رسول بخش جوڻيجو
سينيئر رڪن
هي ڪهڙو ناٽڪ آهي؟
رسول بخش پليجو
سنڌي ميڊيا ۽ فيس بُڪ جي ڪجهه تحريرن مان لڳي ٿو ته 5 جنوري 2014ع تي سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ ۽ ناقابل تصور سنڌ دشمن واقعن مان هڪڙو تمام وڏو ڀيانڪ سنڌ دشمن واقعو ٿي گذريو. هڪڙي مخالف ماڻهوءَ سنڌ ورهائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، هڪڙي سنڌي قومي تنظيم کانئس مطالبو ڪيو هو ته 48 ڪلاڪن اندر ان اعلان کي واپس وٺو نه ته احتجاجي هڙتال ڪبي. هڪڙي ٻي قومي تنظيم هڙتال جي سڏ جي ائين چئي مخالفت ڪئي ته هڙتال جي ڪري سنڌي غريب ماڻهن جي روزگار تي برو اثر پوندو. شام جو ان تنظيم سميت ٻيون سنڌي قومپرست ڌريون اوچتو ئي اوچتو گڏ ٿيون. هڙتال ڪرائيندڙ ڌر چيو ته سڀ هڙتال جي پٺڀرائي ڪريو پر ڪنهن به حامي نه ڀري. هڪڙي قوم پرست تنظيم چيو ته هڙتال جي ڪري سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جا تعلقات خراب ٿيندا. ٻئي چيو ته سنڌي غريبن جي روزگار تي لت ايندي، ان ڪري هڙتال جي گڏيل مخالفت ٿي. ان وچ ۾ مخالف ڌر رات جو هڙتال جو سڏ ڏيندڙ ڌر وٽ لنگهي آئي ۽ سندس ڪيل مطالبو مڃي پنهنجي ڳالهه تان هٽي وئي. نتيجي ۾ هڙتال جو سڏ ڏيندڙ سنڌي قومي تنظيم پنهنجي ڪيل اعلان موجب هڙتال جو سڏ واپس ورتو. پر اهي ڌريون جن اڳئين ڏينهن چيو هو ته سڏايل هڙتال جي ڪري غريب سنڌين جي گذر کي نقصان رسندو، تنهن ڪري اها نه ڪجي ۽ ٻين ڌرين گڏيل ميٽنگ ۾ چيو هو ته هڙتال جو ضرور ڪونهي، ڇو ته سنڌي- اردو ڳالهائيندڙن جا تعلقات خراب ٿيندا، اجائي ڇڪتاڻ ٿيندي، ان ڪري گڏيل مذمتي پريس بيان ڪافي ٿيندو، سو هڙتال بدران پريس بيان ڪڍي ورهاڱي جي ڳالهه جي مذمت ڪجي، تن ٻئي ڏينهن هڙتال جي سڏ واپس وٺڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ ماتم برپا ڪري ڇڏيو، جيڪو جاري آهي. جن فيس بڪ تي لکيو هو ته هڙتال ڪرڻ بدران ڪراچي ۾ ڪلفٽن تي مظاهرو ڪريو، اهي به اوڇنگارن ۾ آهن، جن ڪڏهن به ڪنهن قومي سڏ جي تائيد ۾ ٻه اکر به نه لکيا، سي به صدمي ۾ آهن. ڪو پڇي ته ابا! خير ته آهي؟ ڇا ٿيو؟ ڪهڙي قيامت اچي ويئي؟ ٻين ڳالهين کي ڇڏيو، رڳو اهو سمجهايو ته اوهان ته هڙتال جي سڏ جي حمايت ئي ڪانه ڪئي هئي، علي الاعلان مخالفت ڪئي هئي، پوءِ جي اها نه ٿي ته اوهان کي ته خوش ٿيڻ گهرجي يا ماتم ۽ ممڻ مچائڻ گهرجي؟ اچو ته سوچيون ته همراهن جي خيال ۾ قوم سان اوچتو ڪهڙو ڪو نئو ناقابل تلافي قهر ٿيو آهي، جنهن جي صدمي ۾ همراهن جون ڍڪون ۽ سڏڪا بند نٿا ٿين!؟
(1) مخالف پراڻي عادت موجب هڪڙي سنڌ مخالف ڳالهه ڪئي، جيڪا سنڌي قوم ۽ ان جي وفادار ماڻهن کي نه وڻي. (2) هڪڙي سنڌ دوست تنظيم احتجاجي هڙتال جو سڏ ڏيندي مخالف ڌر کان مطالبو ڪيو ته پنهنجي ڳالهه تان هٿ کڻ نه ته هڙتال ڪئي ويندي. (3) ۽ جي ان سنڌ دشمن ڳالهه تان هٿ کڻندين ته اسين هڙتال تان هٿ کڻنداسين. (4) ٻين سنڌ جي همدرد ڌرين سان گڏجاڻيءَ ۾ صلاح ڪئي وئي، جن هڙتال جي تائيد نه ڪئي ۽ مخالفت ڪئي. (5) مخالفن هڙتال جو سڏ ڏيندڙ ڌر جي در تي اچي پنهنجي ڳالهه تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو ۽ موٽ ۾ هڙتال جو سڏ ڏيندڙ ڌر پنهنجي اعلان مطابق هڙتال جو سڏ واپس ورتو.
اٿاريل اعتراضن جو تت هي ٿو نڪري:
1، هڙتال جو سڏ ڏيندڙ ٻين کان پڇڻ کان سواءِ اڪيلي سر هڙتال جو سڏ ڇو ڏنو؟ مخالفن کي پاڻ وٽ اچڻ ۽ پنهنجي ڪيل اڻ وڻندڙ ڳالهه تان هٿ کڻڻ ڇو ڏنائون؟
2، جڏهن مخالفن ساڻس ملڻ جو چيو، تڏهن انهن کي اچڻ ڇو ڏنائون؟
3، جڏهن هو آيا ۽ هڙتال ڪرائيندڙ ڌر جو مطالبو مڃي ورتائون ۽ سنڌ جي ورهاڱي جي مطالبي تان هٿ کنيائون، تڏهن اها دستبرداري ڇو قبول ڪئي وئي؟ واعدي موجب ڪيترن ئي يارن کي ظاهر ظهور يا دلي اعتراض آهي ته جڏهن ايم ڪيو ايم وارا سنڌين جا مخالف آهن، تڏهن کين گهر ڇو اچڻ ۽ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ڏني وئي. ان جا جواب به آهن. پهريون ته اعتراض ڪندڙن مان گهڻا ايم ڪيو ايم وارن سان رڳو هڪڙو دفعو ڪلاڪ ٻه گڏ ڪونه ويٺا آهن، پر ذهني يا جسماني طرح ڄڻ ته نائين زيرو تي ٽڪيا پيا آهن. ڪيترن جون زندگيون اڻ سڌيءَ طرح انهن جي خاڪ شوري ڪندي گذريون آهن.
هڪڙو زبردست ۽ لاجواب اعتراض اهو ڪيو ويو ته Solo March ڇو ڪئي وئي آهي؟ يعني هيءَ ڳالهه ٻولهه اڪيلي سر ڇو ڪئي وئي آهي؟ هڪڙو جواب ته اهو آهي ته ٻين قوم پرستن پاران ساڳي رات ڪيل گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ ورهائڻ جي اعلان خلاف احتجاجي هڙتال ڪرڻ جي اڳي ئي مخالفت ڪري ڇڏي ويئي هئي، تڏهن هڙتال واپس وٺڻ لاءِ انهن سان وڌيڪ صلاح مصلحت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ هنن يڪراءِ چيو هو ته هڙتال سان نقصان ٿيندو، غريب ماڻهن جي روزگار تي اثر پوندو، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جا تعلقات خراب ٿيندا وغيره وغيره. اهڙي حالت ۾ هڙتال جي سڏ جو واپس وٺجڻ انهن جي گڏيل مرضيءَ جي عين مطابق هو. ان مرضيءَ مطابق ڪم ڪرڻ ۾ ڪهڙي اربع خطا ٿي پئي؟ ٻيو ته هڪڙو ننڍڙو سوال اهو آهي ته جيڪڏهن دنيا جا سمورا ڪم جهجهن جي ٻڌيءَ وسيلي ئي ڪرڻا هجن ها ۽ اڪيلي سر ڪجهه ڪرڻ وڏو ڏوهه هجي ها ۽ ان جي سخت منع هجي ها ته اڄ دنيا ڪٿي ۽ ڪهڙي حالت ۾ بيٺي هجي ها؟ گهڻي خبر ناهي پر بظاهر ته شاهه عنايت، هوشوءَ، ڀڳت سنگهه، هيموءَ، لالا قادر، اختر بلوچ، عاشق جوڻيجي ۽ اهڙن ٻين جيڪي ڪجهه ڪيو، سو ڪي ميڙ ڪوٺائي اجتماعي فيصلا ڪرائي ڪونه ڪيو هو. جيڪي سندن عقل سمجهه ۽ دل ۾ آيو، سو پاڻ پنهنجي ذميواري تي ڪيائون. دنيا جون سموريون چالون، فوجي ۽ جنگي رسمون ۽ رواج توڙي درويش پنڊت چاڻڪيه واري چندر گپت موريا سڄي سنڌ، پنجاب، اتر هند جا چور، ڌراڙ، ٻيا رولاڪ ۽ بظاهر ڪنهن نه ڪم جا ماڻهو گڏ ڪري، سيکاري، جنگ ۾ ڪتب آڻي، هندستان جي شهنشاهت قائم ڪئي ۽ 500 هاٿي ڏيئي، سڪندر اعظم هندستان جو جيڪو علائقو قبضي ۾ ڪيو هو، اهو آزاد ڪرائي واپس ورتو. سندس پوئتي اشوڪ اعظم مورڳو پنهنجو هندو مذهب بدلائي، ٻُڌ ڌرم جو پوئلڳ ٿي معزز ٻانڀڻ ۽ پنڊتن جي صلاح مصلحت ۽ هدايت بنا آرين جا سمورا قانون ٽوڙي جنگي قيدين کي غلام بنائڻ جو دستور ڪڍي ڇڏيو. انسانن توڙي جانورن کي زندگي ۽ صحت جو حق ڏياريائين ۽ سندن علاج لاءِ زبردست عملي قدم کنيائين. هڪڙي نوجوان شاگرد کان مون پڇيو ته جيڪڏهن سولو فلائيٽ يعني اڪيلي سر اهم ڪم ڪرڻ تي پابندي هجي ها ته ڇا ٿئي ها؟ ته هڪدم چيائين ته دنيا جا گهڻا وڏا ڪم رهجي وڃن ها. مون چيس مثال طور؟ چيائين فرانس جي هارياڻي ڇوڪري جون آف آرڪ جو پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي ذاتي فوج ٺاهي، پاڻ ان جي ڪمانڊر بنجي، فرانس کي انگلينڊ کان آزاد ڪرائڻ، ڪولمبس جو آمريڪا ڳولهي لهڻ، عالمي سياحن جو اتر قطب، ڏکڻ قطب ڏسي اچڻ وغيره. مون به چيو ته جيڪڏهن پرنٽنگ پريس، ٻاڦ جي انجڻ، ريل لائين، موٽر ڪارون، هوائي جهاز، علاج لاءِ آپريشن وغيره ڪرڻ، زمين ۽ آسمان بابت گليلو، وائڪلف، ڪاپرنيڪس ۽ ٻين هزارن لکن عالمن ۽ سائنسدانن لاءِ اهو شرط هجي ها ته پنهنجي سموري سنگت ساٿ، تنظيم ۽ راڄ ڀاڳ کان پڇي پوءِ ڳالهيون ۽ ڪم ڪندا ڪريو، پنهنجي سر ڪجهه به نه چئو، نه ڪريو ته جيڪر اڄ سڄي دنيا ڍڳي گاڏين ۽ اٺن تي چڙهيو پئي هلي ها ۽ سماجي انقلاب لاءِ نيون راهون، طريقا، بند ٿيل گس کولڻ وارن ڪارل مارڪس، اينجلس، لينن، مائو، هوچي منهه، نيلسن منڊيلا وغيره تي به اهڙي بندش هجي ها ته دنيا جو ڪهڙو حشر ٿئي ها؟
ٻيو جواب آهي ته ڇا جيڪي ڌريون ڪن ڳالهين تان هڪ ٻئي جون سخت کان سخت مخالف هونديون آهن، سي ڇا ڪڏهن به هڪ ٻئي سان ملي ڳالهه ٻولهه نه ڪنديون آهن؟ سنڌي ماڻهن سان محبت ۽ وفاداري جي دعويداري قوم پرستن کان هزار دفعا وڌيڪ پيپلز پارٽي ۽ ٻيون تنظيمون ڪن پيون. اهي مخالف ڌرين کي سنڌ مخالف ڄاڻائين ٿيون، پر ڇا هو انهن سان ڪڏهن به هٿ نٿيون ملائين ۽ اڌ ڪلاڪ به انهن سان گڏ ويهڻ ڪبيرو گناهه ٿيون سمجهن؟ جرمني، روس، انگلينڊ، فرانس، آمريڪا، جپان، چين ۽ ٻيا ملڪ هڪ ٻئي سان الائي ڪيتريون جنگيون ڪري چڪا آهن، جن ۾ سندن الائي ڪيترا ماڻهو مري چڪا آهن ۽ تباهيون ٿي چڪيون آهن، پر پوءِ به هو هڪ ٻئي سان ملي جلي ڳالهيون ٻولهيون نٿا ڪن؟ مطلب ته مخالف سا ڳالهه ٻولهه تي مڪمل ۽ قطعي پابندي کان وڌيڪ عوام دشمن ۽ عقل دشمن ٻي ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟
دنيا ۾ ماڻهو سدائين هڪ ٻئي سان هزارين سنهين ٿلهين ڳالهين بابت وڙهندا وڳندا رهندا آهن. ڪڏهن ضرورت آهر ڪن نقطن تي پوئتي هٽندا ۽ هڪ ٻئي کان ڇوٽ وٺندا رهندا آهن، پوءِ يا ته اڳلي کي وري شڪايت جو ڪو سبب نه ڏيندا آهن يا ٻه ٽي ڏينهن سهي وري به اها ساڳي يا وري به ساڳيو جهيڙو ڪرڻو پوندو اٿن. ڪا ٻي اهڙي ڪارروائي ڪري شڪايت جو سبب ڏيندا آهن. مطلب ته دنيا ۾ جهيڙن ٿيڻ، پوئتي هٽڻ، اڳتي وڌڻ جو ڪاروبار پيو هلندو آهي. ان ۾ تمام ٿورڙي يا گهڻي وقت تائين اڳتي پوئتي ٿيڻ کي ڪو عيب ڪونه ليکيو ويندو آهي.
سو جي هنن بي واجبي ڪئي، اسان اعتراض ڪري پلاند ڪرڻ جو چيو ۽ جي هو پوئتي هٽيا ته آسمان ڪونه ڪري پيو، قيامت ڪانه اچي ويئي، توبهه جا دروازا بند ڪونه ٿي پيا. جي جنهن ڳالهه تان هٿ کنيو ويو آهي، اها وري ڪئي وئي ته احتجاج جي دروازن تي ڪي تالا ڪونه لڳي ويا آهن، جو وري اهڙا يا انهن کان به وڏا احتجاج ۽ جوابي دفاعي ڪارروايون نه ڪري سگهجن! ساڳيءَ طرح جي ڌرين جي مرضي ٿي پئي ته پوءِ جهيڙي کي ختم يا ماٺو ڪرڻ جا به هزارين گس گهيڙ پيا آهن. جيڪا ٻنهي ڌرين جي عوام جي مرضي هوندي، ان مطابق اڳتي، پوئتي هٽي، وڌي سگهجي ٿو. هي جيڪو قومي محبت ۽ نمائندگيءَ جي اڪيلن ٺيڪيدارن انٽرنيٽ، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ست بگهاڙين جا لشڪر بڇي ڇڏيا آهن، جن جي رات ڏينهن اوناڙن ماڻهن جي مٿي ۾ سور وجهي ڇڏيو آهي، اهي اوناڙ نه انهن کي، نه قومي مفادن کي ڪو فائدو رسائي سگهندا، الٽو اڳتي وڌندڙ قومي جدوجهد جي قافلي اڳيان رڪاوٽون وجهڻ جون ناڪام ڪوششون ثابت ٿيندا. ٻئي طرف ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي قتل عام لاءِ هڪيو تڪيو بهانو ڏيڻ لاءِ 30 سيپٽمبر تي حيدرآباد ۾ فائر ڪري ڪري ڪجهه ماڻهو ماري گهربل بهانو ڏيئي ٻئي ڏينهن پهرين آڪٽوبر 1988ع تي 300 سنڌي ڪهائي وڌا ۽ جن کي انعام طور ڄام صادق علي ۽ ايم ڪيو ايم جي سرڪار جيل ۾ معزز مهمان ڪري ويهاريو، جنهن کي هن پنهنجو سياسي دفتر بنائي ان منجهان زبردست بيان بازي ڪري پاڻ کي تاريخ جو ٻيو دودو، دريا خان، هوشو، هيمون ۽ ٻين اڀرن سڀرن قوم جي همدرديءَ جي دعويدارن کي نڪمو، نا اهل ۽ بي ايمان ثابت ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. خون جا ڪيس هليا ئي ڪونه، ڪنهن به سزا جزا جو فيصلو ٿيو ئي ڪونه ته ان کان اڳ ئي چيو ويو ته کيس موت جي سزا مليل آهي، سندس موت جا وارنٽ ڪڍيا ويا آهن. سڄي سنڌ ۾ ڀتين تي سوين قومي مطالبا لکجي ويا ته فلاڻي جي موت جا وارنٽ رد ڪريو. اها ڳالهه رڳو اڄ ڪانه ٿي ڪجي، اها جڳ مشهور ڳالهه آهي. 30 سيپٽمبر 1988ع ۽ پهرين آڪٽوبر 1988ع کانپوءِ مهينن جا مهينا اخبارن ۽ ڪتابن ۾ ڇپيل ڳالهه آهي. مثلاً:
”اڄ پهرين آڪٽوبر جو ڏينهن آهي. پورو هڪ سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي پرهه ڦٽيءَ کان وٺي صبح جو ڏهين وڳي تائين سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ ڳولهي ڳولهي سنڌين کي خودڪار هٿيارن جا برسٽ هڻي قتل ڪيو ويو هو. ان ڏينهن پاڪستان تي آمر جي ڇڏيل نگران حڪومت هئي ۽ سنڌ جو حڪمران اختر علي قاضي هو. غير سرڪاري اندازي مطابق هڪ سئو کان وڌيڪ سنڌين جو قتل عام ٿيو هو ۽ ان تعداد کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا هئا، جن مان اڪثر اپاهج ٿي چڪا آهن. اهي ماڻهو جيڪي ان ڏينهن ماريا ويا هئا يا جيڪي ڦٽيا هئا، سي ڪراچي جي جن علائقن ۾ رهندا هئا، اتان هنن جون پاڙون پٽجي ويون هيون. هن وقت ڪراچيءَ جا اهي علائقا گهڻو ڪري سنڌين کان خالي ڪيا ويا آهن. شاهه فيصل ڪالوني ان سلسلي ۾ هڪ مثال آهي. جنهن ماڻهو کي، ڏيهي ۽ پرڏيهي اخبارون ڪراچيءَ جو سماجي خدمت ڪندڙ فرشتو ڪوٺينديون آهن، ان جي ٽرسٽ وارين ايمبولينس گاڏين سنڌين جا لاش کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين هن واقعي بابت ملڪ جي نام نهاد قومي اخبارن هن سانحي جي ذڪر ڪرڻ کان پئي لنوايو آهي. انهن اخبارن جي عامل صحافين ۽ قابل ايڊيٽرن جو خيال آهي ته پهرين آڪٽوبر وارو واقعو حيدرآباد جي 30 سيپٽمبر 1988ع واري واقعي جو ”فطري رد عمل“ هو ۽ جيڪي ماڻهو لساني، نسلي يا مذهبي فسادن ۾ ماريا ويندا آهن، انهن کي ياد ڪرڻ ضروري ناهي هوندو. ڀلي ته اهو واقعو اسان مان ڪن ماڻهن جي غلطي جي ڪري ٿيو هجي يا ڪنهن خاص ڌر جي ڪمانڊوز پاران هڪ ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ ڪيل قتل عام جي ڪري هي حادثو ٿيو هجي، ڀلي ته اسان هن واقعي تي ان ڪري به خاموش رهڻ پسند ڪريون ته متان زبان کولڻ سان اسان جي ڪيل ڪنهن ٺاهه تي برو اثر نه پوي يا ڪنهن خاص سياسي ڌڙي کي فائدو نه حاصل ٿئي، .....(پر) ..... هي ڏينهن سنڌ جي تاريخ ۾ 4 مارچ 1967ع واري ڏينهن (ون يونٽ خلاف سنڌي شاگردن جي تحريڪ) جيان هميشه ياد ڪيو ويندو.“
(ڏسو: انور پيرزادي جو ڪتاب ”ڀُڻ جُهڻ“ صفحو 42 کان 44)
”ايتري ۾ 15 آڪٽوبر تي ڪراچيءَ جي هڪ روزاني سنڌي اخبار ۾ ”بهاري نه آڻيو، ڪالاباغ ڊيم نه ٺاهيو“ سنڌ قومي ڪانفرنس جي باري ۾ هڪڙو اچرج جهڙو عجيب غريب مضمون شايع ٿيو، جنهن ۾ ڪانفرنس تي سخت ڇوهه ڇنڊيا ويا ۽ ان کي دشمن جي سازش قرار ڏنو ويو. عنوان هو؛ ”پليجو ڪانفرنس ۽ سنڌ جي بقا جو سوال“ مضمون جي سري جي هيٺان...... نالو لکيل هو.
اهو مضمون ڪا پهرين لکت ڪانهي، جيڪا ..... نالي سان اخبار ۾ شايع ٿي هجي. اخبارون ۽ رسالا پڙهندڙ ماڻهن کي خبر آهي ته ان نالي سان روز ٻئي ڏينهن ڪونه ڪو اخباري بيان، مضمون، مقالو يا انٽرويو ضرور ڇپبو آهي. پر ان هوندي به هن مضمون بابت سڀ کان پهرين ان سوال جو جواب ڳولڻو پوندو ته، ”اهو مضمون در حقيقت ڪنهن لکيو آهي، ان ماڻهوءَ جنهن جو نالو ان تي لکيل آهي يا ڪنهن ٻئي؟ ڇو ته سڀني کي خبر آهي ته جنهن ماڻهوءَ جو نالو ....... آهي، سو ته آزاد آهي ئي ڪونه، جيل اندر بند آهي ۽ سو به قتل ۽ بغاوت جهڙن خطرناڪ ۽ سنگين الزامن ۾! ايتري قدر جو ڀتين تي به لکيل هوندو آهي، ”...... جا موت جا وارنٽ منسوخ ڪريو!“ اهي نعرا جن کي ڪير نه ٿو ڊاهي ۽ جن جي ڪابه ترديد ڪانه ڪئي وئي آهي، تن مان ته بظاهر ائين ٿو لڳي ڄڻ خدانخواسته قتل جا ڪيس هلي پورا ٿي ويا آهن، خدانخواسته موت جي سزا ملي به ويئي، اپيلون ٽپيلون رد به ٿي ويون ۽ موت جي سزا جا وارنٽ به نڪري ويا آهن ۽ جي اهي رد نه ٿيا ته خدا نه ڪري، الائي ڇا ٿي ويندو!
ڪيئن به هجي پر اها ته پڪ آهي ته..... فقط هڪڙي ماڻهوءَ جو نالو آهي ۽ ان نالي وارو ماڻهو سخت ترين ۽ سنگين ترين الزامن هيٺ قيد آهي. اها به سڀني کي خبر آهي ته پاڪستان سميت روءِ زمين جي سمورن جيلن جي قاعدن موجب جيل منجهان سياسي بيان بازي ڪرڻ جي سخت ترين منع آهي. جي ڪوبه انهن قاعدن جي خلاف ورزي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ان خلاف سخت ترين قدم کنيو ويندو آهي. جيل حڪومتي دٻاءُ ۽ جبر جو وڏي ۾ وڏو هٿيار آهي ۽ ان کي ڪم آڻڻ ۾ هر حڪومت انتهائي حساس هوندي آهي. اها جنهن به سياسي قيديءَ مان ڪو پائيءَ جو به خطرو محسوس ڪندي آهي، ان جو سر رلائي ڇڏيندي آهي. سنڌ جا هزارين سياسي ماڻهو جيلن مان ٿي آيا آهن. سڀني کي خبر آهي ته ڪير ڪيڏو به کڻي ٽيشنگ ڇو نه هجي، جيلن مان سياسي بيان بازي جي موڪل مليس يا سپرنٽينڊنٽ يا عملي جي صلاح سان اها ڪري سگهي، سو سوال اصل پيدا ئي نه ٿو ٿئي. اهو سپرنٽينڊنٽ يا عملو ٻئي ڏينهن خود پيو لاڪ اپ جون هوائون کائيندو. سڀني کي خبر آهي ته حيدرآباد سينٽرل جيل جي سپرنٽينڊنٽ وقت جي وزير اعلى جي مرضيءَ خلاف خود سنڌ جي گورنر مير رسول بخش خان ٽالپر کي جيل وزٽ ڪرڻ ڏنو ته ان جو ڪهڙو حشر ڪيو ويو. (هلندڙ)
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com