• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

توهان جو ؤ اسان جو اولاد ڪجه چئي رهيو آهي،ان تي توجه ڏيندا!

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
توهانجو ۽ اسان جو اولاد ڪجه چئي رهيو آهي ،ان تي توجهه ڏيندا۔!!!!
1546242_525640497542873_93254391_n.jpg


1، جڏهن اسان ڪو سٺو ڪم ڪيون ته اسانجي حوصله افزائي ڪيو ۽ اسان کي انعام ڏيو۔

2، جڏهن اسان کان ڪا غلطي ٿئي وڃي ته مهرباني ڪري اسان تي ڪاوڙجي رڙين وارو انداز نه اختيار ڪندا پر نرمي سان اسانجي غلطي ٻڌائيندا ۽ ان جي سدباب لاء موقع ڏيندا۔

3، اسان کي سڀني جي سامهون برو بهلو نه چوندا ڪيو ،پر اڪيلائي ۾ اسان کي سمجهيندا ڪيو۔

4، اسانجا سوالات ڪهڙا به هجن ،انهن جو جواب نرمي سان ڏجو ۽ ڪاوڙجي جواب ڪڏهن به نه ڏجو۔

5، پڙهائي سان گڏؤگڏ اسان کي راند ؤ روند ۽ تفريح جا به موقع ڏيو۔

6،اسان کي سزا ڏيڻ وقت اهو ٻڌائڻ بلڪل به نه وسارجو ته اسان ڪهڙي غلطي ڪئي آهي۔

۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽

7، مهرباني ڪري اسان کي کي گڏه،بي وقوف ۽ خراب ٻار جو لقب ڪڏهن به نه ڏيو،


توهان جيڪڏهن مٿين ڳالهين تي توجه ڏئي اسانجي پرورش ڪندا ته يقين ڪريو،اسان ۾ ڪانفڊينس پيدا ٿئي ويندو۔ اسانجي نشوؤنماء صحيحي انداز ۾ ٿيندي۽ اسان معاشري جا بهترين فرد ٿئي سگهنداسين۔زندگي جي هر چيلنج کي صحيحي نموني منهن ڏئي ڪاميابيون ماڻينداس۔ توهان جو نالو به مٿائون ڪندس۔ توهان اسان تي اعتبار ته ڪري ڏسو، توهان کي مايوس نه ڪنداسين ۔

1509211_525195654254024_1118243467_n.jpg

 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
تمام خوبصورت نصيحتون ڪافي دفعا پڙهيل لکيل ماڻهو به بي توجهي ۾ اهڙيون غلطيون ڪري وهندا آهن ان طرف توجهه ڏيارڻ لاء اوهان جا لک لائق سدا سلامت هجو۔
 
بلڪل سائين اوهان صحيح فرمايو ۔۔۔

اسان جي اوالاد کي اسان جي توجهه جي ضرورت آهي۔ اسان کي گهرجي ته پنهنجي ٻارن جو خيال رکون، انهن کي وقت ڏيون، انهن جي ڏک سور بابت پڇون، هنن جي ڪمن تي نظر رکون ۽ هنن جي رهبري ڪيون۔ هنن جا پيء به بڻجون ته دوست به بڻجون۔
 
ٻارن سان نرمي وارو سلوڪ ڪرڻ کپي.. ڇو جو ٻار کي پيار مان ڀلي ڪيترو به زور سان ڍڪ هڻنبو ته به هو نه روئيندو پر اگر ڪاوڙ مان آهستي ڍڪ هڻبو ته هو يقيناََ روئي ڏيندو..
 
Back
Top