تو پُڄاڻان خوشي رُسي وئي آ

malhar-chandio

سينيئر رڪن
ملهار چانڊيو

غزل

تو پُڄاڻان خوشي رُسي وئي آ،
سچ پُڇين زندگي رُسي وئي آ.

سڀ پنا ٿر ڀٽن جيان پياسا،
وڏ ڦُڙي شاعري رُسي وئي آ.

هر طرف خوف جي آ اُونداهي،
شهر کان روشني رُسي وئي آ.

عڪسُ تنهنجو وڃي ڪٿي ڳوليان؟
روح جي آرسي رُسي وئي آ.

خوابَ ”ملهار“ سارا مُرجهايا،
سوچ کان تازگي رُسي وئي آ.

1002501_587742194638600_683907796_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
خوبصورت شاعر ملهار جو سهڻو غزل

عڪسُ تنهنجو وڃي ڪٿي ڳوليان؟
روح جي آرسي رُسي وئي آ.
 
Back
Top