دال روٽي جو گذر ۽ بادشاه جي خوشامندي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    دال روٽي جو گذر ۽ بادشاه جي خوشامندي​


    ڪنهن رياست ۾ ٻه درويش الله لوڪ بزرگ هڪ جهوپڙي ۾ گڏ رهندا هئا ۽ درويشي ۽ غريبي حال ۾ پيا زندگي بسر ڪندا هئا، مگر هئا وڏي دماغ وارا ۽ ذهين۔ماڻهون
    هڪ دفعه ان رياست جو بادشاه رات جو چڪر ڏيندو اچي ان جهوپڙي ڀرسان گذريو ۽ خاموشي سان هنن ٻنهي دوستن جي گفتگو ٻڌڻ لڳو، ۽ بادشاه کي هنن درويشن جون ڳالهيون پسند آيون ۽ جهوپڙي اندر اچڻ جي خواهش ظاهر ڪيائين ۽ اجازت ورتائين، انهن درويشن بادشاه کي اندر اچڻ ڏنو ۽ پوء بادشاه انهن درويشن کان ڪجهه سوال ڪيا (جيڪي سوال بادشاه پنهنجن وزيرن کان ڪري چڪو هو، مگر کيس انهن سوالن جا جواب ملي نه سگهيا هئا،) ۽ بادشاه جي پڇيل سوالن جا جواب هنن درويشن تمام سهڻي نموني سان ڏنا ۽ بادشاه تمام گهڻو خوش ٿيو۔ ۽ هنن کي پاڻ وٽ اچڻ جي دعوت ڏنائين۔ ۽ پوء بادشاه هليو ويو۔
    ڪجهه ڏينهن کانپوء اهي درويش بادشاه جي درٻار ۾ پهتا ۽ بادشاه سان مليا ۽ ان جي دعوت کاڌائون ۽ جڏهن وڃڻ لڳا ته بادشاه انهن کي چيو ته توهان ايڏا وڏا ذهين هوندي توهان هڪ جهوپڙي ۾ پنهنجي زندگي ضايع ڪري رهيا آهيو۔ توهان هتي مون وٽ رهو مان توهان کي پنهنجو وزير ٿو بڻايان۔
    پوء انهن مان هڪ درويش بادشاه جي ڳالهه کي اهميت ڏني ۽ وزير ٿيڻ لاء راضي ٿيو۔ ۽ ٻيو درويش واپس پنهنجي جهوپڙي ۾ هليو ويو ۽ پنهنجي غريبي حال ۾ گذارڻ لڳو۔
    جيڪو وزير ٿيو اهو بادشاهي رهڻي ڪهڻي سان رهڻ لڳو ۽ انهي کي بادشاهي ڪاروهنوار سان ڪي سال گذري ويا۔ ۽ اچانڪ دل ۾ خيال آيو ته پنهنجي پراڻي دوست سان ملاقات ڪري اچان، ۽ پوء تيار ٿئي پنهنجي پراڻي درويش دوست وٽ آيو ۽ اچي ملاقات ڪيائين
    حال احوال ڪرن کانپوء هن جي درويش دوست هميشه وانگر مسڪيني ۽ غريبي حال واري دال روٽي هن جي اڳيان رکي، جڏهن هن جي دوست وزير اها دال روٽي ڏٺي ته هن کي مخاطب ٿي ۽ هن کي چيائين ته اي دوست تو کي اگر بادشاه کي خوش ڪرڻ جو طريقو اچي وڃي ته تو کي هن دال روٽي تي گذر ڪرڻو نه پوي۔
    ان تي هن جي درويش دوست هن کي جواب ڏنو ته اي دوست اگر تون دال روٽي تي گذر ڪرڻ ڇڏي نه ڏين هان ته تو کي بادشاه جي خوشامندي ڪرڻ جي ضرورت نه پوي هان ا[ [/COLOR]۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دال روٽي جو گذر ۽ بادشاه جي خوشامندي

    بيشڪ ۔۔۔ ماڻهون پنهنجي حال تي خوش رهڻ، حلال تي گذر ۽ سوڙ آهر پير ڊگهيرڻ سکي وٺي ته پوٌءِ کيس ڪنهنجي غلامي ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي، ۽ هو پاڻ ئي راڻو پاڻ ئي پنهون ٿي پوي ۔۔۔

    تمام سٺو سبق آهي ۔۔۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: دال روٽي جو گذر ۽ بادشاه جي خوشامندي

    سائين وڏو سبق آهي ڪهاڻي ۾
    چند لفظن ۾ وڏي ڳاله ڪري ڇڏيوَ
    جزاڪ الله خير
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: دال روٽي جو گذر ۽ بادشاه جي خوشامندي

    مهــــــــــــــــربانــــــــــي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو