• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اک ۽ دل جو رشتو

نثارابڙو

نائب منتظم
اک ۽ دل جو رشتو ...

دل چيو اک کي؛ گهڻو نه ڏسندي ڪر، ڇاڪاڻ ڏسين تون ٿي ڏک گهڻا مونکي ملن ٿا ...

اک وراڻيو، گهڻو محسوس نه ڪندي ڪر، ڇاڪاڻ محسوس تون ٿي ڪرين، روئان آءُ گهڻو ٿي ...

suhnan saan​
 
جواب: اک ۽ دل جو رشتو

سائين اسان وٽ هڪ حڪيم هو حڪيم چراغ الدين خوش طبع هو ان وٽ هڪ مولوي صاحب علاج لاء ويو حڪيم صاحب چيو سائين ڪو فارسي بيت ٻڌايو مولوي صاحب ٻڌايو ته
همه با هوا و هوس ساختي سمورو وقت حرص و هوس ۾ گذاري ڇڏيو
دمي با مصالح نه پر داختي ڪا به گهڙي نيڪن سان مشغول نه ٿئين۔
حڪيم صاحب به انطرز تي هڪ بيت ٻڌايو ته
شــڪـــم را تا دهن تو پر ســـاختي۔
اگر چوگا نه چگتي تو کيون فاستي۔
 
جواب: اک ۽ دل جو رشتو

ادا رحيم بخش، الله توکي صحتمند حياتي بخش فرمائي ۔۔۔ حڪيم ۽ مولوي صاحب جا بيت پڙهيا ۔۔۔
مٿين بيت جي ته معني اوهان ڪئي پر هيٺ وارو بيت پاڻکي ڪجهه هينئن سمجهه ۾ آيو
آستي سپ ماتي ۔۔۔ پيتي کاتي ۔۔۔
نه پيتي نه کاتي۔۔۔ آستي سپ ماتي ۔۔۔
 
جواب: اک ۽ دل جو رشتو

اک ۾ حيا هجي، دل ۾ شرم هجي پوءِ ته بس ۔۔۔۔ ڇوٽڪارو ٿي ويو
 
جواب: اک ۽ دل جو رشتو

اک ۾ حيا هجي، دل ۾ شرم هجي پوءِ ته بس ۔۔۔۔ ڇوٽڪارو ٿي ويو

ادا مست سائين؛ اهي ٻئي شيون ئي ته مارن ٿيون ۔۔۔ حياء ۽ شرم هجڻ وارو ماڻهون ئي ته حساس هوندو آهي ۽ حساسيت ئي ته روئاري وجهندي آهي ۔۔۔

سوال اهو آهي ته؛ ڏکوئجڻ ۽ ڏکوئجڻ جي سبب اکين مان پاڻيءَ جو اچڻ ڇو ۽ ڪيئن ٿئي ٿو ؟ دل ويچاريءَ کي نه فقط اکيون ڏکوئن ٿيون پر ڪَنَ به وسان ڪونه ٿا گهٽائن ڪنهن دردمندانه آواز سان به دل تي اثر ٿئي ٿو ۽ اکيون روئن ٿيون ۔۔۔ دماغ پڻ کيس تنگ ڪري ٿو، دماغ جي ڪنهن خاني مان، اوچتو ڪنهن پياري جي ياد جو اچڻ ۽ دل تي اثر ٿيڻ ۽ اکين جو روئڻ ۔۔۔ مطلب ته دل چري آهي ۽ اکيون مجبور ۔۔۔
اوهان ڇا ٿا چئو؟
sindhsalamatsaathsal
 
ادا سائنسدانن انسان جي پنجن حَسَن جو ذڪر ڪيو آهي، ڏسڻ، ٻڌڻ، چکڻ، سنگهڻ ۽ لمس سان محسوس ڪرڻ پوءِ ته حس ته مطلب ته حساسيت،۔۔۔ معني ته اسان جي جسم جا جيڪي اهي حصا اهو ڪم ڪن ٿا اهي حساس آهن۔۔ انهن کي وري دماغ بادشاهه ڪنٽرول ڪري ٿو، دل انهن کي لاءِ کاڌي پيتي (رت جي وهڪري) ذريعي تازه دم ڪيو ويٺي آهي۔۔۔ پوءِ هاڻي انهن ۾ ته ڳانڍاپو هوندو نه۔۔۔ اکيون آليون هروڀرو نه ٿينديون، ڪا ڳالهه دماغ جي ڪنهن حصي مان دل کي ڌڪ هڻي ٿي۔۔ ڪا ڏکايل ڳالهه ٻڌي يا ڏکيو منظر ڏسي دل دهلجيو وڃي۔۔۔
مطلب ته اهي اسان واريون حسون ئي اسان کي روئارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون۔۔۔ shal judy hujeen
 
Back
Top