ارجن حاسد : غزل جو بهترين شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ارجن حاسد : غزل جو بهترين شاعر

    سنڌي ٻوليءَ جي غزل جي نامور شاعر ارجن حاسد جو اصل نالو ارجن ڄيٺانند تنواڻي آهي. هو جيڪو 7 جنوري 1930ع تي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. ڪنڊياري شهر جي پنچائتي هاءِ اسڪول مان 1947ع ۾ مئٽرڪ (بمبئي يونيورسٽيءَ مان) پاس ڪيائين. چوٿين جنوري 1948ع تي هند لڏي ويو. 8 ڊسمبر 1948ع کان پوسٽ کاتي، احمد آباد ۾ ملازم ٿيو، جتان 31 جنوري 1988ع تي رٽائر ٿيو. 1956ع کان شاعري شروع ڪيائين. ’حاسد‘ تخلص ڪتب آڻيندو آهي. ’حاسد‘، غزل تمام گهڻا لکيا آهن ۽ ’غزل گو‘ شاعر طور ڄاتو وڃي ٿو. سندس ڇهه شعري مجموعا ’سواسن جي سرهاڻ‘ (1966ع)، ’پٿر پٿر ڪنڊا ڪنڊا‘ (1974ع)، ’ميرو سج‘ (غزل: 1984ع)، ’موڳو‘ (غزل: 1992ع) ۽ ’اُڃ“ (1999ع) ۽ ”.... ساهي پٽجي“ (2008ع) ۾ شايع ٿيل آهن. 1985ع ۾ ڪتاب ’ميرو سج‘ تي کيس ’مرڪزي ساهتيه اڪادمي اوارڊ‘ مليو. هندي شاعر ’جئه شنڪر پرساد‘ تي لکيل انگريزي مونوگراف پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿس، جيڪو 1995ع ۾ ’ساهت اڪادمي‘ شايع ڪيو آهي.’حاسد‘ جا سؤ کان وڌيڪ گيت مختلف ڪلاڪارن ڳايا آهن، جيڪي انڊيا جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان نشر ٿيا آهن. ’حاسد‘ جا شعري مجموعا انڊيا جي يونيورسٽين ۾ ٽيڪسٽ بوڪ طور منظور ڪيا ويا آهن.
    هُري دلگير جي ساهتڪ رچنا ۽ حياتيءَ سان واسطو رکندڙ ڪتاب ’هجن هوت حيات‘، ترتيب ڏنل اٿس. ’حاسد‘ جون رچنائون گجراتي، هندي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿينديون رهن ٿيون. سندس فن تي ”ارجن حاسد: هڪ اڀياس“ (1996ع) ڪتاب پريم پرڪاش ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. ان کان اڳ شيام رام رکياڻيءَ پڻ ارجن حاسد جي ادب ۾ خدمتن تي ”ادبي ڇنڊڇاڻ“ نالي ڪتابڙو 1996ع ۾ ئي ڇپائي پڌرو ڪيو هو.’حاسد‘، نئشنل ساهتيه اڪادميءَ‘ جي سنڌي ائڊوائيزري ڪاميٽيءَ جو ڏهه سال ميمبر رهيو آهي، جڏهن ته ’مرڪزي اڪادمي اَوارڊس، لاءِ جج طور پڻ فرض نڀائيندو رهيو آهي. تازو ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌيء غزل جي ائنٿالاجي“ (2008ع) ڪتاب ڇپيو اٿس. احمد آباد (ڀارت) ۾ رهائش پذير آهي.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
    ___

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. وهاب جروار

    وهاب جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    154
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    حيدر آباد
  3. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا حاسد سائين جو تخلص آهي يا شخصيت اسان نوشهري جا ماڻهون حاسد آهيون اها خبر نه هئي۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 جنوري 2014
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حاسد سندس تخلص آهي
     
  5. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    ادا تخلص شخصيت جي عڪاسي ناهي ڪندو؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو