شاهين لطيف ، سنڌي ،
سينيئر رڪن
ڊکڻ رپورٽ (سلمان صالح عيساڻي) ڊکڻ لڳ ن ليگ جي سرگرم اڳواڻ نويد ابڙو جو والد مختصر علالت بعد لاڏاڻو ڪري ويو, سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي، ن ليگ جا اڳواڻ تڏي تي پهتا، وارثن سان تعزيت هلندڙ. رپورٽ موجب ڊکڻ لڳ واقع ڳوٺ پيرچنڊام جي مسلم ليگ نواز جي سرگرم اڳواڻ نويد علي ابڙو جو والد مولوي گلبهار ابڙو لڳ ڀڳ 75 سالن جي ڄمار ۾ مختصر علالت بعد لاڏاڻو ڪري ويو آهي، جنهن کي سوين آلين اکين سان ڳوٺ پيرچنڊام جي قديمي قبرستان ۾ مٽيءِ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي جڏهن تـ ن ليگ اڳواڻ اظهر ڪماريو، نعيم ڪماريو ۽ ٻيا اڳواڻ تڏي تي پهتا جڏهن تـ مرحوم جي پونيئرن سان تعزيت سلسلو هلندڙ آهي.(28 جنوري 2014)