ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن

تحرير نثار ابڙو۔
اسين نوجوانيءَ جي عمر ۾ جڏهن به سنڌ جي شهر سن ۾ محترم سائين جي ايم سيد سان ملڻ ويندا هياسون ته سائين محترم اسانکي تلقين ڪندو هو ته ؛ ” جيڪڏهن سنڌي فقير اوهانکي لاڙڪاڻي يا سنڌ جي ڪنهن شهر ۾ پنندي ملي ته کيس ڪراچيءَ جو ٽڪيٽ وٺي ڏيندا ته جيئن هو ڪراچيءَ ۾ وڃي پني“
ان وقت ڪراچيءَ ۾ اڃان نه ته ايم ڪيو ايم ٺهي هئي ۽ نه ئي وري مهاجر، پٺاڻ يا پنجابي ڪراچيءَ جي مالڪيءَ جون حامون هڻندا هيا، پر سائين محترم جي ايم سيد جي تيز نظر ان ڳالهه کي پروڙي ورتو هو ته سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيو وڃي ڪٿي ائين نه ٿئي ته ٻيون قومون يا ڌاريا ٽولا ڪراچيءَ ۾ اڪثريت ۾ اچي ڌرتي ڌڻين کي ڏکيا ڏينهن ڏيکارن.
۽ سائين محترم جي ايم سيد جو اهو خدشو صحي ثابت ٿيو، اسين جيڪڏهن ان وقت کان پنهنجين سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ مستقل آباد ڪرڻ جا جتن ڪريون ها ته اڄ صورتحال ڪجهه مختلف هجي ها.پر پوءِ به مونکي هڪ خوشي ٿي ته ڪراچيءَ ۾ زور زبردستيءَ سان آباد ڪيل ڪجهه سنڌي آبادين سنڌين جي آباڪاريءَ ۾ تمام گهڻو واڌارو ڪيو آهي ۽ انکان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي ٿي ته ڪراچيءَ ۾ هلندڙ گهڻي ڀاڱي چنچين تي ڪم ڪندڙ سنڌي نوجوان آهن. جيڪي سنڌ جي مختلف شهرن مان اچن ٿا ۽ ڪراچيءَ ۾ اچي سستي ۽ سٺي سواري چنچي وٺي هلائن ٿا.
ڪيترن علائقن ۾ چنچين جي هلڻ سبب، پٺاڻن جي هلندڙ مني بسين کي ڪاپاري ڌڪ پڻ لڳو آهي. آءُ دعوت ڏيانٿو سڀني سنڌي نوجوانن کي ته هو ڪراچيءَ ۾ اچي پنهنجا ننڍڙا ننڍڙا ڪاروبار ڪن ۽ پنهنجي خاندان جي ڪفالت ڪري خوشحال ٿين.ڪراچي اوهانجي آهي ۽ اوهانکي ئي ان جي مالڪي ڪرڻي آهي، اچو ته سڀ گڏجي ان ڪم کي سرانجام ڏيون ... سنڌي دوستن لاءِ ننڍڙا وڏڙا ڪاروبار کولرائي ڏيڻ جا جتن ڪريون.
واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جوان وقت ڪراچيءَ ۾ اڃان نه ته ايم ڪيو ايم ٺهي هئي ۽ نه ئي وري مهاجر، پٺاڻ يا پنجابي ڪراچيءَ جي مالڪيءَ جون حامون هڻندا هيا، پر سائين محترم جي ايم سيد جي تيز نظر ان ڳالهه کي پروڙي ورتو هو ته سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيو وڃي ڪٿي ائين نه ٿئي ته ٻيون قومون يا ڌاريا ٽولا ڪراچيءَ ۾ اڪثريت ۾ اچي ڌرتي ڌڻين کي ڏکيا ڏينهن ڏيکارن.