غزل عائشه ميمڻ زندگي جو تو ڏنو، مون سو وتو، ساٿ تنهنجو ڪيترو، ناهي پتو ! زندگي هر آس، تنهنجي ٿي پئي، آ ڏچو مون لاءِ پر، سمجـﮬـو نه تو ! پيار جي ٻولي سدا، ٻولي پيو، من پرينءَ جي پيار ۾، اهڙو رتو . تو پڄاڻان محب، ڏس هر ويل هي، آ ڏکن جو من اندر، ميلو متو. پيار جي ڪا ڇانوَ، ناهي ’عائشه‘، زندگي پيئي سڙي، ڏينهڙو تتو.