مجيب سنڌي ڪورائي
سينيئر رڪن
مضمون
سنڌي ٻولي ۽ تعليم کاتو
مجيب سنڌي
روزاني مهراڻ، عوامي آواز ۽ هلچل ۾ ڇپيل۔
سنڌ جي صدين جي پراڻي تهذيب ۽ تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته خبر پوندي ته سنڌ صدين کان تعليم جي حوالي سان مالامال رهي آهي، سنڌ جا ماڻهو پڙهيل لکيل ۽ ترقي يافته رهيا آهن، سنڌي ماڻهو تعليم جي حوالي سان سدائين سلجهل قومن ۾ شمار ٿيندا رهيا آهن، سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن جو انگ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن سان ڀيٽي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته سنڌي ماڻهو تعليم جي حوالي سان انهن ترقي يافته قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن، هر اداري ۾ سنڌي ماڻهن کي وڌيڪ تعليم يافته ڏٺو ويو آهي. انگريزن جي دور کان وٺي سنڌي ماڻهو وڏن عهدن تي رهندا پيا اچن، ۽ ان وقت سنڌي ٻولي شاهوڪار ٻولين ۾ شمار ٿيندي هئي، انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جي حيثيت حاصل هئي، ان دور ۾ جنهن کي سنڌي ٻولي تي عبور حاصل هوندو هو ان کي ئي ڪنهن وڏي يا ننڍي عهدي تي مقرر ڪيو ويندو هو، سنڌ جي سنڌي ٻولي سدائين پنهنجي اوج تي رهي آهي پر ڪجهه عرصي کان سنڌي ٻولي کي سنڌ جا ئي حڪمران نظر انداز ڪري رهيا آهن، ۽ سنڌي ٻولي کي هٿ وٺي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي، سنڌي ڳالهائيندڙ کي ادارن ۾ نوڪريون ملڻ ڏکيو بلڪه ناممڪن ٿي پيو آهي، سنڌ جي ڪنهن به سرڪاري آفيس/ دفتر ۾ وڃي جيڪڏهن ڪو ماڻهو سنڌي ۾ ڳالهائي ٿو ته ان جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن اهو ئي سنڌي ماڻهو ان دفتر ۾ وڃي اردو ۾ ڳالهائي ته ان جو ڪم منٽن ۾ ڪيو وڃي ٿو.