ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ھڪ دفعي سن جي ڪنھن ماڻھو مون کي چيو ته مون کي سائين کان ڌاڳو پڙھائي ڏي آءُ ڌاڳو کڻي سائين وٽ ويس ۽ پوري حقيقت ٻڌايم. سائين جواب ڏنو: منھنجو اھڙين واھيات شين ۾ ايمان ئي ناھي. عرض ڪيم: پر ھن جو ته ايمان آھي نـ. سائين ناراض ٿي پيو، چئي اسان کي ماڻھن جي اھڙن واھيات عقيدن کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ گھرجي، يا ماڳھين انھن جو حوصله افزائي ڪجي ـ
بشڪريه عبدالواحد آريسر فيس بڪ پيج۔
آريسر صاحب جو مختصر تعارف
عبدالواحد آريسر موجوده جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) جو سربراه آهي. پاڻ ديوبند جا فارغ تٍصيل عالم آهن، لطيف رح سائين جا بهترين پارکو ۽ شارح آهن، جي ايم سيد سان هن جي گهري وابستگي رهي آهي. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين جن سنڌ جي نوجوان طبقي کي متاثر ڪيو. ويجهي ماضيءَ ۾ سندس تقريرون ايتريون ته پراثر هونديون هيون جو ٻڌندڙ پاڻ مرادو خاموش ٿي سندس دانشمندانه ڳالهيون غور سان ٻڌندا هئا. سندس مشهور ڪتابن مان هڪ ”سائين جي ايم سيد“ آهي جيڪو ڪتاب جي ايم سيد جي ذاتي ۽ سياسي زندگيءَ متعلق لکيل آهي.بشڪريه عبدالواحد آريسر فيس بڪ پيج۔

آريسر صاحب جو مختصر تعارف
آريسر صاحب جو لکڻ، پڙهڻ ۽ سياسي جدوجهد اڃا تائين جاري آهي. پاڻ اڃا تائين جي ايم سيد جي ڏنل سنڌ جي آزاديءَ واري پروگرام سان سلهاڙيل آهي. ان کان علاوه سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن انهن مان ڪجه هيٺ ڏجن ٿا:
سر ۾ سانجهيءَ وير۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ترم ياترا۔۔۔۔۔۔۔۔وريا واهرو۔۔۔۔۔۔۔چانڊوڪيون ۽ چيٽ۔۔۔ماڻهو ميگه ملهار
آريسر جي ڪتاب چانڊوڪيون ۽ چيٽ مان ورتل ٽڪرو
اڄ جي سنڌ غلامن جو ٻيڙو آهي ٻيڙي جي هر پهريدار جي هٿ ۾ هڪ هنٽر آهي، جيڪو پوري قوت سان ان ٻيڙي ۾ سوار هر سرڪش غلام جي جسم تي ڦهڪا ڪندو ٿو رهي، پوء به ان ٻيڙي جا پهريدار ڪن مردن ۽ عورتن کي چوندا ٿا وتن ته اسان توهان نه رڳو ڀائر آهيون پر اوهان کي حاڪم مڃڻ لاء به تيار آهيون ۽ اهي نادان هنٽر جي ڦهڪاء کي ڀٽائيء جي تنبوري جو آواز سمجهيو ويٺا آهن۔

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: