• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فضول خرچي کان روڪيندڙ ٻٽون تيار

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
Living%2BWallet.png

هڪ دفعي بازار کان واپسي تي پنهنجي دوست عرس پريو کي پريشاني ۾ آڱريون تي ڳڻندي گُم حالت ۾ ڏٺم ۔۔۔ پڇڻ تي دانهن ڪيائين ته يار رڳو هڪ چڪر بازار جو ڏيڻ سان 1035 روپيه خرچ ڪري آيو آهيان۔۔۔ هاڻي سوچيان پيو مهينو ڪيئن گذاريندس۔۔۔؟:)

دوست عرس وانگر جيڪڏهن توهان به بازار وڃي وڌيڪ پئسا خرچ ڪري ويهندا هجو ۽ موٽو ته پريشان هجو ته هاڻي فڪر ڇڏي ڏيو جو جاپاني ڪمپني ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي هڪ نئون ٻٽون مارڪيٽ ۾ آندو آهي جيڪو توهان کي فضول خرچي ڪرڻ کان روڪي وجهندو۔۔۔;)
Living Wallet نالي هي مرداڻو ٻٽون 4 ننڍن ويلن تي مشتمل آهي۔۔ توهان جيئن ئي فضول خرچي ڪندو هي ٻٽو توهان جي کيسي مان نڪري ڀڄڻ شرو ڪندو۔۔۽ جيڪڏهن ان کي پڪڙي به وجهو ته هي رڙيون ڪرڻ شروع ڪندو ته مون کي هٿ نه لائجان۔۔۔يا بچايو بچايو۔۔۔:eek:
جيڪڏهن پوءِ به هن کي تنگ ڪيو وڃي ته هي ٻٽون پنهنجي مالڪ جي والدين ڏانهن اي ميل موڪليندو ته توهان جو پٽ يا ڌيء ڪيترو فضول خرچ آهي۔۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر وري کيسي مان ڪڍڻ جي صورت ۾ هي والدين ڏانهن پاڻ مرادو ڪال به ڪري آٽوجنريٽڊ آواز ذريعي توهان جي شڪايت ڪندو۔۔:)


انگريز چريا۔۔۔ کين پاڪستانين کان سبق سکڻ گهرجي۔۔۔ جيڪي اهڙن ٻٽون جا ٽوڙ سيڪنڊن ۾ جوڙيو ڇڏين۔۔۔!!:)
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top