ادا مست سائين؛ اهي ٻئي شيون ئي ته مارن ٿيون ۔۔۔ حياء ۽ شرم هجڻ وارو ماڻهون ئي ته حساس هوندو آهي ۽ حساسيت ئي ته روئاري وجهندي آهي ۔۔۔
سوال اهو آهي ته؛ ڏکوئجڻ ۽ ڏکوئجڻ جي سبب اکين مان پاڻيءَ جو اچڻ ڇو ۽ ڪيئن ٿئي ٿو ؟ دل ويچاريءَ کي نه فقط اکيون ڏکوئن ٿيون پر ڪَنَ به وسان ڪونه ٿا گهٽائن ڪنهن دردمندانه آواز سان به دل تي اثر ٿئي ٿو ۽ اکيون روئن ٿيون ۔۔۔ دماغ پڻ کيس تنگ ڪري ٿو، دماغ جي ڪنهن خاني مان، اوچتو ڪنهن پياري جي ياد جو اچڻ ۽ دل تي اثر ٿيڻ ۽ اکين جو روئڻ ۔۔۔ مطلب ته دل چري آهي ۽ اکيون مجبور ۔۔۔
اوهان ڇا ٿا چئو؟
sindhsalamatsaathsal