روشني ئي روشني : جوهر بروهي

'مذهب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر ستهٺ (67) اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب ”روشني ئي روشني“ مانواري شاعر، نعت گو ۽ ثنا خوان محترم جوهر بروهي جي حمد ۽ نعتن تي مشتمل آهي.

    هي ڪتاب براهوي پبليڪيشن فريدآباد، ميهڙ پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.




     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏21 جنوري 2014
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

    بروهي، جوهر: ’جوهر‘ بروهيءَ جو اصل نالو عبدالقيوم -بروهي- آهي، هن 29 جنوري 1950ع تي ٿريچاڻي، تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ، درس نظامي ۽ دوره -تفسير- جا امتحان پاس ڪيا اٿس. ادبي لحاظ کان ناميارو محقق، شاعر ۽ نقاد آهي. هن بنيادي-تعليم- مختلف ديني مدرسن مان حاصل ڪئي، هن مدرسه عربيه فريد -آباد-، مدرسه عربيه دارالقران ميهڙ، مدرسه عربيه قاسم العلوم گهوٽڪي ۽ مدرسه عربيه -انور- الرحمان دريا خان مري نواب شاهه مان ديني -تعليم- پرائڻ بعد جامع اشرفيه سکر مان سال 1970ع ۾ درسِ نظاميءَ جي تڪميل ڪئي ۽ ميهڙ ويجهو مدرسه حفظ القرآن ۾ -استاد- مقرر ٿيو. هن ميٽرڪ جو امتحان 1992ع ۾ هاءِ اسڪول ميهڙ مان پاس ڪرڻ بعد 1994ع ۾ -بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي-، -اسلام- -آباد- مان ”دعوه ڪورس“مڪمل ڪيو. -ان- دوران مدرسه عربيه العلوم رحيم يار خان ۽ شيخ التفسير حضرت مولانا عبدالغني جاجرويءَ کان ٻه دفعا قرآن پاڪ جو -تفسير- پڙهيو ۽ تجويد ۾ -استاد- قاري محمد مدنيءَ وٽ -تعليم- پوري ڪئي. سال 1974ع کان مدرسه عربيه محمديه فريد -آباد- ۾ ديني معلم جي حيثيت سان درس ۽ تدريس جي عمل ۾ مصروف آهي.
    جوهر -بروهي- 1972ع کان سنڌي ۽ -براهوي- ادب جي دنيا ۾ داخل ٿيو. -ان- حوالي سان -براهوي- ٻوليءَ ۾ محترم نور محمد ”پروانه“ سندس رهنمائي ڪئي ۽ سنڌي زبان ۾ الحاج رسول بخش خان ڏيرو سندس رهبر رهيو. ادب، مذهب، -تاريخ- ۽ -ثقافت- سان گڏوگڏ عربي، فارسي، سنڌي، -اردو- ۽ -براهوي- ٻولين ۾ هن گهڻ رخي ڌارائن ۾ نمايان ڪم ڪري وڏو نالو ڪمايو آهي. هي پهريون -براهوي- شاعر آهي جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪيترن سُرن جو -براهوي- ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري -براهوي- قوم کي لطيف جي پيغام کان روشناس ڪيو.
    جوهر -بروهي- پنهنجي قلم ذريعي -براهوي- قوم، زبان ۽ ادب جي بي مثال خدمت ڪئي آهي. سنڌي -براهوي- ۽ اردوءَ جي گهڻن رسالن، اخبارن ۽ يادگار شمارن ۾ مختلف صنفن ۾ سندس مضمون، مقالا، انشائيه، ۽ شاعريءَ سان گڏ سنڌ، -بلوچستان-، ڪوهستان جي قديم آثارن بابت سندس مضمون ڇپيا آهن. جوهر -بروهي- ڪاڇي ۽ ڪوهستان بابت وسيع ڄاڻ رکي ٿو، -ان- حوالي سان هو ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي هلندڙ گهمندڙ -انسائيڪلوپيڊيا- آهي. جوهر -بروهي- هسٽاريڪل سوسائٽي سب ڊويزن ميهڙ جو چئرمئن به آهي ، -ان- کان سواءِ بزم لطيف ميهڙ جو سرپرست اعليٰ ۽ -براهوي- پبلڪيشن سنڌ جو سيڪريٽري ۽ سنڌي ادبي سنگت ميهڙ جو ڪائونسلر آهي.
    سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) احوال غم (-براهوي- شاعري: 1976ع)، (2) گوريج (-براهوي- نثر/انشائيه :1980ع)، (3) ختم نبوت (مذهبيات: 1986ع)، (4) شيموش (-براهوي- شاعري: 1991ع)، (5) روشنائي (-براهوي- شاعري: 1991ع)، (6) دردانه (-براهوي- شاعري: 1981ع)، (7) شادوزباد (قومي شاعري: 1992ع)، (8) طوبي نارند (مرثيه: 1995ع)، (9) ”ڪاروان“ (مثنوي: 1995ع)، (10) ”شڪر ڦل (انشائيه: 1996ع)، (11) احوالِ غم (باردگر: 1999ع)، (12) لولي (ٻارن جي شاعري: 2000ع)، (13) -براهوي- تخليقڪار -اور- سوانح (2000ع)، (14) -امام- العصر (2001ع)، (15) گلدسته سندهه (سندهه کي -براهوي- شعراء 2001ع) شامل آهن. هو هن وقت فريدآباد ۾ رهي ٿو.
    بشڪريه سنڌيانه​

     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. اي جي شيخ

    اي جي شيخ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    412
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    سائين جوهر بروهي صاحب جي تحقيقي ڪتاب ورند جو ڪلام جلد ئي سنڌ سلامت تي اپ لوڊ ڪيو ويندو سائين محمد سليمان صاحب جا ٿورا ڪڏهن به نه لاهي سگهبا
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
    بهترين ڪتاب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو