پاڻ وٽ نؤڪري لاءِ پريشان جيڪو هيٺيون گهٽ پڙهيل يا اڻ پڙهيل طبقو آهي اهو سدائين ڪا پٽيوالي ڳوليندو پيو آهي ۽ جمهوري دؤر ۾ ڌڙا ڌڙ اهڙيون اضافي سيٽون ڀريون وينديون آهن جيڪي پئدا ئي وؤٽرن کي خوش ڪرڻ لاءِ ويون ۽ مختلف ايم اين اي ايم پي اچي اُهي خالي ٿيل سيٽون ٻيهر ڀري وؤٽ پڪا ڪندا رهيا۔ ڪٿي ته کڻي ضرورت هوندي به آهي ماڻهن جي پر اڪثر ڄڳهن تي ته ماڻهو گهڻا ڪم ٿورو واري ڪار هوندي آهي۔ ٿورو ڪم به اهي همراهه (سروس پيرڊ وڌڻ تي) گهٽ ڪندا آهن۔ ڇو ته سينيئر ٿيڻ کان پوءي ڪم ڪرڻ سندن شان وٽان ناهي هوندو۔ بس مڙئي آيا حاضري ڀري ۽ وري پنهنجا ذاتي خفا ڳوليندا جتان وڌندڙ مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪمائي جا ٻيا ذريعا ڳوليندا۔ هڪ ته آبادي گهڻي هُجڻ ۽ پڙهائي جو تناسب گهٽ هُجڻ ڪري بيروزگاري وڌي ٿي پئي ۽ ٻيو وري پاڻ وٽ گورنمنٽ نؤڪري معنى ڪو ڪم نه بس آرام ئي آرام واري روش به اها گهُرج وڌائي ٿي۔ ڪڏهن ڪڏهن ڪي مثال ملن ٿا جيڪي ويچارا گورنمنٽ نؤڪري ڪندي به پرائيويٽ نؤڪري واري ڪار ڪندي پنهنجو وقت ڪڍي ويا۔ اهڙا ماڻهو ويچارا زندگي جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ ۾ اؤکا ضرور هوندا آهن پر انهي جي چڪر ۾ پنهنجي ضمير وڪڻڻ جو سمجهوتو نه ڪندا آهن۔ اڪثر کين پنهنجن پراون کان طعنو ملندو رهي ٿو ”سڀني ڪم ڪيو جو بس تنهنجي ڪم ڪرڻ سان اداري کي ٿوڻي اچي ويندي“ پر هو ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري پيا ڪم ڪندا آهن۔ تُرڪي ۾ اچي ڏِٺم ته بلڪل الٽو قصو هو۔ آبادي گهٽ ۽ لٽريسي ريٽ وڌيڪ هُجڻ ڪري بيروزگاري جي ايڏي دانهن ناهي۔ نه وري ايم اين اي يا ايم پي ايز هتي سرڪاري ادارن ۾ غير ضروري جايون پئدا ڪرائي پاڻ وؤٽ ورتا ۽ وؤٽر هڏ حرامي ڪندي عُمر گُذاري۔ مون کي ياد آهي ته سنڌيونيورسٽي ۾ ڪيمسٽري ۾ ايترا ٽيچر نه هئا جيترا پٽيوالا هئا۔ جيڪي صبح جو ڪو ڪنڊ پاسو وٺي ويٺا ڪچهري ڪندا هئا ۽ جيڪر ڪنهن شاگرد ڪُجهه پُڇيو ته منهن پٽي وٺندا ته اسان کي ڪهڙي خبر مٿو نه کا۔ ٽيچر کي چانهن ٺاهي ڏيندا ته به آڪرا پيا ٿيندا۔ صفائي جو وڏو ڪم ڪرڻ لاءِ ته جمعدارن جي هڪ الڳ پلٽون هوندي ئي آهي پر هنن کي جيڪر ڪنهن چيو ته فلاڻي ليب ۾ ٽيبل تي دز وڌي وئي آهي ته وڏي ڪاريگري سان کنگهي کڙڪي ٻي پٽيوالي جو ڏس ڏيندا ته ”سائين فلاڻي کي چئو مون کي الرجي ڪري اڳي ئي کنگهه آهي“۔ هڪ دفعي ياد ٿو اچيم ته هڪ سخت ڊائريڪٽر سان ڪنهن ائين ٻه نمبري ڪئي ته کيس ميڊيڪل ليو تي موڪليائين۔ همراهه جو موڪلون پيون ڪٽجن سو چئو چوان (جيڪا ئي اسان وٽ وڏي لعنت آهي) ڪرائي اچي جوائن ڪيائين۔ هتي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ ۾ اچي ڏٺم ته هڪ وڏي بلڊنگ جي صفائي، پروفيسرز ۽ هيٺين استادن جي خذمت ۽ ٻين ڪمن ڪارين لاءِ رڳو ٻه پٽيوالا هئا۔ جيڪي روز صبح جو اچي سڄي بلڊنگ جي صفائي ڪن ۽ پوچو هڻن۔ سڀي ليبس مان ڪچري جي دٻي ۾ پيل ڊسپوزبل ٿيلهيون کڻي ڍِڳ ڪري اڇلائي اچن ۽ ٻيون وجهي وڃن۔ پوءِ به سڄو ڏينهن جنهن جيڪو ڪم چيو پيا ڪندا آهن۔ مثال طور ڪو هڪ ليب مان ٻي ليب شفٽ پيو ٿئي ته سامان کڻائڻ، ڪنهن جا ڪي ڪيميڪل آيل آهن ۽ سپلائير مين گيٽ تي لاهي روانو ٿي ويو آهي ته پيا ڍوئيندا۔ مجال آهي جو ڪڏهن خرچي گهُرن۔ شام جو پنجين تائين پوري ڊيوٽي ڏيئي پوءِ ويندا پنهنجي گهر۔ هڪ ڏينهن انهن مان هڪ باريش نالي کي سڏي حال احوال ورتم ۽ فوٽو ڪڍيم۔ ڏاڍو خوش ٿيو ته تو مون کي انهي قابل سمجهيو جو فوٽو ڪڍيئي۔ پڇيومانس ڪيئن پئي گُذري ته چوڻ لڳو ”آئون شادي شُده آهيان، ٻه ٻار اٿم ۽ هتي هن ڪم ڪندي مون کي ڪافي عرصو ٿيو آهي ۽ پگهار اٿم 840 ٽرڪش ليرا۔“ جهٽ پُڇيومانس ”انهي مان گُذارو ٿيو وڃي؟“ چوڻ لڳو ”ظاهر آهي ڏُکيو ته آهي پر ڇا ڪجي؟ بس رب جو شُڪر آهي گُذارو ٺيڪ آهي۔ 350 کن گهر جو ڪرايو ڏيان۔ 40 ليرا ٻارن جي اسڪول جي فيس آهي (هتي سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي فيس آهي) ۽ بجلي گئس پاڻي جو بل به 100 کن ليرا ۾ وڃي ٿو ڇُٽي۔ باقي 350 مان مهيني جو گاڏو هلايان ٿو۔ گورنمنٽ پاران ميڊيڪل جي سهولت ۾ ڪُجهه مدد آهي۔ تنهنڪري علاج معالجي جو خرچو ايترو نه ٿو ٿئيم“ هتي آئي مون کي ٽي مهينا ٿيا آهن انهي حساب سان جيڪو جائزو ورتو اٿ ته هتي جي روز مرهه جي خرچ جا تفصيل ڪُجهه هن ريت آهن۔ سيريل شئي جو نالو مقدار اگهه ليرا ۾اگهه روپئي ۾وضاحت 1 منرل واٽر 1 ليٽر150۔۔۔۔۔۔۔۔ 2نان 11 50۔وڏي سائيز جي ماني۔۔۔۔۔۔ 3 کير 1 ليٽر 5۔2 125۔۾۔۔۔۔۔۔ 4 ڪوڪ پيپسي 25۔2 ليٽر5۔2 125۔۔ 5 چانور1 ڪلو3150سادا چانور 6 چانور 1 ڪلو5 250سُٺا چانور 7کاڄرو تيل 1 ليٽر 5250۔۔ 8 آنا 5۔2 درجن9۔۔ 450۔في آنو 15 روپيا 9 اٽو 1 ڪلو75۔1 75۔۔ 10 مُرغي 1 ڪلو8400۔۔ 11 چانهه 1 ڪلو8400۔ٿلهي پتن واري چانهن 12 ٽماٽا 1 ڪلو5۔175۔۔ 13 آلو 1 ڪلو5۔2125۔ 14 فروٽ 1 ڪلو 2100۔ڪيلن کان علاوه 15 ڪيلا 1 ڪلو4200ڪلو ۾ وڪامن۔ 16 پئٽرول 1 ليٽر5250۔۔ 17 ڪِرايو 2 ڪمرا400 20000۔بنا فرنيچر جي 18 ڪِرايو 2 ڪمرا500 25000۔فرنيچر ساڻ هاڻ انهيءَ حساب سان ڏِسجي ته باريش جي پگهار 840 ليرا پاڻ وٽ 42000 رُپيا ٿي۔ جيڪا ڪنهن پٽيوالي جي لاءِ ته تمام گهڻي آهي۔ پر مٿي ڏنل چارٽ ۾ ڪافي سارين هڪ جهڙاين باوجود پئٽرول جي اگهه ۽ گهر جي ڪراين کي ڏسجي ٿو ته ڳالهه ڳوري آهي۔ باريش
