• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٿاڻي بولا خان ويجهو چلهه مان اٿيل چڻنگ 100 کان وڌيڪ گهر ساڙي ڇڏي

ٿاڻو بولا خان (ن ع آ) : ٿاڻي بولا خان ويجهو چلهه مان اٿيل چڻنگ 100 کان وڌيڪ گهر ساڙي ڇڏيا. هڪ معذور ماڻهو سميت 4 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پي. 20 ڍور به سڙي ويا ۽ مري ويا. ٿاڻي بولا خان جي ڏورانهن علائقي مول شريف جي ڳوٺ موسو ڇورو (برفت) ۾ خطرناڪ باهه لڳڻ سبب 100 کان مٿي گهر سڙي رک ٿي ويا.ڳوٺ جي هڪ گهر جي چلهه مان اٿندڙ چڻنگ 200 کان مٿي گهرن واري ڳوٺ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. جنهن سبب ڳوٺ جا هڪ سئو کان مٿي گهر سڙي رک ٿي ويا. گهرن ۾ پيل سمورو سامان جنهن ۾ روڪ رقم، سونا زيور، نياڻين جو ڏاج، اناج ۽ ڪپڙا پڻ باهه جي نظر ٿي ويا.جڏهن ته ڳوٺاڻن جون 20 ٻڪريون پڻ سڙي مري ويون. باهه سبب ڳوٺ جي هڪ معذور شخص 75 سالن جو مينهن وسايو سندس گهر واري مائي چڱان، ساماڻو ۽ خميسو خاصخيلي باهه ۾ سڙي زخمي ٿي پيا. جن مان مينهن وسايو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. مختيارڪار ٿاڻو بولاخان ڳوٺ موسو ڇورو جو دورو ڪري خاليواپس وريو.
1501762_799151113444370_1063299208_n.jpg
 
Back
Top