مُحترم عبدالغني لوهار سائين !ممڪن آهي توهان پنهنجو ٻالڪپڻ ائين نه گُذاريو هُجي، شايد توهان پنهنجو ٻالڪپڻ وساري چُڪا آهيو يا اهڙو ٻالڪپڻ نه هو جو ياد نٿا ڪرڻ چاهيو يا اهڙي سماج ۾ هُئا جتي اُهو سب ڪُجهه ٿيندو ئي ڪونه هو! يا ممڪن آهي اوهانجي علائقن ۾ اهڙي ڪا ڪرت ئي ڪانه هُئي يا سنڌ سماج ۾ رائج طريقي موجب بس اهو منطق وٺڻو آهي ته ٻئي جي ڳالهه غلط ٿابت ڪرڻي آ يا خوامخواهه جي نفي ڪرڻي آهي.
ته حضور ! نه صرف سنڌ سماج جا اڪثر مداري ميلا ، پر اسڪولن ۾ يا ٻارن ۽ عورتن جي فنڪشنن ۾ جتي ٽيبلو وغيره به کيڏبو هو هي انتهائي معمولي گيجٽ به استعمال ۾ ايندو هو ۽ تازو به هڪ نمائش ۾ ڪي يتيم ڇوڪرا يا ڪو غريب هڪ ڪنڊ ۾ ويهي سيل، بيٽري ، تار ۽ بيل سان پنهنجو روزگار ڪندو رهيو آهي، ۽ في چڪر ٽڪو ، آنو، ٻه آنا ۽ چا آنا، 8 آنا هلندو هو ۽ هاڻ رقم 5 روپيا ۽ انعام ۾ پئسا يا ڪو آئٽم، جي بغير بيل وڄڻ جي ڪنجي جي سوراخ مان تار پار ٿي وينيو هئي. ته اهو فرد تيز ۽ هوشيار سمجهبو هو ۽ انعام يا انعامي رقم حاصل ڪندو هو. اڪثر وقت جا منچلا گڏجي دلچسپي سان اهو کيل کيڏندا رهيا آهن ۽ کيڏين به ٿا يونيورسٽين ، ڪاليجن فنڪشنن ۾ به اها ڪرت هوندي هُئي فرق صرف ايترو جو هاڻ ايل. اي. ڊي يا ڪو ننڍو بذر آئوٽ پُٽ ۾لڳائبو آهي. باقي خوامخواهه سنڌ سماج جي پوراڻي روايت تحت ! مين نه مانون ! جي بيماري به عام آهي ته ڇا ٿو ڪري سگهجي ! اهڙيون بيماريون ته اسانجي سنڌي معاشري ۾پڙهيل لکيل کان وٺي جاهل تائين عام آهن جو ڪڏنهن اُن جي معزز ۽ پڙهي لکي هُئڻ تي به شڪ ٿيندو آهي ! جهڙوڪ هوٽلن يا محفلن ۾ ويهي اجايا زوردار ٽهڪ، زور زور سان جاهلن وانگر ڳالهائڻ جو ويندڙ مُري نهاريندو آهي ته هي ڄٽ ڪٿا آيا آهن جيڪي بظاهر ته پڙهيل لکيل شرٽ ۽ پينٽ ۾ پيا ڏسجن ۽ ڪنهن هڪ کي ٽارگيٽ ڪري ان جي توهين ۽ ٽوڪ بازي ڪرڻ ! معنى پاڻ ڀلي مُڪمل ڪارو هُجي پر جي ڪنهنجو پُڇ ڪارو ڏسڻ ۾ اچي ويس ته الله جي توبهن . وري سوچيو متان اهو ٻالڪپڻ توهان به گُذاريو هُجي. خبر نه هُجي ته عقلمند چوندا آهن ته ٻڙڪ کان خاموش هُئڻ بهتر آهيلازمي ناهي ته هر عالم کي هر اُها خبر هُجي جيڪا ڪڏنهن جاهل کي به هوندي آهي.