گردي جي پٿري جا سبب ۽ اعلاج

'سنڌ سلامت هوميو پيٿڪ ڪلينڪ' فورم ۾ رحيم بخش طرفان آندل موضوعَ ‏8 جنوري 2014۔

  1. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين مٺا مون کي گردي ۽ پتي ۾ پٿري آهي مون کي هڪ هوميو ڊاڪٽر سيد صادق نقوي حيدرآباد واري دوائون ٻڌايون آهن بربرس ڪيو ۔
    Berberis Q
    Chelidonium Majus Q
    China 6
    Cholesterinum 6
    عرض ڪرڻ جو مقصد ته ڇا اهي دوائون ان تڪليف لاء درست آهن يا انهن ۾ ڪا ردو بدل ڪئي وڃي ۽ اهي هميشه پيون استعمال ڪجن ته ان سان ڪو نقصان ته نه آهي۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 جنوري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan

    سائين رحيم بخش صاحب
    توهانجي سوال جو جواب ڏيڻ کان پهريان توهان هيٺين سوالن جي وضاحت ڪيو ته جيئن مان توهان جي لا مناسب دوا تجويز ڪري سگهان۔

    1۔ توهان کي ڪهڙي پاسي واري بُڪي ۾ پٿري آهي؟
    2۔ ڇا بُڪي ۾ پٿري ساڻ گڏ سور به آهي يا نه۔۔۔ جي آهي ته سور بيٺو رهي ٿو يا فقط ڪنهن مهل اهو ظاهر ٿئي ٿو ۽ پو لهي وڃي ٿو۔
    3۔ اها تڪليف ڪيتري وقت کان توهان کي آهي؟
    4۔ پتي جي پٿري ۾ به سور رهي ٿو يا نه ؟
    5۔ پيشاب ۾ ساڙو رهي ٿو ؟
    6۔ اها تڪليف (الله سائين نه ڪري) گهر جي ٻئي ڪنهن ڀاتي (جيئن توهان جو ڪو ڀا يا ڀيڻ پر گهرواري نه) کي به آهي؟

    ان کان سوا جيڪڏهن توهان جون ڪي ليبارٽري رپورٽون جيئن الٽرا سائونڊ (تازو نڪتل) يا پيشاب جي ٽيسٽ موجود هجي ته ان کي منهنجي برقي ٽپال (اي ميل) تي اُماڻيو ته جيئن وڌيڪ آساني ساڻ علاج تجويز ڪري سگهجي۔ جيڪڏهن منهنجي سوالن جو جواب هتي نه ڏيڻ چاهيو يا اضافي ڪا ڳُجھ ڳالھ چوڻ يا پڇڻ چاهيو تڏهن به منهنجي برقي ٽپال تي رپورٽن سان گڏ لکي اُماڻيو ته جيئن ڪا شي رهجي نه وڃي باقي دوائون هتي هن سيڪشن ۾ ئي تجويز ڪندس ته جئين ٻين دوستن جي به رهنمائي ٿي سگهي۔منهنجي برقي ٽپال هي آهي۔ asif.charan@gmail.com
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين توهان جي سوالن جا جواب حاضر آهن۔
    1۔ توهان کي ڪهڙي پاسي واري بُڪي ۾ پٿري آهي؟
    کاٻي پاسي هڪ دفعو آپريشن به ڪرايو آهي تقريبا 2002 ۾ وري۔
    2۔۔ ڇا بُڪي ۾ پٿري ساڻ گڏ سور به آهي يا نه۔۔۔ جي آهي ته سور بيٺو رهي ٿو يا فقط ڪنهن مهل اهو ظاهر ٿئي ٿو ۽ پو لهي وڃي ٿو۔
    ڪڏهن ڪڏهن هلڪو سور جيئن پاسو ڳرو محسوس ٿئي ائين ٿيندو آهي شديد سور شايد دوا استعمال ڪرڻ جي ڪري نه ٿيندو آهي۔
    4۔ پتي جي پٿري ۾ به سور رهي ٿو يا نه ؟
    پتي جي پٿري ۾ به شديد سور نه ٿو رهي ڪڏهن ڪڏهن هلڪو سور محسوس ٿيندو آهي ليڪن اهو به دن جي مٿان مادي واري جاء تي کاٻي يا ساڄي پاسي نه۔
    5۔ پيشاب ۾ ساڙو رهي ٿو ؟
    ڪڏهن ڪڏهن هلڪو ساڙو به محسوس ٿيندو آهي۔ تڪيلفده نه هوندو آهي۔

