سمنڊ کي سنڌ جي زمينن جو ”نذرانو“ ڇو ڏجي؟ پاڻي جي عالمي ڏينهن (22 مارچ) جي حوالي سان ڪاوش ۾ خبر پڙهيم ته، ڪوٽڙي کان هيٺ 35 ايم اي ايف پاڻي سمنڊ ۾ نه ويو ته 20 سالن ۾ سمنڊ حيدرآباد به ڳڙڪائي ويندو. مون هميشه ان موقف جو اظهار ڪيو آهي ته 10 ايم اي ايف وارو مطالبو، پيئڻ جي پاڻي ۽ ٿوري گهڻي زراعت لاءِ ته ڪافي آهي، پر سمنڊ کي اڳتي وڌي اچڻ کان روڪڻ لاءِ ڪڏهن به اهو پاڻي پورو نه ٿيندو. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته بئراجن جي ٺهڻ کان اڳ هر سال گهٽ ۾ گهٽ 400 ملين ٽن واري ۽ مِٽي سمنڊ جي ڪناري تائين پهچندي هئي. اها واري ۽ مٽي ئي هئي، جيڪا سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪي رهي هئي. انڊس ڊيلٽا به ان واريءَ ۽ مٽيءَ جي ڪري ٺهيو. سمنڊ، جو ڪنهن وقت مُلتان جي حدن تائين پکڙيل هو، سو ان واريءَ ۽ مٽيءَ جي ڪري ويو پُٺتي ٿيندو ۽ ڊيلٽا ويو وڌندو، تان جو وڃي ڪراچي کي ويجهو پهتو، پر جڏهن کان بئراجن جي ٺهڻ ۽ پاڻيءَ روڪڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته دريا ۾ ايتري واري نه هئي ۽ نه ئي ايترو پاڻي هو، جيڪي سمنڊ کي اڳتي روڪڻ لاءِ ڪافي هجن. نتيجي ۾ سمنڊ ويو اڳتي وڌندو، تان جو هن وقت سمنڊ سنڌ جي 22 لک زرعي زمين ڳڙڪائي ويو آهي. سنڌ جي ڪجهه ڌرين جو اهو چوڻ آهي ته سنڌ جي ضرورتن لاءِ ڪوٽڙيءَ کان هيٺ 10 ايم اي ايف پاڻي ڪافي آهي. منهنجي خيال ۾ اهو مطالبو صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ ته 10 ايم اي ايف پاڻي، روهڙي ڪئنال جي وڌ ۾ وڌ، لڳاتار وهڪري جي برابر ٿيندو. سوچڻ گهرجي ته روهڙي ڪئنال جهڙو وهڪرو ڀلا سمنڊ کي ڪيئن روڪي سگهندو؟ اها اسان جي خوشفهمي آهي. دراصل سمنڊ کي اڳتي وڌي اچڻ کان روڪڻ لاءِ، ڪوٽڙي کان هيٺ گهٽ ۾ گهٽ 35 ايم اي ايف ۽ مناسب واري ۽ مٽي جي مقدار جي ضرورت آهي. اهو ثابت ڪري سگهجي ٿو ته هڪ سال ۾ ايتري مقدار ۾ پاڻي اچڻ لاءِ لڳاتار 50 هزار ڪيوسڪ پاڻيءَ جي وهڻ جي ضرورت آهي. سياسي بحث پنهنجي جاءِ تي، پر ان موضوع تي وڌيڪ بحث، پاڻي جي مناسبت سان، ڪنهن ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ ڪري سگهجي ٿو. اسان هندستان کي ڊيم ٺاهي، وهندڙ پاڻيءَ کي روڪي بجلي پيدا ڪرڻ تي آواز ته اٿاريون ٿا، پر پاڪستان ۾ انڊس تي ڊيم اڏڻ کي ڪجهه ڌُريون ملڪ لاءِ ضروري سمجهن ٿيون. اهو سمجهڻ کپي ته سمنڊ کي به پاڻي گهرجي، اُڃ کي اجهائڻ لاءِ، مٺي پاڻيءَ جي تلاش ۾ زمين کي ڳڙڪائي رهيو آهي. ڪٿي جي عقلمندي آهي ته سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ، ان جي گهرج آهر واري، مٽي ۽ پاڻي نه ڏنو وڃي. بلڪه ان جي عيوض سنڌ جي زرخيز زمينن جو ”نذرانو“ پيش ڪجي!! اسد الله قاضي/ اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد ڪاوش جي ٿورن سان
جواب: سمنڊ کي سنڌ جي زمينن جو ”نذرانو“ ڇو ڏجي؟ سائين ڪجهه ڏينهن اڳ ڪاوش ۾ سائين ادريس راجپوت صاحب، جيڪي سنڌ جي لاءِ سنڌو درياءَ جو ڪيس سٺي ۽ مضبوط دليلن سان وڙهندا رهن ٿا، انهن جو هڪ آرٽيڪل پڙهيو هو۔۔ جنهن ۾ سائين جن واضح لکيو هو ته هاڻي سنڌ کي پهريان واري پاڻيءَ جي اميد ڪرڻ بلڪل ڇڏي ڏجي، ڇو ته سنڌ جو ڪو اوهي واهي آهي ئي ڪونه، باقي سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ سائين جن هڪ بهترين مشورو ڏنو هو ته سمنڊ جي دنگ وٽ جتي سنڌو سمنڊ سان ملندو هو اتي هڪ ڪوسٽل هاءِ وي تيار ڪرائجي، اهڙا تجربا انڊيا ۾ ٿي چڪا آهن جيڪي سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ ۾ ڪافي مددگار ثابٿ ٿيا آهن۔۔ ڪوسٽل هاءِ وي جي ڪري مختلف علائقا پاڻ ۾ سٺي نموني ويجها ٿي ويندا ۽ واپار جي سهولت به ٿي ويندي۔ جيڪڏهن اهو آپشن ڪتب نه آندو ويو ته سنڌ جي 80 ايڪڙ زمين روزانه سمنڊ ڳڙڪائيندو ايندو ۽ نيٺ اوهان جي ڳالهه وانگر 20 سالن ۾ حيدرآباد به سمنڊ جي وچ ۾ اچي ويندو۔ ٻي هڪ خبر مان جيڪا ٻه ڏينهن اڳ هڪ اخبار ۾ پڙهي هئي ته سنڌ جي نمائندن جو مطالبو هو ته سنڌ مان صوبن جي حصن کان علاوه پنجون حصو انڊس ڊيلٽا لاءِ رکيو وڃي۔۔ جيڪڏهن ايئن ڪيو وڃي ٿو ته تمام سٺي ڳالهه آهي جيڪڏهن نه ته پوءِ الله ئي سنڌ جو حافظ آهي ۔۔۔
جواب: سمنڊ کي سنڌ جي زمينن جو ”نذرانو“ ڇو ڏجي؟ مطالبن، صلاحن ۽ رپوٽن سان اڄ تائين ته ڪجهه ناهي ٿيو، باقي الله مالڪ آهي ڏسجي ته قوم ڇاٿي سوچي ۽ جي پنهنجي قوم جو فڪر ۽ عمل ايترو ڍلو ۽ سست رهيو ته سنڌ جي ڌرتيءَ جو ڇا ٿيندو؟ اها ته ويجهي مستقبل ئي ۾ خبر پئجي ويندي ۔۔۔
جواب: سمنڊ کي سنڌ جي زمينن جو ”نذرانو“ ڇو ڏجي؟ سنڌ سان اهو ئي ٿيندو جو هڪ پاسي سمنڊ سنڌ جي زمين کي ڳڙڪائيندو ته ٻئي پاسي وري پنجاب اسرائيل بڻجي سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪندو پيو اچي۔۔ پوءِ سنڌ مڙئي پاڪستان جي نقشي تي ذري جيتري بچندي ۽ اسان سنڌ جي هاڻوڪي نقشي کي ڏسي پيا خوش ٿينداسين