجھون ٿا موجوده وقت ۾ سموريون سنڌ دشمن قوتن سنڌ دشمن فيصلا سنڌ مٿان مڙھڻ لاءِ گڏ ٿي چڪيون ان کان اسان غافل ناھيون، اسان پنھنجي ڌرتي جي بقاءِ جي جنگ لاءِ مڪمل تيار آھيون