• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ننڍڙي ڳالهه

نثارابڙو

نائب منتظم
ننڍڙي ڳالهه

1. هڪ دفعي ڳوٺ وارن مينهن لاءِ دعا جو احتمام ڪيو، دعا واري ڏينهن ڳوٺ جا سڀ ماڻهون آيا پر هڪ نوجوان پاڻ سان ڇٽي کڻي آيو ....
ان کي چئبو آهي ”ايمان“
umbrellai.jpg
]

2. جڏهن اسين ڪنهن ٻار کي هوا ۾ اڇلائي جهپيندا آهيون ته هو کلندو آهي، ڇاڪاڻ ته اوهين کيس هيٺ ڪرڻ نه ڏيندا ...
انکي چئبو آهي ”اعتماد“

3. اسين هر رات سمهڻ ويندا آهيون، بنا ڪنهن يقين جي ته سڀاڻي حيات اٿنداسين به يا نه پر تڏهن به پنهنجي گهڙيءَ ۾ سڀاڻي جو الآرم لڳائي سمهندا آهيون ...
انکي چوندا آهن ”اميد“

4. اسين سڀاڻي لئه وڏا وڏا منصوبا ٺاهيندا آهيون، جيتوڻيڪ مستقبل جي ٽڪي جي ڄاڻ نه هوندي آهي ۽ ڪا پڪ نه هوندي آهي ته سڀاڻو ٿيندو به يا نه ...
انکي چئبو آهي ” يقين“
5.

5۔ دنيا ۾ حادثا هزارين پيا ٿين، زلزلا، ٻوڏيون، طوفان ۽ ٻيون قدرتي آفتون اچن پيون ۽ لکين ماڻهون مرن پيا، اها به ڄاڻ آهي ته اهڙو ڪوبه حادثو اسان سان واقع ٿي سگهي ٿو پر پوءِ به شادي ڪندا آهيون ...
انکي چئبو آهي ”پڪو يقين“
 
جواب: ننڍڙي ڳالهه

هوئن ته اهڙين ننڍڙين ڳالهين کي سمجهائڻ لاءِ مون به ڪوشش ڪئي هئي ته توهان جي لکڻ ۽ سمجهائڻ جو انداز نرالو آهي ۔۔۔ ان کي چئبو آهي بهترين ليک۔۔۔
 
جواب: ننڍڙي ڳالهه

السلام وعليڪم
مانوارا محترم سائين نثار ابڙو صاحب جُڙيا هجو شال
سائين تمام مختصر لفظن ۾ وڏي نصيحت اوهان ونڊ ڪئي آهي ۽ سمجهاڻي به لاجواب طريقي سان ڪئي اٿو ماشاالله، الله سائين اوهان کي خوش و آباد رکي۔ آمين

shal judy hujeen
 
جواب: ننڍڙي ڳالهه

سبحان الله

ان کي چئبو آهي بهترين شيئرنگ

جزاڪ الله مرشد

فقير سائين اها ڳالهه ته سمجهه ۾ آئي ته اوهانکي اهي ننڍڙيون ڳالهيون پسند آيون پر اها ” مرشد “ واري ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۔۔۔ مٺڙا! ڇو ٿو گهنگار ڪرين ۔۔۔ دوستن جي دوستيءَ لائق ٿي وڃون ته سمجهو ڪاميابي ماڻيسيون ۔۔۔
shal judy hujeen
 
جواب: ننڍڙي ڳالهه

هوئن ته اهڙين ننڍڙين ڳالهين کي سمجهائڻ لاءِ مون به ڪوشش ڪئي هئي ته توهان جي لکڻ ۽ سمجهائڻ جو انداز نرالو آهي ۔۔۔ ان کي چئبو آهي بهترين ليک۔۔۔

ادا رشيد اوهانجي ننڍڙين ۽ سبق آموز آکاڙين کي ڏسي پاڻ کي به شوق جاڳيو ته ڇونه ساڳئي تتبع تي پاڻ به ڪوشش ڪجي، اوهانکي هيءَ ڪوشش پسند آئي، انجو مطلب ته واه واه ۔۔۔
shal judy hujeen
 
Back
Top