    6۔۔ اها تڪليف (الله سائين نه ڪري) گهر جي ٻئي ڪنهن ڀاتي (جيئن توهان جو ڪو ڀا يا ڀيڻ پر گهرواري نه) کي به آهي؟
    جي اها تڪليف منهنجي وڏي ڀاء کي به آهي ليڪن ان کي به شديد سور وغيره نه آهي۔
    باقي رپوٽون به توهان کي انشآء الله برقي ميل جي ذريعي موڪلي ڏيندس۔
    جواب ڏيڻ لاء هي عاجز توهان جو احسان مند آهي لک لائق۔
     
  4. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    الله شافي۔۔۔
    سائين رحيم بخش صاحب
    توهان لا نقوي صاحب جون تجويز ڪيل دوائون بلڪل ٺيڪ آهن پر جيڪڏهن دوائون جي طاقت ۽ ترتيب هن ريت ڪيو ته واھ واھ ۔

    Berberis Vulg Q اٺ ڦڙا دوا اڌ ڪوپ پاڻيءَ ۾ روزانو چار ڀيرا

    Chelidonium Q اٺ ڦڙا دوا اڌ ڪوپ پاڻيءَ ۾ روزانو چار ڀيرا

    China 30 چار ڦڙا دوا چمچي پاڻيءَ ۾ روزانو ٽي ڀيرا

    Cholest 30 چار ڦڙا دوا چمچي پاڻيءَ ۾ روزانو ٽي ڀيرا

    دوائون جي وچ ۾ 5 منٽن جو وقفو ضرور رکندا ڪيو ۽ جيڪر پيشاب ۾ ساڙو ٿئي ته هيٺين دوا جو استعمال به انهن دوائون ساڻ گڏي ڪيو۔

    Sarsaparilla Q چار ڦڙا دوا چمچي پاڻيءَ ۾ هر اڌ ڪلاڪ ۾، فرحت اچڻ جي صورت ۾ دوا ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا استعمال ڪيو۔فائدو ٿي وڃي ته دوا بند ڪندا.

    جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن سور تمام گهڻو ٿئي ته Magnesium Phos 3X دوا مان چار گوريون هر 15 منٽن ۾ چوسيندا رهندا جيستائين سور ختم نه ٿي وڃي. ان کانسواءِ Magnesium Phos 3X جون 15 گوريون هلڪي گرم پاڻيءَ ۾ وجهي ان مان هر اڌ ڪلاڪ ۾ ٻه ٻه چمچا پيئندا تب سور لهي ويندو.

    رک (پرهيز) ۔۔ تريل شيون، وڏو گوشت، آچار، بادي شيون، بادي ڀاڄيون ۽ ديڳ جو ڀت نه کائيندا۔۔

    نوٽ ۔۔۔ سڀئي دوائون ڊاڪٽر ولمار شوابي ڪمپني جرمني جون ئي وٺجو سائين جو اهي اصلي هوميوپيٿيءَ جون دوائون هونديون آهن۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين مٺا سهڻي تجويز ڏيڻ لاء اوهان جو بيحد احسان مند آهيان ۔ دعا آهي ته الله تبارڪ وتعالى توهان کي ۽ سڀني مسلمان ڀائرن کي مڙني تڪليفن کان پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 جنوري 2014
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو