اي۔ايم ٽرانسميٽر ٺاهڻ کان پو اچو ته هاڻ ايف ايم ٽرانسميٽر ٺاهيون
هي هڪ آسان ايف ايم ٽرانسميٽر ٻارن جي واڪي ٽاڪي واري پي سي بي مان ٺاهيو ويو آهي۔ هن کي ٺاهڻ بلڪل اسان آهي بس توهان کي واڪي ٽاڪي چپي جنهن ۾ ايف ايم جي بينڊ وڊٿ هُجي۔ هي جنهن شي کي هيڪ ڪري ٺاهي وئي آهي ان جي بينڊ ودٿ جي فريڪُنسي 1025 تي سيٽ ٿيل آهي۔
REQUIREMENTS
1 . A walkie talkie of FM band
2 . A LED (to be used as the power indicator)
3 . Microphone
4 . Some wires
نوٽ ڪريو : ايل اي ڊي ۽ مائڪروفون اڪثر واڪي ٽاڪي ۾ هوندو آهي۔
سڀني کي پاڻ ۾ هن طرح جوڙيو۔
1۔ واڪي ٽاڪي کولي پي سي بي ، ايل اي ڊي، اسپيڪر ۽ مائڪروفون حاصل ڪريو
2۔ اسپيڪر مان وائرن کي ڪڍي ڇڏيو ڇو جو ٽرانسميٽر ۾ اسپيڪر جي ضرورت ڪانهين۔
3۔ ايل 3 انڊڪٽر کي ائين ايڊجسٽ ڪريو جو فرڪُنسي ملي سگهي۔ ڪوشش ڪري سيٽ ڪري ارر ختم ڪريو۔ جو ٻي ڪنهن فريڪُئنسي ۾ ڊسٽربنس پئدا نه ڪري۔
4۔ سرڪٽ کي ڪنهن ڪيس ۾ سنڀالي رکو۔
5۔ مائڪرو فون ۽ انڊڪٽر کي ڳنڍيو جي اُهي ڪنيڪٽ ٿيل نه هُجن
6۔ سرڪٽ کي گهربل پاور ڏيو (هن پروجيڪٽ ۾ 3 وولٽ) آهي
فرڪُنسي وڌائڻ لا
ٽرانسميٽر جي رينج وڌائڻ لا آئوٽ پُٽ ۾ ٽيلي اسڪوپ اينٽينا جوڙيو
جي چاهيو ته سگنل ايمپلي فائي ڪرڻ لاِ ٻيو ڪو سرڪٽ به جوڙي سگهو ٿا۔
نوٽ :
اها فريڪُنسي جيڪا توهان پنهنجي ايف ايم کي اسائن ڪندئو اها مُلڪ جي براڊ ڪاسٽنگ رولز کي فالو ڪري ڏني وڃي۔ ان ڪري جو جيئن اُها ٻين جي ڇڏيل سگنلس کي ڊسٽرب نه ڪري
ٽرانسميٽر جي ميگزيمم رينج جو دارومدار استعمال ٿيندڙ سرڪٽ تي آهي۔