مظهرعلي
سينيئر رڪن
سلام عرض قبول پوي تمام سنڌي ساٿين، ڀائرن، ڀينرن کي ۔
جنين ڏاند نه ٻج تنين تنهنجو آسرو
اول ڏين انهن کي پوء اڀارين سج
ڌڻي تنهنجي ڏسجي ٿي جت ڪٿ خدائي،
ڪرم ساڻ ڪر تون اسان تي ڀلائي.
مان مظهر علي وگهيو ولد سعيد خان وگهيو
مان دادو شهر ۾ رهندو آهيان، پاڙو مزدورا آباد محلا
ويجھو النور ڪلينڪ ڪاليج روڊ دادو.
منهنجي عمر 21 سال آهي.
ACADEMIC QUALIFICATION
مئٽرڪ ؛ ............... گورنمينٽ پرمانند هرداس پائليٽ اسڪول دادو سنڌ
انٽر ؛ ............... استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو سنڌ
ڊي آئي ٽي (ڊپلوما انفارميشن ٽيڪنالاجي) ڪمپيوٽر ۾ ؛ ...................... گورک ڪمپيوٽر سينٽر دادو سنڌ
منهنجي وندر آهي
ڪتاب ، ڪهاڻيون ، اخبارون پڙهڻ ، ۽ نيوز چينل ڏسڻ.
چڱن کان چڱائي ٿي حاصل ٿئي، چڱن ۾ رهي مرد ڪامل ٿئي.
شاعر ۽ يار پينٽر
هڪ ڪشتيءَ جا ٻه مسافر
هڪ تلاش لفظن جي
ته ٻئي کي تلاش چهرن جي
کڻي مڃو ٿا رستا الڳ الڳ
پر منزل آ ساڳي هڪ ئي دڳ
قلم آ ٻنهي لاء وڏو اهم
جنهن کان سواء ٿين اڻپورا ڪم
خوب آ ٻنهي جو پيشو پيارو
حقيقت ٿا آڻڻ ڏسي لوڪ سارو
سوچ ويچار سان ڪم ٻنهي جو آ
بيوس هجن آباد اهيائي دعا.
مظهر علي وگھيو دادو سنڌ
mazharvighio@yahoo.com
mazharvighio@hotmail.com
موبائيل نمبر
03003256520
مون کي سنڌ سلامت جي باري ۾ ادا ممتاز علي وگهيو ٻڌايو، ادا ممتاز علي وگهيو منهنجي مامي جو پٽ آهي، ۽ ادا ممتاز جا مون تي ڪافي ٿورا آهن، تمام گهڻي منهنجي هيلپ ڪئي اٿئي زندگي ۾۔