شاهين لطيف ، سنڌي ،
سينيئر رڪن
اسلام آباد (م ڊ) : نجڪاري ڪميشن ملڪ جي قوم
ي فضائي ڪمپني پي آءِ اي سيمت اهم ادارن کي نجي ملڪيت ۾ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. بورڊ انهن سمورن ادارن جي ملازمن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ تي به اتفاق ڪيو آهي. محمد زبير جي صدارت ۾ اجلاس ۾ نجڪاري بورڊ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز کان علاوه هيوي اليڪٽريڪل ڪمپليڪس ۽ نيشنل پاور ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي نجڪاري جي منظوري ڏني وئي. جنهن کي هاڻي حتمي منظوري لاءِ ڪابينا جي نجڪاري ڪميشن ۾ رکيو ويندو. پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي 5 سيڪڙو شيئر وڪرو ڪرڻ سان 20 ارب رپيا، آئل اينڊ گئس ڊولپمينت ڪمپني جا 10 سيڪڙو شيئرز مان 70 کان 80 ارب رپيا يونائيٽيڊ بئنڪ لميٽيڊ جي10 سيڪڙو شيئرز مان 14 ارب، حبيب بئنڪ جي 20 سيڪڙو شيئرز سان 40 کان 50 ارب ۽ الائيڊ بئنڪ جي 10 ارب رپيا ملڻ جي توقع آهي. —
