ملهار چانڊيو غزل تو پُڄاڻان خوشي رُسي وئي آ، سچ پُڇين زندگي رُسي وئي آ. سڀ پنا ٿر ڀٽن جيان پياسا، وڏ ڦُڙي شاعري رُسي وئي آ. هر طرف خوف جي آ اُونداهي، شهر کان روشني رُسي وئي آ. عڪسُ تنهنجو وڃي ڪٿي ڳوليان؟ روح جي آرسي رُسي وئي آ. خوابَ ”ملهار“ سارا مُرجهايا، سوچ کان تازگي رُسي وئي آ.