• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي ڌماڪو ايس پي چوڌري اسلم شهيد !

ڪراچي لڳ ايس پي چوڌري اسلم تي حملو هڪ عرصي تائين دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاروايون ڪري دشمنن جون سازشون ناڪام بڻائيندڙ سپوت جي زندگي جو ظالمن باب ئي بند ڪري ڇڏيو۔
واقعي موجب تقريباَ 4 وڳي شام جو هڪ ضروري ڪم سان پنهنجي بلٽ پروف ڪار ۾ ويندڙ ايس پي چوڌري اسلم جي ڪار پويان هڪ آپگهاتي بمبار بارود سان ڀريل ٽئڪسي ٽڪرائي ڇڏي۔ جنهن جي نتيجي ۾ چودري اسلم سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال نيو ويو جتي هن رضا الهي سان هن دنيا کي رخصت ڪيو ۽ پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو۔ سندس نالو هميشه حق ۽ سچ خاطر پنهنجي آخري ساھ تائين جدوجهد ڪندڙ هن عوامي مجاهد طور شهيدن جي لسٽ ۾ سرفهرست رهندو۔ الله تبارڪ

وتعالي کيس جنت ۾ جا عطا ڪري۔ (آمين)
بم ڌماڪي سبب گاڏي مڪمل طور تباھ ٿي ويا
ڪيترا ئي ڪلوميٽرن پري تائين ڌماڪي جو آواز ٻڌو ويو
پوليس موجب بارود سان ڀريل ڪار ۾ 40 ڪلوگرام بارودي مواد ڀريل هو۔
چوڌري اسلم ڪراچي ۾ جاري ٽاريگيٽڊ آپريشن جي اڳواڻي پڻ ڪري رهيو هو۔
ميڊيا موجب ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا کيس نشانو بڻايو ويو، پر هو محفوظ رهيو۔
ان خطري سببان کيس پنهنجي فيملي کي دبئي منتقل ڪرڻو پئجي ويو۔
پر پاڻ پنهنجو فرض پورو ڪرڻ لا آخري دم تائين وڙهندو رهيو۔
چوڌري صاحب هميشه جيان اڄ گاڏي جو رستو نه مٽايو هو۔
مٿس دهشتگردن کي قتل ڪرڻ جا ڪيس پڻ هلايا ويا
تحريڪ طالبان ڌماڪي جي ذميواري قبولي ورتي۔
بحرحال اسان ته فقط اها دعا ئي ڪري سگهون ٿا۔ ته الله پاڪ کيس جنت ۾ جا ڏئي۔ ۽ اهڙن انسان دشمن عناصرن کي الله پاڪ هدايت ڏئي۔ جيڪي ڪنهن جي گهر جي ڏيئي ۽ ڪنهن قوم جي معمار کي سرعام هلاڪ ڪندي به دير نه ٿا ڪن۔
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ادا جنهن سماج ۾ حڪمران ظالم سان امن جون ڳالهيون ان جي خوف کان ڪري اتي انساني تنزلي جا اهڙا واقعا هر روز نئين جدت سان سامهون ايندا۔
 
Back
Top