سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر ڇاهٺ (66) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ڏات ڏيئا ٻاريا لاڙڪاڻي جي 14 شاعرن جي ڪوتائن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب رياضت ٻرڙو آهي. ڪتاب ۾ سعيـد ميمـڻ، جـواد جعفــري، مختيار سمـون، احسـان دانـــش، روبيـنه ابــڙو، عادل عباسـي، فـياض لـطـيـف، رضـا بـخـــاري، حـبـدار سولنگـي، ساجــد سنـڌي، رضـــوان گـل، ابـرار ابڙو، اقبال کـوکـر ۽ رياضـت ٻــرڙو جي شاعري شامل آهي۔ اسين ٿورائتا آهيون مانواري رياضت ٻرڙي جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو