فوٽوشاپ ۾ اينيميٽڊ جِي.آ.ايف تصوير ٺاهڻ.

ادا توهان جي محنت ته داد لائق آهي پر آ هڪڙو عرض ڪندس سو هي ته جڏهن توهان سکيا جي لا وڊيو ٺاهي رهيا آهيو ته ان ۾ ڪم ايترو جلدي ناهي ڪبو جيترو توهان هن وڊيو ۾ ڪري رهيا هئاسو آئندا ان شئي جو خيال رکندا توهان جي هي محنت جس لهڻي آهي قرب اميد ته اسان لا ڀي هي وڊيو ڪار آمد ثابت ٿيندي.
ٻيو آ هي سوال ڪندس ته هي وڊيوز ڪيئن ٺاهيون وينديون آهن اسان پنهنجي ناليج شيئر ڪرڻ چاهيون ٿا. ڇاڪاڻ ته تصويرن کان وڊيو بهتر رهندي.

ادا تڪڙ ان ڪري ڪئي هُئم ته آئون اها وڊيو پهريون ڀيرو ٺاهي رهيو هُئس ۽ چاهيم پئي ته گهٽ ۾ گهٽ وقت اندر دوستن کي سمجهائجي..
گرامر جي غلطي............

سنڌي گرامر جون کوڙ ساريون غلطيون مونکان اڪثر وڊيو ٽٽوريلز ۾ ٿينديون رهنديون آهن.. ان لا ان کي درگذر ڪندا ته مهرباني ٿيندي..
 
مون به اينيميشن ٺاهي ورتو.

TPBfVZE.jpg
 
ادا منهنجي سسٽم ۾ ته اينيميٽ ٿئي ٿي پر الئي ڇو هتي اپلوڊ ڪرڻ سان نه پئي ٿئي ڪوئي حل هجي ته ٻڌايو

ياد رهي ته سنڌسلامت تي جيڪڏهن توهان کي اينيميٽڊ تصوير اپلوڊ ڪرڻي آهي ته اها سڌوسنئون اپلوڊ ڪرڻ بجا سنڌسلامت جي پهرين صفحي تي موجود سنڌسلامت تصوير اپلوڊر ذريعي پلوڊ ڪريو.
ڇو ته سنڌسلامت تي سڌوسنئون تصوير اپلوڊ ڪرڻ واري سسٽم ۾ صرف جئپيج (ساڪن تصوير) فارميٽ ۾ اپلوڊ ٿيندي.
اسڪرين شاٽ حاضر آهن.

هن ذريعي اينيميٽڊ تصوير اپلوڊ ڪريو.
17979434224_dc601df126_o.jpg



۽ هن ذريعي جيڪڏهن اينيميٽڊ اپلوڊ ڪندا ته اها آٽوميٽڪ جئپيج ۾ ڪنورٽ ٿي ويندي.

18414442990_a8b5db3f61_o.jpg
 
Back
Top