جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل

'شيخ اياز' فورم ۾ علي سرواڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2010۔

  1. علي سرواڻ

    علي سرواڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آگسٽ 2009
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Engineer
    ماڳ:
    Karachi
    جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل! هي ڏينهن به گھاري وينداسين،
    ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ! ڏونگر ڏاري وينداسين۔

    ڪنهن لاءِ تڪين تو ڪانڌيءَ تان، ٻي ٻيڙي ڪابه نه اچڻي آ،
    جي تون به اچين او وڻجھارا! توکي به اُڪاري وينداسين۔

    درياھ اندر جا دهشت آ، ڪنهن وقت قيامت ٿي ويندي،
    تون مان ته رڳو هن سنڌوءَ تي، ڪا لهر اُڀاري وينداسين۔

    ڪا جھِرمِر جھِرمِر جگنوءَ جي، ڪا ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم تاري جي،
    گھنگھور گھَٽا جو گھيرو آ، ڪنهن جي ته سهاري وينداسين۔

    آ مرڻو هر هڪ ماڻهوءَ کي، پر آئين نه مرنداسين ساٿي،
    ڪا آگ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين۔

    تون آءُ ته اوريون او راڻا، ڇو جيءُ سهي هي جھوراڻا،
    تون ڇا کان ڇرڪين ٿو راڻا! اڄ ڪاڪِ ڪناري وينداسين۔

    ڇو گھٻرائين ٿو ڪوٽ ڏسي، هي اُوچي اُوچي اوٽ ڏسي،
    زندان اڏائي وينداسين، زنجير پِگھاري وينداسين۔

    تنهن وقت به مون هي ڄاتو هو، هي ڪاريهر سان ناتو هو،
    جي ساٿي ساٿ سڃاتو هو، هي مارِي ماري وينداسين۔

    تون ڪر، جو تو کي ڪرڻو آ، هي دور به نيٺ گذرڻو آ،
    ڪنهن وقت ڏهيسر مرڻو آ، بنواس گذاري وينداسين۔

    شيخ اياز​
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل

    سائين سرواڻ، محترم اياز جي هن گيت جو هڪ هڪ لفظ هڪ انقلاب آهي ۔۔۔ هڪ اميد آهي ۔۔۔ هڪ آسرو آهي ۔۔۔ هڪ اونهي ڳالهه آهي ۔۔۔ هڪ ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي تارڻ جو راز لڪل آهي ۔۔۔ سندس هن گيت تي جيڪر جيترو به لکجي گهٽ آهي ۔۔۔

    مهرباني دوست! ڪاش اسين سڀ ان راز کي سمجهي سگهون ۽ انڌا اونڌا ويڄ ڪرڻ جي جاءِ تي ڪا سهي راهه وٺون ۽ منزل ماڻيون ۔۔۔

    پر افسوس ! جي جيءَ کي جيئارين سي لاهوتي لڏي ويا ۔۔۔
     
  3. علي سرواڻ

    علي سرواڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آگسٽ 2009
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Engineer
    ماڳ:
    Karachi
    جواب: جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل

    بلڪل صهي ٿا چئو ادا نثار، هن بيت جو هڪ هڪ شعر هڪ راز آهي، هڪ آسرو آهي ۽ هڪ رستو آهي جيڪو اسان جي قوم جي ضرورت آهي هن وقت ۾۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل

    ادا زبردست
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل

    ادا سائين شيخ اياز جي ايتري بهترين ۽ انقلابي شاعري کي سنڌ سلامت تي ونڊڻ جي مهرباني۔۔۔۔ جي شيخ اياز جي نظريئي تي عمل ٿئي ها ته اڄ جي سنڌ الڳ حيثيت رکي ها۔۔۔۔
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل

    ادا علي سرواڻ محترم شيخ اياز جي خوبصورت شاعري ونڊڻ تي توهان جا لکين ٿورا۔ عظيم شاعر شيخ اياز کي ڀيٽا ڏيندي ڀلوڙ شاعر تاجل بيوس پنهنجي ڪتاب ڪنڌي ءَ ڪؤنر ترن ۾ چيو هو ته ڀٽائي اياز جي شاعري جي رم جهم سالن تائين قائم رهي تاجل بيوس انهن ٻنهي عظيم شاعرن جي شاعريءَ مان پرڀات ويلي وڻڪار، گُل ، ٻاٽيون به ڏسي وٺندو هو،.
    تاجل جي مٿيئين ڪتاب جيڪو هُن مهان شاعر شيخ اياز کي ارپيو هو ان ڪتاب مان تاجل بيوس جو هڪ آزاد نظم آزادي او آزادي ! توهان سميت دنيا جي سمورن سنڌين سان ونڊ ڪري رهيو آهيان جنهن مان خبر پئي ٿي ته جيترو اونهو آزاديءَ جو سنڌ جي هن ٻنهي ڀلوڙ شاعرن کي هو اهو شايد ٻي ڪنهن شاعر جي شاعريءَ ۾ ورلي هوندو.
    آزادي او آزادي
    از : تاجل بيوس
    آزادي ڏس او آزادي!
    ڇا تون منهنجي ڳالهه مڃيندينءَ،
    جي مان توتان گهوريان جندڙي،
    پوءِ ڀلا تون منهنجي ٿيندينءَ؟
    ڏاڍو ڏُور هلِي وئي آهين،
    هُونءَ ته تون هر پل ۾ ويٺي ساٿ نڀائين
    گيتن مان پئي پاڻ پسائين،
    آزادي!
    او، شاهه بلاول جي رت جي وارث!!
    زندانن جِي رهواسِڻ،
    آزادي!
    او، آزادي!!
    ڏاڍو ڏُور هلِي وئِي آهين.!!
    ڏاڍو ڏُور هلِي وئِي آهين.!!
     
  7. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل

    مهرباني ادا تمام سٺي ونڊ ڪئي آهي توهان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو