اڄ جو خط ..........انساني عقل جي نشونما تعليم سبب ئي ممڪن آهي

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2014۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    تعليم هر شئي جو بنياد آهي. تعليم سان ئي ترقيءَ جون بلند و بالا منزلون طئي ڪري سگهجن ٿيون. تعليم نه فقط انسان جي عقل جي نشونما ڪري ٿي پر تعليم معاشري ۾ هڪ الڳ مقام پڻ ڏياري ٿي. اها اسان جي بدقسمتي آهي جو اڄ تائين اسان تعليم جي اهميت کان واقف ئي ناهيون ٿيا، يا ائين کڻي چئجي ته، اسان تعليم جي اهميت کي سمجهڻ ئي نه ٿا گهرون، اسان جا تعليمي ادارا تباهيءَ جي ڪناري تي آهن ۽ اسان اڃان به خاموش تماشائي آهيون، سڀ ڪجهه ڄاڻڻ جي باوجود به ڪن لاٽار ڪري پنهنجي ذميوارين کان بيخبر آهيون. اسان جا ڪجهه محترم اُستاد، جيڪي شهرن کان ٻهراڙين ۾ مقرر ٿيل آهن، اهي پنهنجي لاءِ اچ وڃ جو سبب ڄاڻائي هفتي ۾ مشڪل سان ڪجهه اسڪول ۾ حاضر ٿين ٿا، جنهن جو نوٽيس وٺڻ وارو ڪو به نٿو ڏسجي، اسان جي اُستادن جا اهي حال آهن ته، هتي جي تعليم جو معيار ڪهڙو هوندو، ان جو اندازو لڳائڻ ڪا ڏُکي ڳالهه ناهي، اسان کي پنهنجي بنيادي تعليم طرف شدت سان ڌيان ڏيئي پنهنجي بنياد کي مضبوط ڪرڻو پوندو ۽ اهو ثابت ڪرڻو پوندو، ته اسان جي لاءِ تعليم ئي فرضِ اول آهي.
    زينت لغاري/ٽنڊو الهيار
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. وفا سرمد رزاق

    وفا سرمد رزاق
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2015
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاعر
    ماڳ:
    پنهل خان مستوئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو