الطاف حسين پاران صوبي جو مطالبو!!!؟؟

'راءِ شماري' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2014۔

?

الطاف حسين پاران الڳ صوبو ٺاهي ڏيڻ وارو مطالبو هن وقت سامهون اچڻ جي پٺيان ڇا آهي؟

  1. سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ?

    9.5%
  2. پرويز مشرف ڪيس تان ميڊيا ۽ عوام جو ڌيان هٽائڻ

    23.8%
  3. بلدياتي اليڪشن ۾ وڌيڪ سيٽن لا بليڪميلنگ

    42.9%
  4. مٿين مان ڪوئي به نه

    23.8%
  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    توهان ڇا ٿا سمجهو ته الطاف حسين پاران الڳ صوبو ٺاهي ڏيڻ وارو مطالبو هن وقت سامهون اچڻ جي پٺيان ڇا آهي؟
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    الطاف حسين نه صرف الڳ صوبي جي گهر ڪئي آهي پر هن الڳ ملڪ جي ڌمڪي پڻ ڏني آهي۔۔۔

    ڏسون ته وفاقي حڪومت ان ڌمڪي جو ڪهڙو جواب ٿي ڏئي ۔۔۔ جيڪو غداري جي زمري ۾ اچي ٿو۔ جيڪڏهن اها ڳالهه ڪو سنڌي يا بلوچ ڪري ته ان کي جواب ۾ گولي ۽ جيل ملن ٿا۔

    ان ڌمڪي جو ٻيو مقصد حڪومت ۾ شامل ٿيڻ پڻ آهي ۔۔۔ ڪيڏو نه تضاد آهي جو هو حڪومت ۾ به آهن ۽ سندن ئي گورنر به موجود آهي پر پوء به ايڏو وڏو ڍونگ ۔۔۔۔

    هڪ ٻيو ۽ اهم مقصد جهيڙو ڪرائي ، ميڊيا جي توجهه هٽائي پرويز مشرف ڪيس تان ڌيان هٽائڻ پڻ آهي۔
     
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    اهي سڀ مقصد انهن جي ان گنڊاگردي ۾ هوندا۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Ghulam Murtaza

    Ghulam Murtaza
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جولائي 2009
    تحريرون:
    63
    ورتل پسنديدگيون:
    243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سافٽوئير انجنيئر
    ماڳ:
    بدين
    پنجون آپشن مقصد آهي۔
    هِڪ ڌق سان سڀ شِڪار
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    الطاف جي مٿان جيڪا اسڪاٽلينڊ يارڊ وارن جي ڇري ٽنگيل آهي، ان جو وار جلدي سندس مٿان ٿيڻ وارو آهي،
    ايترو وقت حڪومتن ۾ شموليت ڪري مهاجرن جو نعرو هڻي پيٽ ڀري کائڻ تي مهاجر قوم به ايم ڪيو ايم کان بد ظن ٿي وئي هئئ، هاڻي انهن جي حقن جي لاءِ ٻيو صوبو گهرڻ ئي اهو آخري آپشن آهي جنهن سان ايم ڪيو ايم جي ريٽنگ وڌي سگهي ٿي۔
    الطاف هن هڪ مطالبي سان ڪيترا ئي مسئلا حل ڪري ورتا آهن
    1 پنهنجي پارٽي ۾ ٺهيل فارورڊ بلاڪن لاءِ رستو بند ڪري ڇڏيائين۔
    2 مهاجرن ۾ سندس واهه واهه ٿي وئي۔
    3 مشرف کي به مهاجر ڄاڻائي ان جو پاسو کڻي رهيو آهي،
    4 پي پي حڪومت کي تنگ ڪري رهيو آهي،
    5 ان کان علاوه ارباب رحيم جهڙا ”سنڌي“ ساڻ ڪري قومپرستن کي به چريو ڪري رهيو آهي، جنهن سان سنڌي پنهنجي قومپرستن مان بدظن ٿي وڃن
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. وهاب جروار

    وهاب جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    154
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    حيدر آباد
    الطاف حڪومتن کي بليڪ ميل ڪرڻ، پنهنجن مقصدن کي ماڻڻ ۽ ميڊيا ۾ زندهه رهڻ لا وقت بوقت اڍنگيون ڳالهيون ڪندو رهندو آهي ۽ پو وري معافي وٺڻ ۾ به هوشيار آهي ،سنڌ جو ورهاڱو هنن جو پراڻو خواب آهي،جيڪو ڪڏهن به پورو نه ٿو ٿي سگهي،عدالتون صرف هڪڙي جڻي جي قتل ڪيس جي جوابدار شاه رخ جتوئي کي پرڏيهه مان ڏيهه آڻڻ لا وقت جي حڪومت ۽ پوليس لا تر تپائي ڇڏي ٿي ته سوين قتل ڪيسن جي جوابدار ۽ ڪراچي کي لنڊن مان ڏور ذريعي هلائيندڙ الطاف کي گهرائي کيس سزائون ڇو نه ٿيون ڏين؟؟؟؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سجاد علي خاصخيلي

    سجاد علي خاصخيلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2013
    تحريرون:
    76
    ورتل پسنديدگيون:
    133
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    هڪ سٺي نوڪري جي ڳولا
    ماڳ:
    نواب شاه
    اسان سنڌين جو اهو حال رهيو ته مهاجر پنهنجو صوبو ضرور وٺي ويندا........ مون کي وهاب جروار جا لکيل لفظ سٺا لڳا...... (عدالتون صرف هڪڙي جڻي جي قتل ڪيس جي جوابدار شاه رخ جتوئي کي پرڏيهه مان ڏيهه آڻڻ لا وقت جي حڪومت ۽ پوليس لا تر تپائي ڇڏي ٿي ته سوين قتل ڪيسن جي جوابدار ۽ ڪراچي کي لنڊن مان ڏور ذريعي هلائيندڙ الطاف کي گهرائي کيس سزائون ڇو نه ٿيون ڏين؟؟؟؟)
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رشيد الدين

    رشيد الدين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 اپريل 2014
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ****جي ضرورت اٿس **** کي.
    الطاف **** تي *****ئي کوِڙ آ.
    ٻيهر سنڌ جو نالو کيئين ت مهاجرن کي ***** هڻبو.
    *****آ ايم ڪيو ايم تي ء ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي.
     
  9. جمال محمود کهڙو

    جمال محمود کهڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2014
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    ذاتي ڪاروبار، آبادگار،
    ماڳ:
    سوڀوديرو
    الطاف سنڌ جو سڀ کان وڏو دشمن اهي، هي ماڻهون سدائين سنڌ کي نقصان پهچائڻ جي پويان هوندو آهي پر افسوس اسان جا ڪجه دوست پهنجي ذاتي مفادن ڪري سندس پويان آهن.
     
  10. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نيت بد روٽي رد . انهن جا گهڻائي مقصد آهن جن ۾ اهي به شامل آهن .پر ماڻهن جا سڀيئي مقصد هڪ وقت پورا ڪو نه ٿي سگهندا آهن . اهي بليڪ ميلر ، دغا باز ، ڍنڍورچي،مطلبي ۽ حد درجي مڪار ۽ منافق آهن ،جن 1947 ع کان وٺي اهي سڀ طريقا استمعل ڪري پنهنجا پيٽ ڀريا آهن ۽ اڃان ويٺا رڙيون ۽ رينگٽ ڪن .
     
  11. مظھر علي عباسي

    مظھر علي عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا الطاف جو مقصد نئون صوبو ئي آھي ھو وڏي پلاننگ سان ڪم ڪري رھيو آھي، اسان کي ھاڻي ھڪ مٺ ٿيڻو پوندو نہ تہ وقت وڃڻ کانپوءِ رڳو پنھنجو سٿرون ڪٽي گھوڙا گھوڙا ڪندا رھندا سين۔
     
  12. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پهريون نئون صوبو ۽ ان کان پو هڪ نئين اسرائئيل جي ٺاهڻ گهرن ٿا سائين
     
  13. مظھر علي عباسي

    مظھر علي عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    ڪراچي
    عبدالڪريم صاحب توهان اسرائيل کي ڪهڙي نظر سان ڏسو ٿا... اسرائيل تي اصل حق ڪهڙي ڌر جو آهي؟؟؟
     
  14. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان خطي ۾ سڀ کان پهريائين حضرت ابراهيم عليه سلام کي نبوت ملي ، ان کي ٻه گهرواريون هيون ،انهن مان هڪڙي گهرواريءَ جي فرمائش تي ٻي گهر واريءَ کي مڪي شهر ۾ ڇڏي آيو،جنهن مان حضرت اسمائيل عليه سلام جن پيدا ٿيا ۽ سندس ٻي گهرواريءَ مان حضرت اسحاق عليه سلام جن پيدا ٿيا . سواءِ حضرت محمد عليه سلام جن جي ٻيا سڀ نبي حضرت اسحاق عليه سلام جي نسل مان آهن ۽ حضرت موسى عليه سلام يهودي يا بني اسرائيل قوم مان هيو ۽ سموري يهودي قوم جي ماڻهن کي مصر جي فرعونن پنهنجو غلام بنائي رکيو هو ۽ حضرت موسى عليه سلام بغاوت ڪري فرعونن کان اسرائيلن کي آزادي ڏياري واپس انهي خطي تي آباد ڪيو هو . آخر ۾ حضرت اسمائيل عليه سلام جي نسل مان حضرت محمد عليه سلام جن پيدا ٿيا ۽ قريش خاندان جويهودي خاندان سان اصل سوٽاڻو رشتو هيو. اسلامي قوت وڌڻ ڪري گهڻا يهودي ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو مسلمان ٿيا ۽ ٿورا يهودي پنهنجي اها سرزمين ڇڏي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڃي آباد ٿيا ۽ پنهنجي اصلي سرزمين کي وساري ويٺا . جرمنيءَ ۾ ائين شرارتون ڪرڻ لڳا جينئن سنڌ ۾ ايم.ڪيو.ايم وارا ڪري رهيا آهن . هٽلر جڏهين اقتدار ۾ آيو ته ان يهودين کي ايترو ته ماريو جو انهن کي پنهنجي هزارين سالن کان وساريل ڌرتي ياد اچڻ لڳي . پوءِ آمريڪا ، برطانيه ۽ رشيا وغيره انهن جي مالڪي ڪري واپس فلسطين تي آبادڪاري ڪرائي ،جينئن سنڌ ۾ هٿرادو ۽ مصنوئي ڌارين آبادڪاري ڪرائي ٿي وڃي . انهن ڏينهن ۾ فلسطيني اسان سنڌين وانگر ايترا ته سادا ۽ لالچي نڪتا جو رنن ۽ ڏوڪڙن تي پنهنجو زمينون سستي اگه تي يهودين کي وڪڻندا رهيا . جڏهين يهودي فلسطينن جي برابر ٿيا ته کڻي موچڙي ۾ هٿ وجهي ڌڪي کڻي ٻاهر ڪڍيائون، جيڪي هن وقت تائين دربدر آهن . انهيئي سرزمين تي انهن سني نبين ،جن جا نالا قرآن شريف ۾ ذڪر ڪيا ويا آهن جي قومن ۽ امتن جي وڏڙن جا هڏا دفن ٿيل آهن . پر اسلام جي اچڻ کان وٺي اها سرزمين فلسطينن جي قبضي ۽ استعمال ۾ رهي آهي ۽ يهودي ان کي وساري ويٺا هئا . اصل اهي اها ڪهاڻي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو