پاڻ وٽ نؤڪري لاءِ پريشان جيڪو هيٺيون گهٽ پڙهيل يا اڻ پڙهيل طبقو آهي اهو سدائين ڪا پٽيوالي ڳوليندو پيو آهي ۽ جمهوري دؤر ۾ ڌڙا ڌڙ اهڙيون اضافي سيٽون ڀريون وينديون آهن جيڪي پئدا ئي وؤٽرن کي خوش ڪرڻ لاءِ ويون ۽ مختلف ايم اين اي ايم پي اچي اُهي خالي ٿيل سيٽون ٻيهر ڀري وؤٽ پڪا ڪندا رهيا۔ ڪٿي ته کڻي ضرورت هوندي به آهي ماڻهن جي پر اڪثر ڄڳهن تي ته ماڻهو گهڻا ڪم ٿورو واري ڪار هوندي آهي۔ ٿورو ڪم به اهي همراهه (سروس پيرڊ وڌڻ تي) گهٽ ڪندا آهن۔ ڇو ته سينيئر ٿيڻ کان پوءي ڪم ڪرڻ سندن شان وٽان ناهي هوندو۔ بس مڙئي آيا حاضري ڀري ۽ وري پنهنجا ذاتي خفا ڳوليندا جتان وڌندڙ مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪمائي جا ٻيا ذريعا ڳوليندا۔ هڪ ته آبادي گهڻي هُجڻ ۽ پڙهائي جو تناسب گهٽ هُجڻ ڪري بيروزگاري وڌي ٿي پئي ۽ ٻيو وري پاڻ وٽ گورنمنٽ نؤڪري معنى ڪو ڪم نه بس آرام ئي آرام واري روش به اها گهُرج وڌائي ٿي۔
ڪڏهن ڪڏهن ڪي مثال ملن ٿا جيڪي ويچارا گورنمنٽ نؤڪري ڪندي به پرائيويٽ نؤڪري واري ڪار ڪندي پنهنجو وقت ڪڍي ويا۔ اهڙا ماڻهو ويچارا زندگي جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ ۾ اؤکا ضرور هوندا آهن پر انهي جي چڪر ۾ پنهنجي ضمير وڪڻڻ جو سمجهوتو نه ڪندا آهن۔ اڪثر کين پنهنجن پراون کان طعنو ملندو رهي ٿو ”سڀني ڪم ڪيو جو بس تنهنجي ڪم ڪرڻ سان اداري کي ٿوڻي اچي ويندي“ پر هو ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري پيا ڪم ڪندا آهن۔
تُرڪي ۾ اچي ڏِٺم ته بلڪل الٽو قصو هو۔ آبادي گهٽ ۽ لٽريسي ريٽ وڌيڪ هُجڻ ڪري بيروزگاري جي ايڏي دانهن ناهي۔ نه وري ايم اين اي يا ايم پي ايز هتي سرڪاري ادارن ۾ غير ضروري جايون پئدا ڪرائي پاڻ وؤٽ ورتا ۽ وؤٽر هڏ حرامي ڪندي عُمر گُذاري۔ مون کي ياد آهي ته سنڌيونيورسٽي ۾ ڪيمسٽري ۾ ايترا ٽيچر نه هئا جيترا پٽيوالا هئا۔ جيڪي صبح جو ڪو ڪنڊ پاسو وٺي ويٺا ڪچهري ڪندا هئا ۽ جيڪر ڪنهن شاگرد ڪُجهه پُڇيو ته منهن پٽي وٺندا ته اسان کي ڪهڙي خبر مٿو نه کا۔ ٽيچر کي چانهن ٺاهي ڏيندا ته به آڪرا پيا ٿيندا۔ صفائي جو وڏو ڪم ڪرڻ لاءِ ته جمعدارن جي هڪ الڳ پلٽون هوندي ئي آهي پر هنن کي جيڪر ڪنهن چيو ته فلاڻي ليب ۾ ٽيبل تي دز وڌي وئي آهي ته وڏي ڪاريگري سان کنگهي کڙڪي ٻي پٽيوالي جو ڏس ڏيندا ته ”سائين فلاڻي کي چئو مون کي الرجي ڪري اڳي ئي کنگهه آهي“۔
هڪ دفعي ياد ٿو اچيم ته هڪ سخت ڊائريڪٽر سان ڪنهن ائين ٻه نمبري ڪئي ته کيس ميڊيڪل ليو تي موڪليائين۔ همراهه جو موڪلون پيون ڪٽجن سو چئو چوان (جيڪا ئي اسان وٽ وڏي لعنت آهي) ڪرائي اچي جوائن ڪيائين۔
هتي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ ۾ اچي ڏٺم ته هڪ وڏي بلڊنگ جي صفائي، پروفيسرز ۽ هيٺين استادن جي خذمت ۽ ٻين ڪمن ڪارين لاءِ رڳو ٻه پٽيوالا هئا۔ جيڪي روز صبح جو اچي سڄي بلڊنگ جي صفائي ڪن ۽ پوچو هڻن۔ سڀي ليبس مان ڪچري جي دٻي ۾ پيل ڊسپوزبل ٿيلهيون کڻي ڍِڳ ڪري اڇلائي اچن ۽ ٻيون وجهي وڃن۔ پوءِ به سڄو ڏينهن جنهن جيڪو ڪم چيو پيا ڪندا آهن۔ مثال طور ڪو هڪ ليب مان ٻي ليب شفٽ پيو ٿئي ته سامان کڻائڻ، ڪنهن جا ڪي ڪيميڪل آيل آهن ۽ سپلائير مين گيٽ تي لاهي روانو ٿي ويو آهي ته پيا ڍوئيندا۔ مجال آهي جو ڪڏهن خرچي گهُرن۔ شام جو پنجين تائين پوري ڊيوٽي ڏيئي پوءِ ويندا پنهنجي گهر۔
هڪ ڏينهن انهن مان هڪ باريش نالي کي سڏي حال احوال ورتم ۽ فوٽو ڪڍيم۔ ڏاڍو خوش ٿيو ته تو مون کي انهي قابل سمجهيو جو فوٽو ڪڍيئي۔ پڇيومانس ڪيئن پئي گُذري ته چوڻ لڳو
”آئون شادي شُده آهيان، ٻه ٻار اٿم ۽ هتي هن ڪم ڪندي مون کي ڪافي عرصو ٿيو آهي ۽ پگهار اٿم 840 ٽرڪش ليرا۔“
جهٽ پُڇيومانس ”انهي مان گُذارو ٿيو وڃي؟“
چوڻ لڳو ”ظاهر آهي ڏُکيو ته آهي پر ڇا ڪجي؟ بس رب جو شُڪر آهي گُذارو ٺيڪ آهي۔ 350 کن گهر جو ڪرايو ڏيان۔ 40 ليرا ٻارن جي اسڪول جي فيس آهي (هتي سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي فيس آهي) ۽ بجلي گئس پاڻي جو بل به 100 کن ليرا ۾ وڃي ٿو ڇُٽي۔ باقي 350 مان مهيني جو گاڏو هلايان ٿو۔ گورنمنٽ پاران ميڊيڪل جي سهولت ۾ ڪُجهه مدد آهي۔ تنهنڪري علاج معالجي جو خرچو ايترو نه ٿو ٿئيم“
هتي آئي مون کي ٽي مهينا ٿيا آهن انهي حساب سان جيڪو جائزو ورتو اٿ ته هتي جي روز مرهه جي خرچ جا تفصيل ڪُجهه هن ريت آهن۔
سيريل
|
شئي جو نالو
|مقدار |
اگهه ليرا ۾
|
اگهه روپئي ۾
|
وضاحت
\ 1 | منرل واٽر | 1 ليٽر | 1 | 50۔ | ۔ ۔۔۔۔۔۔
\ 2 | نان | 1 | 1 | 50۔ | وڏي سائيز جي ماني ۔۔۔۔۔۔
\ 3 | کير | 1 ليٽر | 5۔2 | 125۔ | ۾ ۔۔۔۔۔۔
\ 4 | ڪوڪ پيپسي | 25۔2 ليٽر |5۔2 | 125 ۔ | ۔
\ 5 | چانور | 1 ڪلو | 3 | 150 | سادا چانور
\ 6 | چانور | 1 ڪلو | 5| 250 | سُٺا چانور
\ 7 |کاڄرو تيل | 1 ليٽر | 5 | 250۔ | ۔
\ 8 | آنا | 5۔2 درجن | 9 ۔۔ | 450۔ | في آنو 15 روپيا
\ 9 | اٽو | 1 ڪلو | 75۔1 | 75۔ | ۔
\ 10 | مُرغي | 1 ڪلو | 8 | 400 ۔ | ۔
\ 11 | چانهه | 1 ڪلو | 8 | 400۔ | ٿلهي پتن واري چانهن
\ 12 | ٽماٽا | 1 ڪلو | 5۔1 | 75۔ | ۔
\ 13 | آلو | 1 ڪلو | 5۔2 | 125 | ۔
\ 14 | فروٽ | 1 ڪلو | 2 | 100۔ | ڪيلن کان علاوه
\ 15 | ڪيلا | 1 ڪلو | 4 | 200 | ڪلو ۾ وڪامن۔
\ 16 | پئٽرول | 1 ليٽر | 5 | 250۔ | ۔
\ 17 | ڪِرايو | 2 ڪمرا |400 | 20000۔ | بنا فرنيچر جي
\ 18 | ڪِرايو | 2 ڪمرا |500 | 25000۔ | فرنيچر ساڻ
هاڻ انهيءَ حساب سان ڏِسجي ته باريش جي پگهار 840 ليرا پاڻ وٽ 42000 رُپيا ٿي۔ جيڪا ڪنهن پٽيوالي جي لاءِ ته تمام گهڻي آهي۔ پر مٿي ڏنل چارٽ ۾ ڪافي سارين هڪ جهڙاين باوجود پئٽرول جي اگهه ۽ گهر جي ڪراين کي ڏسجي ٿو ته ڳالهه ڳوري آهي۔
باريش

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: