ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سمنڊ کي سنڌ جي زمينن جو ”نذرانو“ ڇو ڏجي؟
پاڻي جي عالمي ڏينهن (22 مارچ) جي حوالي سان ڪاوش ۾ خبر پڙهيم ته، ڪوٽڙي کان هيٺ 35 ايم اي ايف پاڻي سمنڊ ۾ نه ويو ته 20 سالن ۾ سمنڊ حيدرآباد به ڳڙڪائي ويندو. مون هميشه ان موقف جو اظهار ڪيو آهي ته 10 ايم اي ايف وارو مطالبو، پيئڻ جي پاڻي ۽ ٿوري گهڻي زراعت لاءِ ته ڪافي آهي، پر سمنڊ کي اڳتي وڌي اچڻ کان روڪڻ لاءِ ڪڏهن به اهو پاڻي پورو نه ٿيندو. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته بئراجن جي ٺهڻ کان اڳ هر سال گهٽ ۾ گهٽ 400 ملين ٽن واري ۽ مِٽي سمنڊ جي ڪناري تائين پهچندي هئي. اها واري ۽ مٽي ئي هئي، جيڪا سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪي رهي هئي. انڊس ڊيلٽا به ان واريءَ ۽ مٽيءَ جي ڪري ٺهيو. سمنڊ، جو ڪنهن وقت مُلتان جي حدن تائين پکڙيل هو، سو ان واريءَ ۽ مٽيءَ جي ڪري ويو پُٺتي ٿيندو ۽ ڊيلٽا ويو وڌندو، تان جو وڃي ڪراچي کي ويجهو پهتو، پر جڏهن کان بئراجن جي ٺهڻ ۽ پاڻيءَ روڪڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته دريا ۾ ايتري واري نه هئي ۽ نه ئي ايترو پاڻي هو، جيڪي سمنڊ کي اڳتي روڪڻ لاءِ ڪافي هجن. نتيجي ۾ سمنڊ ويو اڳتي وڌندو، تان جو هن وقت سمنڊ سنڌ جي 22 لک زرعي زمين ڳڙڪائي ويو آهي. سنڌ جي ڪجهه ڌرين جو اهو چوڻ آهي ته سنڌ جي ضرورتن لاءِ ڪوٽڙيءَ کان هيٺ 10 ايم اي ايف پاڻي ڪافي آهي. منهنجي خيال ۾ اهو مطالبو صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ ته 10 ايم اي ايف پاڻي، روهڙي ڪئنال جي وڌ ۾ وڌ، لڳاتار وهڪري جي برابر ٿيندو. سوچڻ گهرجي ته روهڙي ڪئنال جهڙو وهڪرو ڀلا سمنڊ کي ڪيئن روڪي سگهندو؟ اها اسان جي خوشفهمي آهي. دراصل سمنڊ کي اڳتي وڌي اچڻ کان روڪڻ لاءِ، ڪوٽڙي کان هيٺ گهٽ ۾ گهٽ 35 ايم اي ايف ۽ مناسب واري ۽ مٽي جي مقدار جي ضرورت آهي. اهو ثابت ڪري سگهجي ٿو ته هڪ سال ۾ ايتري مقدار ۾ پاڻي اچڻ لاءِ لڳاتار 50 هزار ڪيوسڪ پاڻيءَ جي وهڻ جي ضرورت آهي. سياسي بحث پنهنجي جاءِ تي، پر ان موضوع تي وڌيڪ بحث، پاڻي جي مناسبت سان، ڪنهن ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ ڪري سگهجي ٿو. اسان هندستان کي ڊيم ٺاهي، وهندڙ پاڻيءَ کي روڪي بجلي پيدا ڪرڻ تي آواز ته اٿاريون ٿا، پر پاڪستان ۾ انڊس تي ڊيم اڏڻ کي ڪجهه ڌُريون ملڪ لاءِ ضروري سمجهن ٿيون. اهو سمجهڻ کپي ته سمنڊ کي به پاڻي گهرجي، اُڃ کي اجهائڻ لاءِ، مٺي پاڻيءَ جي تلاش ۾ زمين کي ڳڙڪائي رهيو آهي. ڪٿي جي عقلمندي آهي ته سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ، ان جي گهرج آهر واري، مٽي ۽ پاڻي نه ڏنو وڃي. بلڪه ان جي عيوض سنڌ جي زرخيز زمينن جو ”نذرانو“ پيش ڪجي!!
اسد الله قاضي/ اسريٰ
يونيورسٽي حيدرآباد
ڪاوش جي ٿورن سان