چنچي، ڪراچي ۽ سنڌي نوجوان. تحرير نثار ابڙو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2014۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

    [​IMG]

    تحرير نثار ابڙو۔
    اسين نوجوانيءَ جي عمر ۾ جڏهن به سنڌ جي شهر سن ۾ محترم سائين جي ايم سيد سان ملڻ ويندا هياسون ته سائين محترم اسانکي تلقين ڪندو هو ته ؛ ” جيڪڏهن سنڌي فقير اوهانکي لاڙڪاڻي يا سنڌ جي ڪنهن شهر ۾ پنندي ملي ته کيس ڪراچيءَ جو ٽڪيٽ وٺي ڏيندا ته جيئن هو ڪراچيءَ ۾ وڃي پني“
    ان وقت ڪراچيءَ ۾ اڃان نه ته ايم ڪيو ايم ٺهي هئي ۽ نه ئي وري مهاجر، پٺاڻ يا پنجابي ڪراچيءَ جي مالڪيءَ جون حامون هڻندا هيا، پر سائين محترم جي ايم سيد جي تيز نظر ان ڳالهه کي پروڙي ورتو هو ته سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيو وڃي ڪٿي ائين نه ٿئي ته ٻيون قومون يا ڌاريا ٽولا ڪراچيءَ ۾ اڪثريت ۾ اچي ڌرتي ڌڻين کي ڏکيا ڏينهن ڏيکارن.
    ۽ سائين محترم جي ايم سيد جو اهو خدشو صحي ثابت ٿيو، اسين جيڪڏهن ان وقت کان پنهنجين سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ مستقل آباد ڪرڻ جا جتن ڪريون ها ته اڄ صورتحال ڪجهه مختلف هجي ها.پر پوءِ به مونکي هڪ خوشي ٿي ته ڪراچيءَ ۾ زور زبردستيءَ سان آباد ڪيل ڪجهه سنڌي آبادين سنڌين جي آباڪاريءَ ۾ تمام گهڻو واڌارو ڪيو آهي ۽ انکان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي ٿي ته ڪراچيءَ ۾ هلندڙ گهڻي ڀاڱي چنچين تي ڪم ڪندڙ سنڌي نوجوان آهن. جيڪي سنڌ جي مختلف شهرن مان اچن ٿا ۽ ڪراچيءَ ۾ اچي سستي ۽ سٺي سواري چنچي وٺي هلائن ٿا.
    ڪيترن علائقن ۾ چنچين جي هلڻ سبب، پٺاڻن جي هلندڙ مني بسين کي ڪاپاري ڌڪ پڻ لڳو آهي. آءُ دعوت ڏيانٿو سڀني سنڌي نوجوانن کي ته هو ڪراچيءَ ۾ اچي پنهنجا ننڍڙا ننڍڙا ڪاروبار ڪن ۽ پنهنجي خاندان جي ڪفالت ڪري خوشحال ٿين.ڪراچي اوهانجي آهي ۽ اوهانکي ئي ان جي مالڪي ڪرڻي آهي، اچو ته سڀ گڏجي ان ڪم کي سرانجام ڏيون ... سنڌي دوستن لاءِ ننڍڙا وڏڙا ڪاروبار کولرائي ڏيڻ جا جتن ڪريون.​
    واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو
    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بلڪل ڪراچي ۾ روزگار جا ڪافي موقعا آهن، چنگچي کان علاوهه ٻيا به ڪيئي ڪاروبار آهن جيڪي ڪري سگهجن ٿا۔ بس نوجوانن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هو شارٽ ڪٽ جي چڪر کان بچن ۽ محنت سان ڪم ڪن ته سڀ ڪجهه ممڪن آهي ۽ هيڏو وڏو ملڪن جيڏو شهر اسان لاء ڪيترائي روزگارن جا موقعا ڏئي ٿو۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    نثارابڙو صاحب اوهان جي اها سوچ سوين سلاميون لهي ته سنڌيو ڪراچي جي مالڪي ڪريو ڪراچي وسايو. اسان جو دوست حفيظ ڪنڀر چوندو آهي عيد ڪرڻ ڳوٺ وڃڻ واري عادت به ڇڏيو. ڇو ته عيد تي سنسان ٿي ويندڙ قاسم آباد ۽ سچ ڳوٺ ڌارين لاءِ هڪ پڪو آسرو آهي ته ٿورو به ڏکيو وقت آيو ته سنڌي ڀڄي ويندا پنهنجي ڳوٺن.
    افسوس جو سنڌ جي دل ۾ سنڌين جي حالت اها آهي جيڪا حفيط پنهنجي نظم جي ۾ لکي
    ”سگنل ڪنهن تي سنڌ ملي ٿي
    ”روئندي لڙيل ڪنڌ ملي ٿي
    سورن ورتل سَنڌ ملي ٿي
    پيٽ بُکئي ۽ پنڌ ملي ٿي
    روڊن تي هر هنڌ ملي ٿي”

    اها نظم حفيظ ڪنڀر پنهنجي مخصوص اندازِ بيان ۾ سجاول ۾ پيش ڪئي فاضل راهو جي ورسي جي رکيل جلسي ۾.

     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو