• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وسري ويل منهنجو پيارو هڪ ٽپال جو دٻو !

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
7996_742225142454353_2091175370_n.jpg

وسري ويل منهنجو پيارو هڪ ٽپال جو دٻو !

عبدالقدير ميمڻ
اسان جي سنڌ جي تعليم تيستائين اڌوري آهي جيستائين اسان ” دي پوسٽ مين “ جو مضمون ياد نٿا ڪريون ، ڇو ته اهو مضمون ڪنهن وقت به انگريزيء جي پيپر ۾ اچي سگهي ٿو.
اهو ” پوسٽ يا ٽپال “ جو به عجيب انتظار۽ رابطن جو واحد سلسلو هوندو جڏهن دنيا جديد نه ٿي هئي ، فون ، موبائيل ۽ انٽرنيٽ سان دنيا اڃان ڳنڍي نه هئي ، جنهن ۾ ٽپاليء جي خط کڻي اچڻ جون راهون تڪيندا هئاسين . هاڻي به انهيء پوسٽ ۽ ٽپاليء جي اهميت اڄ به آهي پر شايد ٽپال کاتي جا ماڻهون به انهن ادارن وانگر ٿي ويا آهن ، جن تي ڪو به مضمون ڪتابن ۾ ناهي هوندو.
اهڙيء طرح مين روڊ نوشهرو فيروز ۾ قدير ڪلينڪ جي اڳيان لڳل پوسٽ جو دٻو جنهن جوپوسٽل ڪوڊ 67370 لکيل آهي جنهن مان پوسٽ ڪڍڻ جو وقت 3:40 منٽ لکيل آهي ، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته انهيء ” ٽپال جي دٻي “ کي گذريل 6 مهينن کان ناهي کوليو جنهن ۾ هتان جي سرڪاري آفيسن ۽ عام ماڻهن جي خطن سان هيء ” پوسٽ جو دٻو “ هاڻي ڀريو پيو آهي ، جڏهن ته ڪافي دفعا مين پوسٽ آفيس جي پوسٽ مين سان پوسٽ جي دٻي کي نه کولڻ جون شڪايتون ڪيون آهن ۽ انهيء پوسٽ مين ته هميشه اخلاق سان پيش اچي هميشه روزانو کولڻ جو واعدو ڪندو آهي ، پر وري به اها روايتي سستي ، ڪم چوري ، نا اهليء وارا جواب ته ڄاٻي مون وٽ ناهي ۽ اهڙيء طرح هتي جا سرڪاري ڪاغذن جا ڪم ۽ پرين پيارن جا انتظار هن پوسٽ جي دٻي جي خط جي انتظار ۾ ڪيڏا نه اداس ۽ اٻاڻڪا ويٺا هوندا .
پاڪستان پوسٽ جي اعلي اختيارين کي گذارش عرض آهي ته اهڙي قسم جي سستي ، لاپراوهي ۽ غير ذميواريء کان پاسو ڪري انهيء موجود بند پيل پوسٽ جي ڊٻي مان پوسٽ ڪڍي وڃي ۽ انهيء کي روزانه جي مقرر ٿيل وقت تي ٽپال ڪڍڻ کي افضل ذميواري سمجھي پوررو ڪيو وڃي —
 
سنڌ ۾ هر اداري جيان هي ادارو به شايد تباهي جي ڪنڌي تي پهتل آهي.. پر ملڪ جي وڏن شهرن ۾ ڏٺو وڃي ته گذريل ڪجهه سالن ۾ پاڪستان پوسٽ ۾ ڪافي بهتري آهي، جنهن ۾ عوام لاء ڪافي نيون سهوليتون مهيا ڪيون پيون وڃن. جن ۾ ارجنٽ ميل سروس به آهي جيڪا ساڳي ڏينهن تي ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ ٽپال جو پهچڻ به آهي..
dpppo.jpg

جن به دوستن کي مقامي ٽپال سان ڪا به شڪايت آهي، انهن کي گهرجي ته عوام الناس جي ڀلائي لاء پاڪستان پوسٽ جي ويب سائٽ تي آن لائن شڪايت درج ڪرائن.. دير سوير ضرور ان تي ڌيان ڏنو ويندو، ڇو ته هي ادارو ڪافي متحرڪ ٿي ويو آهي..
51e545d2813bb.jpeg


پاڪستان پوسٽ جي ويب سائٽ
 
Back
Top