ادا عبدالحفيظ تمام سٺي معلومات آهي توهان جي ٻڌايل تفصيل خاص ڪري بهترين چارٽ مان معلوم ٿيو ته اسان هروڀرو ٿا دانهون ڪيون ته مهانگائي تمام گهڻي آهي اگر اسان وٽ امن امان جي صورت حال بهتر ٿئي ۽ ڪرپشن ختم ٿي وڃي ته اسان جي ملڪ جهڙو ملڪ دنيا ۾ نه ملندو هيتري ڪرپشن هوندي به اتان جي ڀيٽ ۾ پئٽرول ۽ روم چارجز جو ته تمام وڏو فرق آهي بس اسان ۾ ڪو ڀلو حڪمران اچي ته ماڻهو ٻاهر وڃڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏيندا۔
باريش مان مون سمجهيو ته ڪو ڏاڙهي وارو ماڻهو آهي جنهن جو اوهان ذڪر ڪري رهيا آهيو فارسيء ۾ باريش ڏاڙهيء واري ماڻهو کي چوندا آهن۔ ليڪن پڙهڻ سان خبر پئي ته باريش ان دوست جو نالو آهي ان دوست کي اسان جي طرفان ڀاڪر پائي گهڻا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سلام چئجان۔
تمام سٺو ۔۔۔ اصل ۾ اسان وٽ ڪرپشن جي ۽ شارٽ ڪٽ جي آيل پئي، نا انصافي ۽ انتظامي نا اهلي سبب نوڪري ۾ اها سچائي به ناهي رهي۔ هاڻ اسان وٽ پٽيوالي جي پگهار آهي 20 هزار ۔۔۔۔ جيڪڏهن ٻار سرڪاري اسڪول موڪلي ته پڙهندا ڪونه جو استاد ئي ڪونه اچن۔ خانگي اسڪول موڪلي تي جيڪڏهن ٻه ٻار به هجن ته مهيني جي في گهٽ ۾ گهٽ 1200 سئو۔ گهر جو ڪرايو گهٽ ۾ گهٽ 6000 هزار بجلي جو بل 4000 هزار روپيا، گئس جو بل 500 روپيا، پاڻي جو بل ته آهي ڪونه ۔۔۔۔ کير هتي 80 روپيا ڪلو جي مهيني ۾ 10 ڪلو به وٺي ته لڳ ڀڳ هزار، ڪرايو ڪيترو مهانگو آهي۔ ڪپڙو لٽو، ٻارن جي ٻيو خرچ، ميڊيڪل، باقي هتي جيڪا مهانگائي آهي ان حساب سان 10 هزار ته ڪرياني جو بل ٿيندس، گوشت مڇي يا ٻي ڀاڄي وٺي، وري جي ڪا شادي غمي هجي ۽ ان تي به وڃڻو پويس ۔۔۔۔ هاڻ ڪر حساب ۔۔۔۔ ان حساب سان ترڪي جا 42،000 پر هر شيء قانون ۽ انصاف موجب ٿئي ته باقي ڇا کپي ۔۔۔۔ اڙي يار اهي ملڪ خوشنصيب آهن جو اتي انصاف ۽ قانون آهي۔ هڪ ٻيو به سبب آهي ته اسان هتي خواهشن کي ضرورتون بڻآئي ڇڏيو آهي۔ هتي هر ڪنهن کي سٺي گهر، ڀلي گاڏي ۽ گهرن ۾ به اي سيون گهرجن ۔۔۔۔ يار پوء ٻڌاء ته اسان جي ملڪ ۾ ڪو سڌارو ڪيئن ايندو؟
ادا عبدالحفيظ السلام عليڪم۔ الله پاڪ انسان کي اهڙي مٽي مان ٺاهيوآهي جو هو ڪنهن به حال ۾ خوش نه ٿو رهي۔ زندگي جي آسائشن کي زندگي جون ضرورتون سمجهي ان کي حاصل ڪرڻ جي تگ ودوگ ۾ لڳو پيو آهي ۽ جڏهن پنهنجي ڪوششن ۾ ناڪامياب ٿئي ٿو ته پنهنجي وسئلن کي ٻين ملڪن جي وسئلن سان ڀيٽي ٿو۔ هر ملڪ ۽ شهر جا پنهنجا طور طريقا ۽ وسيلاء هوندا آهن۔ سعودي عرب ۾ پيٽرول تمام سستو آهي ، جڏهن ته ترڪي ۾ مهانگو آهي۔ هندوستان ۽ پاڪستان ۾ دوائون بنسبت سعودي عرب جي سستيون آهن۔ رازاڪ ڪيپسول جنهن جو پڪيٽ پاڪستان ۾ 400 رپئي ۾ ملي ٿو ۔ سعودي عرب ۾ اهو ساڳيو پيڪٽ اسان کي 85 ريالن ۾ مليو، هڪ ريال50۔28 پاڪستاني رپئي جي برابر آهي۔ ان پيڪٽ جي پاڪستاني رپين ۾ قيمت ٻه هزار چار سو ٻاويهه رپيا ۽ پنجاه پيسئا ٿئي۔ ڪجه شيون اسان جي ملڪ ۾ سستيون آهن ۽ وري ڪجه شيون ٻاهرين ملڪن ۾ ۔ اسان ادا رحيم بخش جي ڳاليهن سان سوء فيصد متفق آهيون ته جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ امن قائم ٿئي وڃي ته الله پاڪ هن ملڪ کي ايترو ته زرخيز ۽ قدرتي شيون سان مالامال ڪيو آهي جو اسان کي پنهنجي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاء ڪنهن ٻئي ملڪ جي طرف ڏسڻ جي ضرورت ئي نه پوندي۔ جيڪڏهن اسان زندگي سادگي سان گذارڻ سکي وٺون ته گهٽ پگهار ۾ به مهينو آرام سان گذري ويندو نه ته سڄي عمر شڪوه ۽ شڪايتن ۾ گذري ويندي۔
ادا عبدالحفيظ اسلام عليڪم ادا ڪهرا حآل آهن۔ توهان جا موضع آءُ پورا پڙهندو آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هتي ته حشر لڳو پيو آهي هتي پٽيوالن کي ڪم چئو ته منهن اهڙو خراب ٿا ڪن ڄڻ ڪو هنن کي ڌڪ هڻي ڪڍيو هجي ان پٽيوالي ي ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته اتي جي قوم ڪنهن ڪم کي ننڍو نٿي سمجهي ڪم کي ڪم سمجهيو وڃي ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان ڪري ئي اهڙيون قومون ئي ترقي ڪنديون آهن بهترين ونڊ
توڙي جون الطاف شيخ کي گهٽ ئي پڙهيو آهي پر هو جڏهن به ٻاهرين ملڪن جو ذڪر ڪري جيڪي کڻي غريب ملڪ ئي ڇو نه هجن... پر انهن ۾ اخلاقيات ۽ ايمانداري جا داستان ٻڌائيندو رهندو آهي... ان جي تصديق توهان وٽان به ملي پئي... پر اصل ايڏو زمين ۽ آسمان جهڙو فرق اسان ۽ ٻين ملڪن ۾ ڇو آهي... ڪو هڪ بنيادي نقطو ٻڌائي سگهندو...؟
هڪ دفعي الطاف ان حوالي سان لکيو ته ڪنهن کان پڇيوسين هتي روڊ رستا ڀلا ۽ شهر صاف ڇو آهن؟ چيائين ”ڇو ته هتي ملازم گهر پگهار مان ئي هلائيندا آهن“. پر سوال وري به اهو ته اسان وٽ ايئن ڇو ناهي؟ منهنجي مشاهدي موجب گهٽ تعليم ۽ وڏي آبادي ان جو ڪارڻ آهن.
ادا جنھن ملڪ جي گورنمينٽ عوام دوست آھي ۽ عوام محنت دوست ۽ وڏي ڳالھ تعليم يافته آھي، اتي ناانصافي، بيروزگاري جو سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي.