ڇا هڪ نيشنل سنڌي ٽي وي چينل جي ضرورت آهي جنهنجو حصيدار هر سنڌي پاڻ هُجي. مُهنجي سُهڻي سنڌ اجاين ويڇا گهاتين ۾ ويڙهجي پنهنجي اجتمائي ڪُوششن بداران افرادي ڪوششن، خود فهمي ڪري ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي، نسل، مذهب، ذات ۾ تقسيم ٿي وئي آهي ۽ سنڌ سنڌن هٿان تيزي سان نڪرڻ (سينٽري فيوگل فورس) لڳي آهي ۽ ڌارين جي حوالي قبضي ۾ اچڻ واري آهي۔ يقينن انهن جا ڪارڻ به اسان پاڻ آهيون، ٻين لا اکيون وڇائي پنهنجن کي لوڌي ڪڍڻ، قتل ڪرڻ، خوسنمائي، اجائي ڦونڊ، سستي، ڪاهلي، ٽرڙپائي، ڪم چوري هاڻ اسانجي تهذيب ٿيندي وڃي۔ ڇا اسان پاڻ ۾ هڪ ٿي ڦڙي ڦُڙِي حصيداري ڪري سنڌ نٿا بچائي سگهون۔ اجايو سرمايادارن، پيرن، ميرن، شاهن، رئيسن، ڪانڀو خانن جي پُڇ ۾ لٽڪي پيا آهيون جيڪو اسانجون پنهنجو ڳنڍيريون سڄسيون ساريون پاڻ چوپي الائي ٿو جنهن مان اسان رس ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ خوشنصيبي ۽ فخر ڪريون ٿا۔ ڪي ظالم ڪاروباري ميڊيا سان ۽ متعصب شخص ته غريب فنڪارن کي ريوڙي ڏيکاري ضرورت مندن کي پنهنجون حدون پار ڪرائي ڏور ڏيهن ۾ لڪائي رکندا آهن ته جيئن هو انهن ضرورتمندن کي ونگار طور استعمال ڪري سگهن ۽ ٻين ٻين چئنلن جي ويجهو نه وڃن۔ سوپ سيريل انهن جو مثال آهي، 100 يا وڌ قسط تي هي پيڪيج پروگرام ڏئي اڄين حصي اجوري تي پروگرامن ۾ شريڪ ڪري سڀني فنڪارن کي بيگهر ڪري ڏور ڏيهن ۾ مهنن لاِ انگيج ڪريو ڇڏين، ته جيئن ٻئي چينل وارن جا پروگرام يا رهجي وڃن يا ٿين ئي نه، بد نيت سان اهو ڪم خراب آهي۔ ڀلي ونگاري کي مُفت ۾ ڀت يا ڪي سگريٽ پاڻي لاي نوٽ ڏجن پر هو سماجي طور تي بلڪل ڪٽجي ويندا آهن، انهن جو اولاد تعليم کان ٻاهر ٿي ويندو آهي ۽ پوري گهربل تربيت حاصل نه ڪري سگهندو آهي، نتيجن آواره ٿي ويندو آهي ۽ سماجي بيماريون گهر ڪري وينديو آهن۔ پنهنجا ويچار ونڊيو ته ملي اڳتي قدم وڌايون۔ صرف ليک ڪونهين لکڻون ڀلي هُجن پر عملي طرح سان وٿ وٿ اڳتي وڌڻو آهي جي همٿ آهي ته ميدان تي لهو، ڦُڙي ڦُڙي دريا ٿي ويندو۔