سنڌي ٻولي ۽ تعليم کاتو . مجيب سنڌي

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ مجيب سنڌي ڪورائي طرفان آندل موضوعَ ‏9 جنوري 2014۔

  1. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    مضمون
    سنڌي ٻولي ۽ تعليم کاتو
    مجيب سنڌي
    روزاني مهراڻ، عوامي آواز ۽ هلچل ۾ ڇپيل۔
    سنڌ جي صدين جي پراڻي تهذيب ۽ تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته خبر پوندي ته سنڌ صدين کان تعليم جي حوالي سان مالامال رهي آهي، سنڌ جا ماڻهو پڙهيل لکيل ۽ ترقي يافته رهيا آهن، سنڌي ماڻهو تعليم جي حوالي سان سدائين سلجهل قومن ۾ شمار ٿيندا رهيا آهن، سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن جو انگ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن سان ڀيٽي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته سنڌي ماڻهو تعليم جي حوالي سان انهن ترقي يافته قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن، هر اداري ۾ سنڌي ماڻهن کي وڌيڪ تعليم يافته ڏٺو ويو آهي. انگريزن جي دور کان وٺي سنڌي ماڻهو وڏن عهدن تي رهندا پيا اچن، ۽ ان وقت سنڌي ٻولي شاهوڪار ٻولين ۾ شمار ٿيندي هئي، انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جي حيثيت حاصل هئي، ان دور ۾ جنهن کي سنڌي ٻولي تي عبور حاصل هوندو هو ان کي ئي ڪنهن وڏي يا ننڍي عهدي تي مقرر ڪيو ويندو هو، سنڌ جي سنڌي ٻولي سدائين پنهنجي اوج تي رهي آهي پر ڪجهه عرصي کان سنڌي ٻولي کي سنڌ جا ئي حڪمران نظر انداز ڪري رهيا آهن، ۽ سنڌي ٻولي کي هٿ وٺي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي، سنڌي ڳالهائيندڙ کي ادارن ۾ نوڪريون ملڻ ڏکيو بلڪه ناممڪن ٿي پيو آهي، سنڌ جي ڪنهن به سرڪاري آفيس/ دفتر ۾ وڃي جيڪڏهن ڪو ماڻهو سنڌي ۾ ڳالهائي ٿو ته ان جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن اهو ئي سنڌي ماڻهو ان دفتر ۾ وڃي اردو ۾ ڳالهائي ته ان جو ڪم منٽن ۾ ڪيو وڃي ٿو.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ٻولي سان اهڙي سلوڪ جي ڳالهه ڪا اڄ جي ناهي پر صدين جي آهي، عربي ۽ فارسي سان به سنڌي مقابلو ڪندي رهي، وري انگريزي سان به ۔۔۔۔ تعليم کاتي جي ته ڳالهه ئي نه ڪيو، تازو ڪراچي ۾ ڀرتي ڪيل سنڌي ٻولي جي استادن کي پگهارون انهن مليون ۔۔۔ هزارين سنڌي خاندان پريشان آهن ۽ هتي سيڪريٽري تعليم ۽ وزير تعليم جي پاڻ ۾ نه ٿي ٺهي ۔۔۔۔

    ماروئڙا فقير ڪنهن در ڏين دانهڙي
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    سلمان سائين اوهان سچ پيا چئو، پر سائين پنهنجي ٻولي جي بچا خاطر پنهنجي وس آهر ڪوشش ته ڪرڻي آهي نه!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. غفوررند

    غفوررند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    168
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ھا اھو سچ آھي ت سنڌي ٻولي سان ويرين کي وير آھي پر پاڻ وارا مير پير ۽ وڏيرا ڇا پيا ڪن تازو قومي ٻولي جو آواز اٿيو آھي کين پڇيون ت سھي جڏھن توھان وفاق ۾ 5 سال ويھي مستيون ۽ عياشيون پئي ڪيون تڏھن ٻولي ياد ن پئي آئي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    بلڪل ادا غفور رند اوهان سهي چيو،
    سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي پيپلن ئي پوئتي ڌڪيو آهي، پنهنجي حڪومت هوندي به سنڌي ماڻهو اڪيلا آهن، پنهنجي ٻولي پنهنجي ثقافت هوندي به سنڌي قوم کي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پيپلن جي حڪومت هوندي سنڌ کي ڪو به فائدو نه ٿيندو آهي، بلڪه سدائين ڪو نه ڪو نقصان رسايو ويندو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو