دوستو آئون آهيان توهانجو نئون سنڌي ساٿي۽ اڄ کان ميمبر سنڌ سلامت ساٿ سلامت سڀ کان پهرئين لک ٿورا پنهنجي دوست محترم عبدالرزاق ميمڻ المعروف (سنڌي ميڊيا (ساليوُوڊ) جنهن مونکي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام بابت ٻڌايو ۽ مون ۾ دلچسپي پئدا ڪئي۔ سائين جن جا لک ٿورا جو اهڙو بهترين سنڌيت جو فورم مُهنجي حوالي ڪيو جتي آئون به ٻين دوستن سان ملي سنڌ جي سلامتي ۽ واڌاري لا ٻه وکون اڳتي وڌائي ٻانهه ٻيلي ٿيان ته دوستو هاڻ مان توهان سان پنهنجو تعارف ڪندو هلان۔ ناچيز هن وقت پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين (پي آ اي) ۾ گرائونڊ آپريشن ڪنٽرولر جي حيثيت ۾ 1996 کان ڪم ڪري رهيو آهيان۔ جي دوست ڪنهن به ڪم لاِ مونسان رابطو ڪن ته سندن ڪم ڪندي خوشي محسوس ٿيندي، مُهنجو موبائل نمبر آهي 0321 جو 2005509۔
زبردست ! سائين ڀلي ڪري آيا۔ آئون توهانکي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي ٻانهه ٻيلي ٿيڻ لاِ ڀليڪار ڪريان ٿو۔ دوستن کي ٻُڌائيندو هلان ته سائين جن سان مُهنجي تمام گهڻي نيازمندي آهي سائين جن مونسان پي آ اي ۾ ٻانهه ٻيلي به آهن پاڻ هڪ ٻي خوبي جا مالڪ به آهنجهڙوڪ سندن سنڌي ميڊيا جي فنڪارن، اديبن، شاعرن، اداڪارن ۽ ڊائريڪٽرن سان به ڪافي وابستگي رهندي آئي آهي ۽ اڪثر فنڪار هڏ ڏوکي پروگرامن ۾ گڏ هوندا آهن يا شايد ڪا اهڙي ادبي محفل هُجي جن ۾ سائين جن شامل نه رهندا هُجن۔ سائين جن جي هڪ خاص عادت ٻُڌائيندو هلان ته جيڪو به سنڌي ٻاهرئين دُنيا کان ڪنهن به ايئر لائين وسيلي پاڪستان ايندو آهي يا ڪراچي کا پاڪستان ويندو آهي ته سائين جن نه صرف ساڻن ذاتي طور تي ملي مدد آڇيندا آهن پر ڪا به سفري مشڪلات جهڙوڪ سامان جو نه ملڻ ، سيٽن جو نه ملڻ وغيره ۾ مدد ڪندا آهن۔ اميد اٿم ته ڪو به سنڌي دوست جي اهڙين سفري مشڪلاتن ۾ هوندو ته ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تي تڪليف ۾ هوندو آ ته سائين جن ضرور ان جي مدد ڪندا اهوئي سبب آهي جو سائين جن پنهنجو موبائل نمبر به کُلو آن لائين ڪيو آهي۔
محترم سائين اسد الله چانڊيو صاحب کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ڪجي ٿي۔ اميد ته اوهان سنڌ سلامت تي پنهنجا نڪور خيال ۽ رايا پيش ڪري اسان جي رهنمائي ڪندا رهندا۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔ سدا خوش هجو ۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
دوستو آئون آهيان توهانجو نئون سنڌي ساٿي۽ اڄ کان ميمبر سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔ اوهان دوستن جي مدد سان ڪاميابيحا صل ڪندس۔
محترم جناب اسدالله چانڊيو صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي هن محبتي ميڙاڪي ۾ ڀليڪار چئجي ٿو، سائين هي فورم اسان ماروئڙن جي سور ونڊڻ جو فورم آهي ،اسان پنهنجي احساسن کي هتي ونڊ ڪري محسوس ڪندا آهيون ته اسان جي اندر جا اڌما اڪيلا ناهن اسين پنهنجي سنڌ جي سڳنڌ آهيون ۔ اوهان جنهن محبتي انداز سان پنهنجو تعارف پيش ڪيو آ سچ ته دل باغ بهار ٿي ويئي آهي ،هن دل جي اهيا ئي آس آهي ته هر سنڌي پنهنجي هن ڌرتي جي ماروئڙن جي سار لهي ۽ تهه دل سان خدمت کي پنهنجي عبادت سمجهي ڪري اوهان جي قرب جو انتظار رهندو پنهنجي بيبها خيالن سان نوازيندوالله پاڪ اوهان جون مشڪلاتون آسان فرمائي اوهان کي دنيا و آخرت جون ڪاميابيون عطا فرمائي سدائين آباد هجو سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ادا اسدالله سنڌ سلامت جو ميمبر ٿيڻ تي مبارڪ ھجي توھان کي۔۔۔ ھي واقعي نھايت بھترين سنڌي فورم اٿو ۔۔۔ويلڪم ڀا
ڀليڪار ڀليڪار ڀليڪار ڀليڪار ڀليڪار ڀليڪار ڀليڪار محترم چانڍيو صاحب السلام عليڪم۔ توهان کي هن فورم تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا۔ اسان کي يقين آهي ته اوهان جو هن ساٿ ۾ شامل ٿيڻ سان اسان کي اوهان جي تحريرن ۽ رائي مان مستفيد ٿيڻ جو موقعو ملندو۔ هن پياري اڱڻ تي اوهان کي هر قسم جا معلومات سان ڀريل ليک ملندا، جيڪي سبني ساٿارين جي ڪاوشن جو نتيجو آهي۔ هن اڱڻ جو هر هڪ ساٿي پيار، محبت ،۽ عزت واري زنجير ۾ جڪڙيل آهي۔
سائين اسد الله چانڊيو صاحب اوهان جو تعارف پڙهي خوشي ٿي اوهان پنهنجي ماڻهن جي ڪم اچڻ واري جزبي سان سرشار آهيون اهو پڙهي ڏاڊي خوشي ٿي اوهان کي سنڌسلامت تي ڀليڪار