زندگي هر آس، تنهنجي ٿي پئي، آ ڏچو مون لاءِ پر، سمجـﮬـو نه تو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

عائشه ميمڻ

زندگي جو تو ڏنو، مون سو وتو،
ساٿ تنهنجو ڪيترو، ناهي پتو !

زندگي هر آس، تنهنجي ٿي پئي،
آ ڏچو مون لاءِ پر، سمجـﮬـو نه تو !

پيار جي ٻولي سدا، ٻولي پيو،
من پرينءَ جي پيار ۾، اهڙو رتو .

تو پڄاڻان محب، ڏس هر ويل هي،
آ ڏکن جو من اندر، ميلو متو.

پيار جي ڪا ڇانوَ، ناهي ’عائشه‘،
زندگي پيئي سڙي، ڏينهڙو تتو.

1507910_10202746636885250_1839279782_n.jpg
 
Back
Top