• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شڪارپور جو اديب ۽ پبلشر غلام رسول ميمڻ ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو

شڪارپور جو ناميارو صحافي ، اديب ۽ پبلشر غلام رسول ميمڻ ڪراچي ۾ رات اڍائي بج
1545688_280263812123231_1082917930_n.jpg
ي وفات ڪري ويو . انا للھ و انا عليھ راجعون مرحوم شڪارپور مان قرباني ۽ ناياب اخبارون ڪڍندو ھو . اسان جا اديب اسان جا شاعر جو مرتب ، مھراڻ پبليڪيشن جو باني . شڪارپور ھسٽاريڪل سوسائٽي ۽ سنڌي ليکڪ يادگار ڪاميٽي جو باني ميمبر ھو .
 
دُور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا.........

علمي،ادبي،سماجي شخصيت ، سينئر صحافي ،پرنٽر ،پبلشر ، اتر سنڌ ۾ پرنٽنگ جي حوالي سان مسلسل محنتي انداز سان ڪم ڪندي نت نوان لاڙا متعارف ڪرائيندڙ، ماڊرن پرنٽنگ پريس سکر / شڪارپور جو مالڪـ، سگا، شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽي ،پريس ڪلب شڪارپور جي بنيادي رڪن، جاکوڙي ۽ کاهوڙي ڪردار : استاد غلام رسول ميمڻ آغا خان اسپتال، ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
کيس اڄ شڪارپور ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.
 
Back
Top