Sindhi Media
سينيئر رڪن
اچو ته هڪ دفعو ٻيهر باِ پولار ٽرانسسٽر کي سمجهون ۽ ٽيسٽ ڪرڻ سکون
دوستو اها ته خبر اٿئون ته پولار، پولارٽي مان نڪتل آهي ۽ پولارٽي چئبو آهي ڪاٽو ۽ واڌو طريقي سان ڪرنٽ جي وهائڻ جي طريقي کي ۽ با گريڪ زبان جو ورڊ آهي جنهن جو مطلب آهي 2 سو با پولار ٿيو ٻن برقي (ڪرنٽ) وهڪري جي واسطن کي۔ اچو ته هن شڪل وسيلي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون هتي ٻه با پولار ٽرانسسٽر ڏيکارجن ٿا پي اين پي ۽ اين پي اين۔
توهان کي پي اين جنڪشن ۽ اين پي جنڪشن ڊائوڊ (ٻه ٽنگو) سمجهائي آيا آهيون جنهن جي ٽنگ کي اينوڊ ته ٻي ٽنگ کي ڪيٿوڊ چئبو آهي هن جو ڪم ريڪٽيفڪيشن ڪرڻو آهي معني ته هڪ لهر يعني فريڪئنسي جيڪا 360 ڊگري جي آهي ان جو هڪ حصو ختم (فلٽر يا صاف ڪري) ڪري اڌ حصي جو سگنل ڏيڻ۔ هتي اسان ٻنهين قسمن جي ڊائيوڊ کي ڪنهن به هڪ جهڙين ٽنگن کي پاڻ ۾ ملائي ٽه ٽنگو ٺاهيو آهي جيڪي هن جي پولارٽي مان ظاهر ٿيل آهي۔
فرق ۾ تير کي اندرئين طرف ۽ ٻاهرئين طرف ڦيرائي ظاهر ڪبو آهي هي ٽه ٽنگو پُرزو آهي آهي جنهن جي هڪ ٽنگ جو نالو آهي ايميٽر، ٻي ٽنگ چئبو آهي بيس ۽ ٽي ٽنگ کي چئبو آهي ڪُليڪٽر، جنهن ٽنگ تي تير آهي اُها ايميٽر جي ٽنگ آهي۔ هي ڪنهن به گولائي ۾ گهمندڙ سگنل (سائنو سوائيڊل فريڪُئنسي) يا سائيڪل کي پنهنجي ان پُٽ ۾ ڏيندو آهي ۽ آئوٽ پُٽ ۾ وڏو ڪري ڪڍندو آهي۔ هن ۾ ڪنهن به هڪ ٽنگ کي گرائونڊ ڪري ٻين ٽنگن مان انپُٽ ۽ آئوٽ پُٽ حاصل ڪئي ويندي آهي۔ ۽ هر طريقي جو مختلف استعمال هوندو آهي۔ توهان کي خبر آهي ته سائيڪل گول کي چئبو آهي جنهن ۾ 360 ڊگريون هونديون آهن هن گول جا جي ٻه حصا ڪجن ته مٿيون حصو واڌو سائيڪل ( هڪ اڌ فريڪئنسي 180 ڊگري جي ) ته هيٺيون حصو ڪاٽو سائيڪل (ٻي اڌ فريڪئنسي 180 ڊگري) سڏبي آهي۔ توهان جاميٽري باڪس جي ٽي ڏٺي هوندي جنهن ۾ ڊگرين جي پئمائش ٿيل آهي 0 کان 180 ڊگري تائين ته ڪنهن به سائنو سئائڊل سگنل جي سائيڪل 0 ڊگري کان گهمندي 180 تي پُهچي پازيٽو سفر ڪري ٿي ته وري اُبتڙ هلي هيٺيئن پاسي 181 ڊگري کان هلي 360 تي هلي ٿي ۽ ان جي اها گهمندڙ شڪتي وقت يٿني ٽائيم تي دارو مدار رکي ٿي۔ ان ڪري ان کي فريڪئنسي يعني هڪ سيڪنڊ ۾ ڪيترا چڪر (ٽييم پر سيڪنڊ) چئجي ٿو۔

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: