جوهر
-بروهي- 1972ع کان سنڌي ۽
-براهوي- ادب جي دنيا ۾ داخل ٿيو.
-ان- حوالي سان
-براهوي- ٻوليءَ ۾ محترم نور محمد ”پروانه“ سندس رهنمائي ڪئي ۽ سنڌي زبان ۾ الحاج رسول بخش خان ڏيرو سندس رهبر رهيو. ادب، مذهب،
-تاريخ- ۽
-ثقافت- سان گڏوگڏ عربي، فارسي، سنڌي،
-اردو- ۽
-براهوي- ٻولين ۾ هن گهڻ رخي ڌارائن ۾ نمايان ڪم ڪري وڏو نالو ڪمايو آهي. هي پهريون
-براهوي- شاعر آهي جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪيترن سُرن جو
-براهوي- ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري
-براهوي- قوم کي لطيف جي پيغام کان روشناس ڪيو.
جوهر
-بروهي- پنهنجي قلم ذريعي
-براهوي- قوم، زبان ۽ ادب جي بي مثال خدمت ڪئي آهي. سنڌي
-براهوي- ۽ اردوءَ جي گهڻن رسالن، اخبارن ۽ يادگار شمارن ۾ مختلف صنفن ۾ سندس مضمون، مقالا، انشائيه، ۽ شاعريءَ سان گڏ سنڌ،
-بلوچستان-، ڪوهستان جي قديم آثارن بابت سندس مضمون ڇپيا آهن. جوهر
-بروهي- ڪاڇي ۽ ڪوهستان بابت وسيع ڄاڻ رکي ٿو،
-ان- حوالي سان هو ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي هلندڙ گهمندڙ
-انسائيڪلوپيڊيا- آهي. جوهر
-بروهي- هسٽاريڪل سوسائٽي سب ڊويزن ميهڙ جو چئرمئن به آهي ،
-ان- کان سواءِ بزم لطيف ميهڙ جو سرپرست اعليٰ ۽
-براهوي- پبلڪيشن سنڌ جو سيڪريٽري ۽ سنڌي ادبي سنگت ميهڙ جو ڪائونسلر آهي.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) احوال غم (
-براهوي- شاعري: 1976ع)، (2) گوريج (
-براهوي- نثر/انشائيه :1980ع)، (3) ختم نبوت (مذهبيات: 1986ع)، (4) شيموش (
-براهوي- شاعري: 1991ع)، (5) روشنائي (
-براهوي- شاعري: 1991ع)، (6) دردانه (
-براهوي- شاعري: 1981ع)، (7) شادوزباد (قومي شاعري: 1992ع)، (8) طوبي نارند (مرثيه: 1995ع)، (9) ”ڪاروان“ (مثنوي: 1995ع)، (10) ”شڪر ڦل (انشائيه: 1996ع)، (11) احوالِ غم (باردگر: 1999ع)، (12) لولي (ٻارن جي شاعري: 2000ع)، (13)
-براهوي- تخليقڪار
-اور- سوانح (2000ع)، (14)
-امام- العصر (2001ع)، (15) گلدسته سندهه (سندهه کي
-براهوي- شعراء 2001ع) شامل آهن. هو هن وقت فريدآباد ۾ رهي ٿو.
بشڪريه سنڌيانه