دال روٽي جو گذر ۽ بادشاه جي خوشامندي ڪنهن رياست ۾ ٻه درويش الله لوڪ بزرگ هڪ جهوپڙي ۾ گڏ رهندا هئا ۽ درويشي ۽ غريبي حال ۾ پيا زندگي بسر ڪندا هئا، مگر هئا وڏي دماغ وارا ۽ ذهين۔ماڻهون هڪ دفعه ان رياست جو بادشاه رات جو چڪر ڏيندو اچي ان جهوپڙي ڀرسان گذريو ۽ خاموشي سان هنن ٻنهي دوستن جي گفتگو ٻڌڻ لڳو، ۽ بادشاه کي هنن درويشن جون ڳالهيون پسند آيون ۽ جهوپڙي اندر اچڻ جي خواهش ظاهر ڪيائين ۽ اجازت ورتائين، انهن درويشن بادشاه کي اندر اچڻ ڏنو ۽ پوء بادشاه انهن درويشن کان ڪجهه سوال ڪيا (جيڪي سوال بادشاه پنهنجن وزيرن کان ڪري چڪو هو، مگر کيس انهن سوالن جا جواب ملي نه سگهيا هئا،) ۽ بادشاه جي پڇيل سوالن جا جواب هنن درويشن تمام سهڻي نموني سان ڏنا ۽ بادشاه تمام گهڻو خوش ٿيو۔ ۽ هنن کي پاڻ وٽ اچڻ جي دعوت ڏنائين۔ ۽ پوء بادشاه هليو ويو۔ ڪجهه ڏينهن کانپوء اهي درويش بادشاه جي درٻار ۾ پهتا ۽ بادشاه سان مليا ۽ ان جي دعوت کاڌائون ۽ جڏهن وڃڻ لڳا ته بادشاه انهن کي چيو ته توهان ايڏا وڏا ذهين هوندي توهان هڪ جهوپڙي ۾ پنهنجي زندگي ضايع ڪري رهيا آهيو۔ توهان هتي مون وٽ رهو مان توهان کي پنهنجو وزير ٿو بڻايان۔ پوء انهن مان هڪ درويش بادشاه جي ڳالهه کي اهميت ڏني ۽ وزير ٿيڻ لاء راضي ٿيو۔ ۽ ٻيو درويش واپس پنهنجي جهوپڙي ۾ هليو ويو ۽ پنهنجي غريبي حال ۾ گذارڻ لڳو۔ جيڪو وزير ٿيو اهو بادشاهي رهڻي ڪهڻي سان رهڻ لڳو ۽ انهي کي بادشاهي ڪاروهنوار سان ڪي سال گذري ويا۔ ۽ اچانڪ دل ۾ خيال آيو ته پنهنجي پراڻي دوست سان ملاقات ڪري اچان، ۽ پوء تيار ٿئي پنهنجي پراڻي درويش دوست وٽ آيو ۽ اچي ملاقات ڪيائين حال احوال ڪرن کانپوء هن جي درويش دوست هميشه وانگر مسڪيني ۽ غريبي حال واري دال روٽي هن جي اڳيان رکي، جڏهن هن جي دوست وزير اها دال روٽي ڏٺي ته هن کي مخاطب ٿي ۽ هن کي چيائين ته اي دوست تو کي اگر بادشاه کي خوش ڪرڻ جو طريقو اچي وڃي ته تو کي هن دال روٽي تي گذر ڪرڻو نه پوي۔ ان تي هن جي درويش دوست هن کي جواب ڏنو ته اي دوست اگر تون دال روٽي تي گذر ڪرڻ ڇڏي نه ڏين هان ته تو کي بادشاه جي خوشامندي ڪرڻ جي ضرورت نه پوي هان ا[ [/COLOR]۔
جواب: دال روٽي جو گذر ۽ بادشاه جي خوشامندي بيشڪ ۔۔۔ ماڻهون پنهنجي حال تي خوش رهڻ، حلال تي گذر ۽ سوڙ آهر پير ڊگهيرڻ سکي وٺي ته پوٌءِ کيس ڪنهنجي غلامي ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي، ۽ هو پاڻ ئي راڻو پاڻ ئي پنهون ٿي پوي ۔۔۔ تمام سٺو سبق آهي ۔۔۔
جواب: دال روٽي جو گذر ۽ بادشاه جي خوشامندي سائين وڏو سبق آهي ڪهاڻي ۾ چند لفظن ۾ وڏي ڳاله ڪري ڇڏيوَ جزاڪ الله خير