نثارابڙو
نائب منتظم

هڪ ڏينهن هڪ نوجوان ڪنهن ڳوٺ ۾ در در وڃي ڪپڙي جا ٽڪرا کپائي رهيو هو ته جيئن پنهنجي پڙهائيءَ جو خرچ پورو ڪري سگهي ... ان ڪم دوران کيس بک لڳي ۽ ڳوٺ ۾ ڪو هوٽل به نه هو ... ڇا ڪري؟ کيس خيال آيو ته ڇو نه جنهن دروازي تي پهتو آهيان، انهن کان ئي کاڌي جو سوال ڪريان ...؟
دروازو کڙڪايائين، دروازو کليو ته سامهون هڪ نوجوان سهڻي ڇوڪري ... شرم کان سندس بک مري وئي ۽ هو کاڌي جو سوال ڪري نه سگهيو ... پاڻيءَ جو سوال ڪيائين ... ڇوڪري اندر واپس وئي ۽ محسوس ڪيائين ته نوجوان بکايل ٿي لڳو، سو پاڻيءَ جي جاءِ تي کير جو گلاس ڀري آئي ... نوجوان کير جو گلاس وٺي مزي سان پيتو ۽ سوال ڪيائين ته، هن کير جي هو ڪيتري قيمت ادا ڪري؟
اوهانکي ڪا قيمت ناهي ڏيڻي ... منهنجي ماءُ چوندي آهي ته خئير ۽ رحم جي ڪا قيمت ناهي هوندي ... نوجوان سندس ٿورا مڃيا ۽ الله حافظ چئي اڳتي وڌيو، کير جي گلاس پيئڻ سبب هاڻ هو تازو ۽ سگهارو محسوس ڪرڻ لڳو ۽ رب جا شڪر ادا ڪيائين ته سندس ڪئين مدد ٿي آهي ...
ڪيترا سال گذري ويا ... هاڻ اها ڇوڪري جا عورت ٿي چڪي هئي سخت بيمار ٿي پئي ۽ مرڻينگ حالت ۾ اچي وئي ... ڳوٺ جي آس پاس جي سڀني ڊاڪٽرن کيس صلاحيو ته وڏي شهر جي وڏي اسپتال ۾ پهتي ٿئي ... نه ته ڪجهه به ممڪن آهي ...
مائٽن کيس کڻائي شهر جي هڪ وڏي اسپتال ۾ داخل ڪيو ... فائيل ڊاڪٽر ڏانهن موڪليو ويو، ڊاڪٽر جي جيئن ئي ان ڳوٺ جي نالي تي نظر پئي ته سندس يادن جي اتساهه اٿڻ تي مجبور ڪيو ۽ تڪڙو مريضه وٽ آيو، مريضه کي ڏسڻ سان ئي سڃاڻي ورتائين ...
ڊاڪٽر پنهنجيون سموريون صلاحتون استعمال ڪندي مريضه جو علاج شروع ڪيو، سندس شفا لاءِ ڏينهن رات جاکوڙيندو رهيو ۽ مريضه جي تيمارداريءَ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيائين ... آخر سندس محنت ڪامياب ٿي ۽ اها عورت ٺيڪ ٿيڻ لڳي ...
ڊاڪٽر فائيل تي نوٽ لکيو ته هن مريضه جي اسپتال جا بل مونڏانهن موڪليا وڃن ... فائيل ڊاڪٽر وٽ پهتو ٿيو ... ڊاڪٽر فائيل جي حاشيه تي ڪجهه لکي فائيل مريضه ڏانهن واپس موڪليو ...
ان عورت کي جڏهن فائيل مليو ته سوچيائين ڳاٽي ڀڳا بل هوندا ۽ ممڪن سڄي عمر جي بچت به پوري نه ٿئي ... آخر فائيل کولي ڏٺائين ته سندس نظر هيٺ حاشيه تي پئي، لکيل هو ...
”بل مڪمل ادا ڪيو ويو آهي ... هڪ کير جي گلاس سان “
عورت جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ کيس ڪجهه ياد آيو ... ۽ الله جا شڪر ادا ڪيائين ته رب کيس ڪيئن مدد ڪئي آهي ....!!!
________________________________________
اخلاقي سمجهاڻي؛
انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته؛
Bread Thrown on water returns to you.
”پاڻيءَ تي اڇلايل مانيءَ ڳڀو، اوهان ڏانهن موٽندو آهي“
”پاڻيءَ تي اڇلايل مانيءَ ڳڀو، اوهان ڏانهن موٽندو آهي“
مطلب ته نيڪي ڪڏهن به مرندي ناهي، ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ واپس ملندي آهي ... پر جي هن دنيا ۾ نه به ملندي ته رب العالمين وٽ اجر عظيم آهي ...