چنڊ جي چانڊاڻ جهڙي شاعره نجمه نور ڦلپوٽو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 جنوري 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,269
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪتاب چنڊ ۽ اجرڪ تي تبصرو
    چنڊ جي چانڊاڻ جهڙي شاعره نجمه نور ڦلپوٽو
    علي حسن سرڪي

    جهڙيءَ طرح شام جي پوئين پهر جو لهندڙ سج اکين کي وڻندو آهي، تهڙيءَ طرح سج لهڻ کان پوءِ ڪنهن اڀرندڙ چنڊ و منظر پڻ اکين کي پيارو لڳندو آهي. چنڊ سونهن جي علامت آهي، ان چنڊ جي روشني پوري عالم لاءِ رنگينيءَ و سبب به بڻيل آهي، جڏهن چوڏهينءَ جو چنڊ آڪاش تي نروار ٿيندو آهي ته ان رات کي ٻين لفظن ۾ پورنماسي رات يا چانڊوڪيءَ واري رات به چيو ويندو آهي. اها ات ڪيڏي نه سُدر هوندي آهي، جڏهن چنڊ پنهنجي جوڀن ۾ هوندو آهي. منهنجي خيال ۾ شايد ئي ڪو اهڙو شاعر هجي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ چنڊ جو ذڪر نه ڪيو هجي، پوءِ اهو ذڪر سڌيءَ طرح هجي يا اڻ سڌيءَ طرح. مطلب ته ان چنڊ جي سونهن جي ساراهه هر ڪنهن پئي ڪئي آهي. نئين ٽهيءَ جي نوجوان شاعرن جتي چنڊ جي چاندوڪيءَ کي محبوبه جي ادائن سان ڀيٽا ڏني آهي. اتي اڄ اسان جي عورت شاعرائن به ان چنڊ کي پنهنجي محبوب جي حسن ۽ سوڀيا سان تشبيهه ڏيندي سهڻي نموني پنهنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو آهي. سنڌ ڌرتيءَ جي ڄائي نجمه نُور ڦلپوٽو به انهن شاعرن ۾ اچي وڃي ٿي جن جي شاعريءَ ۾ پڻ ان چنڊ جو ذڪر مختلف پس منظرن ۾ ملي ٿو، تڏهن ته پنهنجي پهرئين شايع ٿيل شعري مجموعي جو نالو به ”چنڊ ۽ اجرڪ“ رکيو اٿائين.

    نجمه نُور جي شاعري ڪنهن معصوم مُرڪ جيان من کي موهي ٿي ۽سندس اڇا اجرا احساس ڪنهن هلڪي بارش جي رم جهم تي مَڌرُ سُرن جيان روح کي راحت بخشين ٿا، هونئن به شاعري احساساتي ۽ دلين جي ترجمان هوندي آهي. انهن احساسن ۽ جذبن جي ڪسوٽيءَ تي شاعريءَ کي پرکيو ۽ سمجهيو ويندو آهي. نجمه نُور ڦلپوٽو هن گُهٽ ۽ ٻوسٽ جي ماحول ۾ وڏي جرئت ۽ دانشمنديءَ جو مظاهرو ڪندي هڪ ته شاعره طور اسان جي سامهون اُڀري آئي آهي ٻيو ته وڏي ڳالهه ته هن همت ڪري پنهنجا اهي شاعراڻا خيال هڪ شعري مجموعي جي صورت ۾ شايع ڪرائي سنڌي سماج ۾ سنڌي شاعرائن کي اڳتي اچڻ جو هڪ پليٽ فارم پڻ مهيا ڪيو آهي. سندس چنڊ جي چانڊان جهڙا من کي موهيندڙ خيال ڏسو جهن ۾ پاڻ چنڊ سن گڏ تارن ۽ ڪُتين جو ذڪر ڪيڏي نه سهڻي انداز ۾ ڪيو اٿائين.

    ڪڏهن چنڊ اڀري، اڱڻ کي اجاريو،
    مڙئي ”نُور“ نالو، رکائي هلياسين.


    چنڊ ۽ تارا، ڪتيون، توتان پرين گھوري ڇڏيان،
    ”نُور“ توسان ئي ته آھن، سڀ نظارا معاف ڪر.

    نجمه نُور ڪٿي وري آڪاش جي چنڊ کي سڏڙا ۽ واڪا ڪندي ھن جي دنيا کي چوکو ۽ نرالو سمجھندي، پنھنجي من جي مجبوري سامھون آڻيندي ٻاٽ ۾ لاٽ جي منتظر نظر اچي ٿي، پر چنڊ ڏُور آڪاش ۾ مغروريءَ جو ويس اوڍي سندس ھڪ به نه ٿو ٻڌي. تڏھن ته پاڻ چنڊ کي ڏوراپو ڏيندي چوي پئي:

    آڪاش جي چنڊ کي مون پئي سڏيو،
    ويو واٽ وٺي مجبوريءَ ۾،

    ھُن ھر ڀير ڪيئي ماڳ مٽيا،
    دنيا جي رڳو دستوريءَ ۾.

    جي ٻاٽ ۾ ٿئي ھا، لاٽ ته پوءِ،
    ڇو جان جھُري ھا، جھوريءَ ۾،

    جذبن ۾ خوشبوءَ جي رنگت ۽ ڪنھن ڪرڻي جو احساس ڀريو انداز، مُک تي ھڪ سوال بڻجي سامھو ايندو آھي. نجمه نُور اڪيلائيءَ جو سفر ۾ جڏھن ڪنھن ياد سان گڏ ڪنھن باغ ۾ پاڻ کي وندرائڻ لاءِ رکون کڻي ٿي ته سندس ڪوئل جي ڪُوڪ ۽ مٺڙي ٻوليءَ ورا مشابھت ڪيڏي نه وڻندڙ ۽ پياري آھي، سندس من ۾ وسيل ڪنھن جي ياد کي منظر عام تي آڻڻ وارو خيال اڃان به نجمه نُور جي يادگيريءَ کي وڌائيندي، دل جي ڳالهه کي هڪ سواليه جملو بڻائيندي ڪيڏو نه حسين غزل تخليق ڪيو آهي؟

    منهنجي جزبن ڇا ڌوم مچائي آ؟
    تنهنجي خوشبو منجهن سمائي آ.

    ڇو نه چؤڏس، سُهائو سُونهن ڪري،
    شمع احساس جي جلائي آ.

    تنهنجي مُک تي سوال بڻجي وئي،
    منهنجي دل ۾ جا ڳالهه آئي آ،

    باغ ۾ تنهنجي ياد هئي مون سان،
    جيڪا ڪوئل کڻي هُلائي آ.

    حسين شام جي پس منظر ۾ مهراڻ جي موجن سان گڏ ڪنهن سهاري جي تلاش ۾ نڪتل نجمه نُور ان سرمئي شام جي سرهاڻ ۽ ساهه کي سڪون بخشيندڙ ٿڌڙي هوا جي جهوٽن سان گڏ، جڏهن پکي پنهنجن آکيرن ڏانهن راهي ٿين ٿا ته ان پل سندس چپن تي چاهه جو چنگ چُري پئي ٿو ۽ ان سڪ جي فڪر ۾ شفاف چنڊ جي چانڊاڻ جهڙي چاهت ۾ نينهن جو پسڻ لاءِ پاڻ ڪيڏي نه آتي نظر اچي ٿي. اچو ته سندس هي غزل ڏسون.

    سُهائي شام ۽ مهراڻ جو ڪنارو هجي،
    ڀري جهان ۾، منهنجو به ڪو سهارو هجي،

    پکي پکڻ، ڪري واهيرا پيا وڻن ڏي ورن.
    چُري پيو چاهه جو چنگ، ڪنڌ هجي ۽ ڪٽاروهجي،

    لباس لال مٽي جيئن سياهه ڪن ڪرڻا،
    شفاف چنڊ جي چانڊاڻ جو پنارو هجي.

    نجمه نور جي شاعري قدرتي نظارن جي حسن سان ٽمٽار نظر اچي ٿي. لڳي ٿو ته پاڻ قدرتي نظارن ۽ منظرن جو مشاهدو ڀرپور انداز ۾ ڪيو اٿائين. اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعريءَ ۾ جابجا چنڊ، ستارن، ڪَتين، فضائن، هوائن، پرهه ڦٽيءَ جي ويل ماڪ ڦڙن جي گلڙن کي تازگي بخشيندءَ، حسين ورکا، ٻوٽن جي ٽارين جي لُڏندڙ لام تي پکين جي لات جو سُرور وارو سمو، ڪوئل جي مٺڙي لات تي باغ ۾ ڪنهن جي ياد تي جهومڻ. مطلب ته اهڙا ڪيئي قدرتي منظر نجمه نور جي شاعريءَ ۾ اوهان کي پڙهڻ لاءِ ملندا. جيڪي هڪ ته سندس اعليٰ مشاهدي جو نچوڙ پيش ڪن ٿا. ٻيو ته سندس مطالعي جي پروڙ به ڏين ٿا. اداسيءَ جي لمحن ۾ ڪنهن کي ڪجهه به ڪونه وڻندو آهي. پر هڪ شاعر تصور جي دنيا ۾ اميد جو دامن ڪڏهن به نه ڇڏيندو آهي. اسان جي خوبصورت شاعره نجمه نور پڻ اهڙي اداسيءَ واري لمحي ۾ آس جي واڳ ۾ خوشين جي منتظر نظر اچي ٿي.

    اداسيءَ جا لمحا سدا ڪين رهندا،
    خوشي خود اسان ڏي، هلي پاڻ ايندي،

    فضا ۾ ٿي مستي، تمنا، گُلن جي،
    ته شبنم، چمڻ لئه، گلن کي سڏيندي.

    کُليا مُک، ڪلين جا، صبا خوش نوا ٿي،
    سُڳنڌ گُلن کي کڻي پاڻ ڏيندي.

    ۽ ٽارين تي ٽهڪي، پکي مُرڪي ملندا،
    ۽ گيتن، چوڻ جي، شروعات ٿيندي.

    شاعر جي دل ڏاڍي حساس ٿيندي آهي، هو هميشه ٻين کي خوش ڏسڻ چاهيندو آهي. اهڙيءَ طرح شاعر نجمه نور جي دل به نرم ۽ پشم جيان نازڪ ڀاسي ٿي ۽ هوءَ پڻ ٻين جي خوشين لاءِ پاڻ پتوڙيندي نظر اچي ٿي. غمگين ماڻهن جي مُک تي هوءَ مُرڪ ڏسڻ چاهي ٿي. غريب ۽ لاچارن جو درد سندس رڳ رڳ ۾ سمايل آهي، تڏهن ته پاڻ پنهنجا سمورا سُک انهن ماڻهن کي سونپڻ چاهي ٿي. جيڪي هن دل وڍيندڙ دنيا ۾ ڪو سُک چين حاصل نه ڪري سگهيا آهن. اها هڪ دريادلي ۽ فراخدليءَ جي نشاني آهي جو ٻين جي خوشين لاءِ پنهنجو پاڻ ڪو ارپي ڇڏي نجمه نور به پنهنجي هن غزل ۾ شادابي ڏسڻ جي خواهش مند آهي ۽ هوءَ چوي ٿي ته:

    غمگين تنهنجو آ، لهجو اهڙو ڇو؟
    توکي شاداب ڏسڻ چاهيان ٿي.

    تنهنجي پَلڪُن تي، بُوندون آهن جي،
    سي مان، هٿڙن سان اگهڻ چاهيان ٿي

    توکي پنهنجا، سمورا سُک سونپي،
    تنهنجا سڀ سُور سهڻ چاهيان ٿي.

    توسان رهندي اداس لمحن ۾ مان،
    پنهنجا ڏُک دُور ڪرڻ چاهيان ٿي.

    پر کوٽن ۽ ڌوڪي باز ماڻهن جي وچ ۾ ڪو سادو ۽ سچو ماڻهو ڀلا ڪهڙيءَ طرح سک چين جو ساهه کڻي. نجمه نُور جو اهڙو هڪ سماجياتي غزل پڙهون جنهن ۾ هن دؤر جو منظر ڪهڙي نه سٺي طريقي سان چٽيو اٿائين:

    ماڻهو ڪيڏا من جا کوٽا،
    بتا، سبتا، کوهه جا لوٽا.

    چوريءَ، چٽ، يا پنڻ تي سندرو،
    بي غيرت ٿيا، ڏنڊا ڏوٽا.

    اهڙا ”نُور“ اڻڄايا گهوريا،
    پيءُ، ماءُ تي به کڻن جي سَونٽا.

    شل سنڌڙيءُ جي هيءَ شاعر پنهنجي سوچن ۽ قلم وسيلي اڃا به مارو ماڻهن جي دکن، دردن ۽ سڏڪن جي ڪهانيءَ کي نروار ڪندي رهي ۽ سندس قلم کي خدا تعاليٰ اهڙي جوت بخشي جنهن جي لاٽ سان ٻاٽ جهڙي هن سماج کي اها روشني ملي جنهن جي ه دنيا کي اشد ضرورت آهي ۽ سندس قلم مان حق ۽ صداقت جا هوڪا هميشه گونجندا.

    شل ويڙها وَسن، منهنجي مارن جا،
    منهنجي ساهه جي چنڊ ستارن جا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو