ٻري جن ٻاري (شيخ عبدالمجيد سنڌي جو فن ۽ شخصيت) : خان محمد پنهور

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 جنوري 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شيخ عبدالمجيد سنڌي جي فن ۽ شخيت بابت هڪ بهترين ڪتاب پيش آهي۔ هي ڪتاب ٻري جن ٻاري سنڌ جي سماجي ۽ علمي شخصيت خان محمد پنهور صاحب جن لکيو آهي۔

    هي ڪتاب محمد قاسم سومري جي محنتن سان اي بوڪ جي صورت ۾ سهيڙيو ويو آهي۔


     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

    شيخ عبدالمجيد سنڌي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ميمڻ عبدالغفور سنڌي

    [​IMG]
    شيخ عبدالمجيد سنڌي ولد ديوان ليلارام، آچر جي ڏينهن 8 ذوالقعد 1306 هه مطابق 7 جولاءِ 1889ع تي ٺٽي ۾ ڄائو هو. سندس وڏا قانونگو عامل ڪٽنب جي نرياڻي پاڙي مان هئا، جيڪي اَصل سيوهڻ شريف جا رهاڪو هئا، جتان لڏي ٺٽي ۾ وڃي آباد ٿيا. اُتي شيخ صاحب مئٽرڪ تائين تعليم وٺي، پهريائين مسٽر ڏيپچندا اوجها نالي وڪيل وٽ منشي ٿيو. پوءِ ذهني انقلاب سببان پنهنجن (هندن) کان ڪافي وقت ڀرپور رهيو. اِنهيءَ سلسلي ۾ کيس ڪڏهن ڪراچي، ته ڪڏهن حيدرآباد ۾ به رهڻ جو موقعو مليو. آخر پاڻ لاءِ حالتون سازگار سمجهي، حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو.
    (2)– مسلمان ٿيڻ کان اڳ سندس نالو ”ڄيٺانند“ هو.
    (1)– جيئن ته سندس طبيعت ننڍپڻ کان ئي حق جي ڳولهائو هئي؛ ۽ ساڳئي وقت سندس دلي لاڙو وري پنڊٽن ۽ صوفي بزرگن جي صحبتن ڏانهن زياده هو. انهن خيالن سندس ذهن تي ڦيڙو آندو؛ جنهن ڪري 19 شوال 1326 هه مطابق 10 فيبروري 1908ع تي حيدرآباد ۾ شيخ عبدالرحيم هٿاران مسلمان ٿيو، جيڪو پڻ سندس خاندان جي قريبي لڇ مان نو مسلم ۽ وڏو بزرگ شخص ٿي گذريو آهي. سندس تبليغ ڪيترن ئي اوچن هندو خاندانن جا پڙهيل (ٻار ۽ وڏا) مسلمان ڪيا هئا. عام طرح کيس ”روحاني والد“ ڪري سڏيندا هئا. پنهنجن هندن جي ايذائن ۽ سختين کان نڪري، حيدرآٻاد ۾ رهندو هو.
    (1)– جيڪو بعد ۾ ”سلڪ ليٽر منصوبو“ عرف ”ريشمي رومال تحريڪ“ جي نالي سان مشهور ٿيو.
    (2)– ”تحريڪ خلافت“ جون پاڙون پختيون ڪندي، تنظيمي ڪاميٽين جو شهر شهر ۾ ڄار وڇايائين، 7 کان 9 فيبروري 1920ع تي لاڙڪاڻي به آيو هو.
    (1)- ”آل انڊيا آل پارٽيز ڪانفرنس“ (الهه آباد 14–11–1929ع)، ”آل انڊيا خلافت ڪانفرنس“ (اَجمير)، ”آل پارٽيز مسلم يونٽي ڪانفرنس“، ”آزاد سنڌ ڪانفرنس (ڪراچي 18–4– 1930ع) ۽ ”آل انڊيا جماعتن“ وغيره ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان علحدگيءَ لاءِ ورتل ڪوشش – مثالي گڏجاڻيون آهن.
    (2)– 1933ع ۾، آقاي نامدار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن جي شان ۾، نٿو رام نالي هندوءَ توهين آميز مواد شايع ڪيو هو. چيف ڪورٽ ۾ ڪيس هلندي، غازي عبدالقيوم پٺاڻ کيس اُڦٽ ماري وڌو؛ جنهن ڪري مٿس ڦاسي مڙهي ويئي. مسلمانن کيس ”پروانه – رسول ۽ غازي“ تصور ڪري، سندس جنازي کي قبر مان ڪڍي، جلوس ڪڍيو. فرنگي حڪومت ۾ اچي ڦڙڦوٽ پئي، ته متان ”هندو – مسلم فساد“ جو رنگ نه اچي؛ جنهن ڪري گبسن نالي هڪ خر دماغ انگريز آفيسر جلوس تي بندش وڌي. جوشيلن مسلمانن حڪومت جي انهيءَ اعلان جو انڪار ڪيو. مجبوراً پوليس کي مٿن گولي هلائڻي پئي؛ جنهن ۾ 64 مسلمان شهيد ٿي ويا، جن کي سرڪار نامعلوم جاين ڏانهن دفنائي ڇڏيو. مسلمانن واويلا مچائي ڇڏي، مگر ڪنهن به سندن نه ٻڌي. اهڙي واقعي تي شيخ صاحب اڪيلي سر احتجاج ڪندي، بمبئي ڪائونسل مان استعفا ڏني هئي. [جنب گذاريم جن سيز – جي – ايم – سيد (جلد پهريون)، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1967ع، صفحو 170].
    (1)– اِنهيءَ ”آزاد پارٽيءَ“ اڳتي هلي ”آل انڊيا مسلم ليگ“ جي جڳهه ورتي – 1938ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ”آل انڊيا مسلم ليگ ڪانفرنس“ دوران قائداعظم محمد علي جناح (1876ع – 1948ع) جي صدارت هيٺ سندس خدمتن جو ڀرپور اعتراف ڪندي، ”تحريڪ پاڪستان“ جو بنياد رکيو ويو، جيڪو ٻن سالن بعد (23-3-1940ع تي) لاهور ۾ باقاعده پڌرو ٿيو. هن گڏجاڻيءَ ۾ وڏين وڏين سياسي شخصيتن حصو ورتو هو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو